شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي پراڻي درگاهه جو ڏيک

شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي پراڻي درگاهه جو ڏيک

شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي نئين درگاهه جو ڏيک

شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي نئين درگاهه جو ڏيک

شاھہ صدر لڪي

شاھہ صدر (لڪي): مير علي شير قانع هن خاندان (لڪياري سادات) جي باري ۾ هي راءِ ڏني آهي: لڪي (لڪعلوي) ناليرو شھر سيدن جي رهڻ جو هنڌ آهي. اتي جو جبل سنڌ جو هڪ نهايت سوڙهو لڪ آهي. سيد علي بن عباس پهريون سيد آهي، جو اتي اچي رهيو. سندس نسبي سلسلو امام موسيٰ ڪاظم سان وڃي ملي ٿو. اروڙ جي حڪمران دلوراءِ (جو وڏو ظالم حاڪم هو)، پنھنجي ڀاءُ ڇٽي بن آمر جي هدايت تي توبھہ تائب ٿي، سيد عليءَ جي خدمت ۾ پيش ٿيو. هن پنھنجي نياڻي بہ سيد جي نڪاح ۾ ڏني. ان مان هن کي چار پٽ: سيد محمد، سيد مراديو، سيد حاجي عرف ڀرڪيو، ۽ سيد چڱو پيدا ٿيا. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 363) مير قانع ‘آمري’ شھر جي بيان ۾ شاھہ صدر (سيد صدرالدين) جو ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو ته، سيد صدرالدين عرف صدر بن سيد محمد، روشن نشانين ۽ ظاهر ڪرامتن جو مالڪ، وقت جو ولي، زماني جي مشائخن جو سردار، سيد جو فخر ۽ جملي برڪتن جو جامع هو. سندس اولاد سنڌ ۾ نجيب خاندان ۽ اصل گهراڻي هجڻ ۾ مشھور آهي. سندس ڪجهہ اولاد سيوهڻ ۾ رهي ٿو ۽ ڪي ٻيا سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهن. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 364) سيد حسام الدين راشدي مرحوم هڪ مضمون ۾، اروڙ، ڀانڀرا (برهمڻ آباد)، دلوراءِ، ڇٽي پٽ آمر، جنهن دور ۾ سيد علي سنڌ ۾ آيو، ۽ لاڳاپيل عنوانن تي بحث ڪري، ڪجهہ سوالن کي جنم ڏيندي، لڪياري ساداتن جي باري ۾ احوال مهيا ڪيو آهي. راشدي خاندان خود به، لڪياري ساداتن جي هڪ شاخ آهي. ان ڪري حسام الدين ان متعلق، خاندان جي هڪ فرد ۽ هڪ عالم طور بحث ڪرڻ ۾، ۽ ڪي سوال پڇڻ ۾ برابر جو حقدار هو. (پير حسام الدين راشدي، ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’، ص 359- 363)
اعجاز الحق قدوسي، شاھہ صدرالدين جي باري ۾ لکندي، مير علي شير قانع ۽ راشدي صاحب جي تحقيق جو سهارو ورتو آهي. شاھہ صدر وٽان هزارن انسانن تصوف ۽ عرفان جي دولت حاصل ڪئي. ماڻهو پري پري کان ڪھي اچي، حضرت شاھہ صدر جي خدمت ۾ پهچي روحاني فيض پرائيندا هئا. سنڌ ۾ قادري سلسلي جي واڌاري ۾ شاھہ صدر جو وڏو ڪردار آهي.
شاھہ صدر جي وفات جي تاريخ معلوم ڪونهي. البت سندس مزار اسٽيشن لڪي شاھہ صدر جي ڀرسان، هر عام ۽ خاص جي زيارت گاھہ آهي. مقبري جي دروازي تي ڪتبو هن ريت آهي:
سال تاريخش بجستم ازخرد،
هاتفم گفتا ‘بھشت اهل بيت
ٽالپر دور جي خاتمي وقت لطف هندستاني، انگريز عملدار ايسٽ وِڪ سان گڏ، سموري سنڌ گهمي ڏٺي هئي. واپسيءَ تي لطف پنھنجي زندگيءَ جو احوال لکيو، جنهن کي ايسٽ وِڪ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو هو. لطف الله، لڪي شاھہ صدر بہ پهتو هو. پاڻ
هن ڏس ۾ لکي ٿو، لڪي هڪ وڏو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ سؤ کن گهر آهن. هتي سنڌ جا سيد رهن ٿا. مون شاھہ صدر جي درگاھہ جي زيارت ڪئي، جا سيوهڻ جي هڪ جبل جي دامن ۾ آهي. هي درگاھہ ڳوٺ کان ٽي سئو گز پري آهي. هي مشھور بزرگ عرب مان آيو هو، جنهن
جي فيض سان هزارين ڪافر مسلمان ٿيا. هي مقبرو نادر شاھہ جي حڪم سان 1155ھہ (1742ع) ۾ تعمير ٿيو هو. مقبري تي موجود ڪتبي مان ان جي تعمير جي خبر پوي ٿي. (‘لطف کي آپ بيتي’، ص 179)
ياد رهي تہ لڪياري سادات سڄي سنڌ ۾ موجود آهن، ۽ ٻيو تہ سنڌ جو مشھور راشدي خاندان به، لڪيارين جي هڪ شاخ آهي. نامور پير پاڳارن جو خاندان بہ لڪياري ساداتن سان تعلق رکي ٿو. سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاھہ (لڪياري)، جي حڪم تي شاھہ صدر جو عاليشان نئون مقبرو ٺھي راس ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو