شاھہ عبدالرحمٰن سنڌي

شاھہ، عبدالرحمــٰن سنڌي: سنڌ جو بزرگ، عالم دين، شاھہ عبدالرحمٰن ولد سيد محمد محسن 1161ھہ/1748ع ڌاري مخدومن جي ڳوٺ، تعلقي پني عاقل، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. هن قرآن پاڪ جي تعليم آخوند هدايت کان حاصل ڪئي، صرف و نحو ۽ فقہ جو علم مولانا عبدالحڪيم کان حاصل ڪيائين، جنهن کانپوءِ روحاني تعليم لاءِ سيد محمد عالم کي پنهنجو مرشد ڪري ورتائين، جنهن بعد وڌيڪ علم پرائڻ جي طلب ۾ مهارون پهتو ۽ اتي شيخ اسدالله کان منطق ۽ حڪمت جو علم حاصل ڪيائين. اتان پوءِ انگ بلاول ڳوٺ ۾ ويو، اتي ڪي درسي ڪتاب شيخ ڪليم وٽ پڙهيائين ۽ ان جي صحبت ۾ ڳچ عرصو رهيو. ان کانپوءِ رامپور هليو ويو، جتي شيخ محمود کان حڪمت، رياضي ۽ طبعيات جو علم حاصل ڪيائين ۽ ڪن عالمن کان حديث جي سند بہ ورتائين. ان کانپوءِ بھار هليو ويو، جتي بحرالعلوم عبدالعليءَ کان درس حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ موٽي پنھنجي ديس آيو ۽ حيدرآباد ۾ ڪجهه سال درس ڏيڻ ۾ مشغول رهيو. جنهن کان پوءِ 1205ھہ/ 1790ع ۾ حج ڪرڻ هليو ويو، اتان موٽي پنھنجي اباڻيڳوٺ آيو، جتي ڪيترائي سال شاگردن کي ديني تعليم ڏيندو رهيو. ان کان پوءِ شاھہ صاحب اجوڌن ڏانهن اسريو ۽ اتي پهچي چڱي مدت شيخ فريد الدين مسعود جي قبر تي مجاور ٿي رهيو، جتان وري اجمير هليو ويو، اجمير ۾ خواجہ معين الدين جي درگاھہ تي بہ چڱا چلا ڪاٽيائين. ان کانپوءِ دهلي هليو ويو ۽ شيخ محمد عظيم دهلويءَ کان طريقت جو علم حاصل ڪيائين. بعد ۾ شاھہ صاحب لکنؤ ويو ۽ شيخ محمد مينا جي قبر تي ست سال رهيو. اتان پوءِ مسجد پنڊائن ڏانهن هليو ويو ۽ عمر جي آخري گهڙيءَ تائين اتي رهيو.
هي عالم ٻين عالمن کان مختلف طبيعت رکندو هو، مسجد جي اڱڻ تي ساز سرود تي راڳ ٻڌندو هو ۽ عالمن جي روڪ ٽوڪ هوندي بہ راڳ ٻڌندو ۽ وجد ڪندو هو. امام حسن عليہ السلام ۽ امام حسين عليہ السلام جي نالي تي جيڪي تابوت ٺاهيا ويندا هئا، انهن جي تعظيم جو قائل هوندو هو. مولانا صاحب جون ڪجهه تصنيفون ۽ تاليفون بہ يادگار آهن، جن ۾: ‘ڪلمه الحق’ (هي ڪتاب وحدت الوجود جي موضوع تي لکيل آهي)، ‘مفتاح التوحيد’، ‘جهدالمقل’، ‘سرالانسان’ قابل ذڪر آهن. مولانا صاحب جي شاگردن ۾ مولانا امير علي لکنوي ۽ شاھہ حسين فرخ آباديءَ جو نالو ڪافي مشھور آهي.
شاھہ عبدالرحمٰن سنڌيءَ، 6 ذوالقعد 1245ھہ/1829ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو