
شاهه شهيد جو مقبرو
شاھہ شھيد جو مقبرو: هيءُ مقبرو ڳوٺ بوبڪ جي اوڀر کان ساڍا چار ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ديھہ ڀلهڻ، تعلقي سيوهڻ ۾ "56'25°26 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "28'45°67 ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هن مقبري جو ڪـُل رقبو 44x6 چورس ميٽر آهي ۽ عام اسلامي طرز جو تعمير ٿيل هو، جيڪو هن وقت تمام خستہ حاليءَ جو شڪار آهي. مقبري جو گنبذ پوريءَ طرح ڪِري پيو آهي ۽ محض اٺڪنڊي بناوٽ جو هيٺيون بنيادي ڍانچو ڪي قدر بچيل آهي. مقبري اندر ٻہ مزارون آهن، جن مان هڪ شاھہ شھيد جي آهي ۽ ٻيءَ بابت ڪا بہ معلومات نہ ملي سگهي آهي. اهي مزارون ارڙهين صديءَ (ڪلهوڙا دور) جون آهن. مقبرو ايتريقدر ويران ۽ زبون حاليءَ جو شڪار آهي، جو ڪنهن بہ وقت ڊهي پٽ ٿي سگهي ٿو. مقبري جو مکيہ دروازو ڏکڻ طرف هو، جيڪو پڻ وقت سان گڏ مسمار ٿي چڪو آهي. موجودہ وقت ۾ مقبري جا صرف آثار نمايان آهن.