شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ميوزڪ اسڪول ڀٽ شاھہ: ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز پاران ڀٽ شاھہ تي شاھہ جي راڳ جي سکيا لاءِ، 7 جولاءِ 2005ع تي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ميوزڪ اسڪول جو بنياد رکيو ويو، جنهن جو افتتاح ان وقت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي وزير شبير احمد قائمخانيءَ ڪيو هو.
هن وقت تائين اهو اسڪول هڪ ڪمري تي مشتمل آهي، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاھہ جي ڏکڻ طرف، ڪراڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آهي، جنهن جي اتر اولھہ ۾ ريسٽ هائوس ۽ ڏکڻ اولھہ ۾ موسيقارن جي هاسٽل آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳين جي اڳواڻ، فقير جمن شاھہ، 1995ع کان پنهنجو هڪ خانگي اسڪول کوليو، جنهن ۾ بنا ڪنهن اجوري وٺڻ جي، لڳ ڀڳ پندرهن کان ويهن شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏنائين. پوءِ انهيءَ ئي اسڪول کي 2005ع ۾، ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جي ماتحت ڪيو ويو ۽ 2007ع ۾، اسڪول لاءِ ٻہ استاد مقرر ٿيا، جن ۾ هڪڙو فقير جمن شاھہ آهي، جيڪو هن وقت سرپرست پڻ آهي. اسڪول قائم ٿيڻ وقت 15 جي لڳ ڀڳ شاگرد هئا. شاگردن جو انگ وڌندو رهي ٿو. هن وقت پنجاھہ شاگرد آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن سان تعلق رکن ٿا.
انهيءَ اسڪول ۾ هفتي جا پنج ڏينهن ڪلاس هلن ٿا ۽ هر ڏينهن ۾ ٻہ شفٽون ٿينديون آهن. پهرين صبح جو 9 وڳي کان هڪ وڳي تائين ۽ ٻي شفٽ شام جو پنجين وڳي کان رات جو اٺين وڳي تائين، ڪورس جو ڪل مدو ٻہ سال آهي ۽ هر ڇهين مهيني امتحان ٿيندو آهي. امتحان دوران ٻہ دنبورا، ٻن استادن کي ڏبا آهن ۽ ٻہ شاگردن کي. ٻنهي ڌرين جي اڳيان راڳي ۽ امتحان وٺندڙ ويهندا آهن، جيڪي حقيقت ۾ جج هوندا آهن. انهن جي ٻڌڻ سان گڏوگڏ رڪارڊنگ بہ ڪئي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح اهي جج پاس ۽ ناپاس شاگردن جو فيصلو ڏيندا آهن ۽ پاس ٿيندڙ شاگردن مان پهريون نمبر، ٻيو نمبر ۽ ٽيون نمبر کڻندڙ شاگردن جو فيصلو پڻ ڏيندا آهن.
سکيا جو مدو پورو ٿيڻ ۽ ڪامياب شاگردن کي اسڪول پاران سرڪاري طور سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويندا آهن.