شاھہ صدر

شاھہ صدر: لاڙ جي بزرگ شاھہ صدر جي مزار ضلعي بدين ۾ ڳوٺ حاجي عثمان چانڊيي ۽ ڳٺي ڍوري جي الهندي طرف آهي. پاڻ غوث بھاءُ الدين ملتاني جو معتقد هو. روايت آهي تہ بھاءُ الدين ملتانيءَ کي ٺٽي ۾ مقامي ماڻهن قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي هئي، جنهن بعد ٺٽي جي سنڌي ماڻهن جو ملتان وڃڻ بند ڪيو ويو هو. تڏهن هن بزرگ راڄسين سومراڻيءَ سان گڏجي ملتان وڃي غوث بھاءُ الدين جي حاضري ڀري سنڌي ماڻهن کي ملتان وڃڻ جي اجازت وٺي ڏني هئي. شاھہ صدر تي مقامي معتقد ساليانو ميلو لڳائيندا آهن ۽ لنگر عام هلندو آهي.


لفظ شاھہ صدرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو