شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي

شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ جي حوالي سان هن اداري جو بنياد، 1972ع ۾ نامور تعليمدان سيد غلام مصطفيٰ شاھہ وڌو. هن اداري سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ ادبي حالتن کي پيش نظر رکندي، وقت بہ وقت علمي ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون ۽ اهم ڪتاب/ ڪتابچا شايع ڪرڻ جو سلسلو 1975ع کان شروع ڪيو. هن اداري انگريزيءَ ۾ ‘Sindh Quarterly’ نالي سان هڪ رسالو 1982ع کان شروع ڪيو، جيڪو هڪ وڏي عرصي تائين جاري رهيو. هن اداري جو چيئرمين سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ۽ سيڪريٽري نامور محقق ۽ اديب اياز قادري هو.
هن اداري هيٺيان اهم ڪتاب ۽ ڪتابچا ڇپائي پڌرا ڪيا آهن:
‘شاھہ عبداللطيف جي شاعري’ (تنوير عباسي: 1975ع)، ‘سنڌي ڪامورو’ (سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1981ع)، ‘سنڌي معاشرو’ (سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1981ع)، ‘سنڌ: اڄ ۽ سڀاڻي (سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1981ع)، ‘سنڌي عورت ڪانفرنس’ (سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1981ع)، ‘شاھہ عبداللطيف ۽ نوجوان’ (سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1981ع)، ‘مون مطالع سپرين’ (اياز قادريءَ جا مضمون: 1995ع) وغيرہ.
هي ادارو هن وقت غير فعال آهي.


لفظ شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو