شـاهه عبـداللـطـيـف يونيـورسٽـي خـيـرپـورميرس

شـاهه عبـداللـطـيـف يونيـورسٽـي خـيـرپـورميرس

شـاهه عبـداللـطـيـف يونيـورسٽـي خـيـرپـورميرس

شـاهه عبـداللـطـيـف يونيـورسٽـي خـيـرپـورميرس

شـاهه عبـداللـطـيـف يونيـورسٽـيءَ جي سينٽرل لائبرري

شـاهه عبـداللـطـيـف يونيـورسٽـيءَ جي سينٽرل لائبرري

شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس

شـاھہ عبـداللـطـيـف يونيـورسٽـي خـيـرپـورميرس: هيءَ يونيورسٽي، خيرپور شھر ۾ واقع آهي، جنهن جو بنياد 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمپس طور پيو، بعد ۾ سنڌ جي اترين علائقن ۾ اعليٰ تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ 1986ع ۾ هن ڪئمپس کي باقاعدہ يونيورسٽيءَ جو درجو ڏئي سنڌ جي صوفي شاعر شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نسبت سان شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور جو نالو ڏنو ويو. هن يونيورسٽيءَ جو افتتاح ان وقت جي وزيراعليٰ سنڌ، سيد غوث علي شاھہ ڪيو. هيءَ يونيورسٽي 2911 ايڪڙ ايراضيءَ تي مشتمل آهي.
شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ هيٺيون فئڪلٽيز قائم آهن:
فئڪلٽي آف آرٽس اينڊ لئنگئيجز،
فئڪلٽي آف نيچرل سائنس
فئڪلٽي آف فزيڪل سائنسز
فئڪلٽي آف سوشل سائنسز
فئڪلٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز
فئڪلٽي آف ايجوڪيشن
تحقيقي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ يونيورسٽيءَ طرفان چيئرز قائم آهن، جن ۾ سچل سرمست چيئر، بينظير ڀٽو چيئر، شيخ اياز چيئر، روضي ڌڻي چيئر ۽ تنوير عباسي ڪارنر قابل ذڪر آهن.
هن وقت شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ۽ ايم. فل جي شاگردن/ شاگردياڻين سميت انڊر گريجوئيٽس ۽ پوسٽ گريجوئيٽس جا لڳ ڀڳ 8 هزار نوجوان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. جن مان سنڌي شعبي ۾ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر ملڪ نديم، ڊاڪٽر سخي قبول محمد درازي، ڊاڪٽر عبدالرزاق جسڪاڻي، ڊاڪٽر غلام احمد بدوي، ڊاڪٽر
مھر خادم، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ۽ ٻيا ڪيترا پي. ايڇ. ڊي ڪري چڪا آهن.
هن يونيورسٽيءَ جو چانسلر سنڌ جو گورنر هوندو آهي. هن وقت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھہ ۽ رجسٽرار عبدالغفار شاھہ راشدي آهن. هن کان اڳ نامور اديب حميد سنڌي، نيلوفر شيخ ۽ ٻيا وي. سي رهي چڪا آهن.
شاھہ عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ قائم مختلف شعبن طرفان ڪيترائي تحقيقي جنرل شايع ٿيندا رهن ٿا، جن ۾ سنڌي شعبي طرفان ‘ڀٽائي ’ ، اردو شعبي طرفان ‘الماس’، آرڪيالاجي شعبي طرفان Ancient Sindh، اسلامڪ اسٽڊيز شعبي طرفان ‘بيان الحڪم’، اڪانامڪس ۽ ڪامرس شعبي طرفان SALU- Commerce and Economics Review، ۽ نيچرل سائنسز فيڪلٽيءَ طرفان Scientific Sindh تحقيقي جرنل قابل ذڪر آهن.
هن يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرن لاءِ پنج هاسٽل قائم آهن، جن ۾ پروفيسر عطا محمد حامي هاسٽل، سچل سرمست هاسٽل، شھباز هاسٽل، 200 بوائز هاسٽل، ۽ ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي اسٽوڊنٽس هاسٽل کان سواءِ ڇوڪرين لاءِ ٽي هاسٽلس آهن، جن ۾ نوري گرلس هاسٽل، شھيد بينظير ڀٽو گرلس هاسٽل ۽ بيبي فاطمہ زهرا هاسٽل شامل آهن.
هن يونيورسٽيءَ جو شڪارپور ۾ ڪئمپس 2013ع ۾ قائم ٿيو، جنهن جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر لطف منگي آهي، جڏهن تہ شھدادڪوٽ ۾ پڻ ڪئمپس قائم ڪيو ويو آهي.
خيرپور يونيورسٽيءَ ۾ هر سال ست - اٺ هزار شاگرد توڙي شاگردياڻيون مختلف شعبن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿا.


لفظ شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو