شاهه عبدالله بن عبدالعزيز

شاهه عبدالله بن عبدالعزيز

شاھہ عبدالله بن عبدالعزيز

شاھہ عبدالله بن عبدالعزيز: سعودي عرب جو ڇهون حڪمران، شاھہ عبدالله پهرين آگسٽ 1924ع تي سعودي عرب جي بادشاھہ شاھہ عبدالعزيز جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن جي زندگيءَ جا ابتدائي سال صحرا ۾ گذريا، هو گهوڙن ۽ بازن پالڻ جو تمام گهڻو شوقين هو. شھزادو هئڻ ڪري سندس پرورش روايتي انداز جي ٿي. هن دين، ادب ۽ سائنس جي تعليم درٻار سان لاڳاپيل استادن کان حاصل ڪئي. هن 30 شاديون ڪيون، جن مان کيس 34 ٻارن جو اولاد ٿيو.
1962ع ۾ ان وقت جي بادشاھہ، شاھہ فيصل، شاھہ عبدالله کي 38 سالن جي ڄمار ۾ سعودي نيشنل گارڊ جو ڪمانڊر مقرر ڪيو. سندس قيادت ۾ ان دستي جي نفريءَ ۾ نہ رڳو واڌ ڪئي وئي، پر جديد هٿيارن سان آراستہ پڻ ڪيو ويو. مارچ 1975ع ۾ جڏهن شاھہ فيصل قتل ٿيو، تڏهن بہ کيس ساڳئي عهدي تي برقرار رکيو ويو ۽ کيس نائب وزيراعظم جي اضافي ذميداري ڏني وئي. 1982ع ۾ شاھہ خالد جي وفات کانپوءِ ملڪ جي نئين بادشاھہ شاھہ فھد کيس ولي عھد ۽ نائب وزير اعظم جي عهدي تي مقرر ڪيو.
1991ع ۾ ڪويت تي عراقي حملي بعد شاھہ عبدالله ان ڳالھہ جي حق ۾ نہ هو تہ سعودي عرب ۾ آمريڪي فوج هجي. هن جو خيال هو تہ ڳالهين ذريعي صدام حسين سان ان معاملي کي حل ڪري سگهجي ٿو. ذاتي طور فلسطيني رهنما ياسر عرفات سان سندس سُٺا تعلقات نہ هئڻ باوجود بہ هو فلسطين جي حمايت ڪرڻ سان گڏ فلسطيني اڳواڻن تي تنقيد بہ ڪندو رهندو هو. نومبر 1995ع ۾ سعودي بادشاھہ شاھہ فھد جي بيماريءَ سبب کيس حڪومتي معاملن کي سنڀالڻ جي ذميداري ڏني وئي.
شاھہ عبدالله عورتن جي حقن جو حامي هو. هن2011ع ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ سان گڏوگڏ بلدياتي چونڊن ۾ حصي وٺڻ جي اجازت ڏني، جيڪا سعودي عورتن جي حقن جي ڏس ۾ هڪ اهم تبديلي قرار ڏني وئي. ان کانسواءِ صحرا ۾ زندگي گذارڻ جي ڪري کيس عرب باشندن جي مسئلن جي ڄاڻ هئي، ان ڪري هن سندن فلاح ۽ بھبود لاءِ وڏا اهم ڪارناما سر انجام ڏنا. هن پنھنجي دور حڪومت ۾ ملڪ جي سمورن شعبن ۾ ترقي ۽ خوشحاليءَ جا ڪيترا عملي ڪم ڪيا، جنهنڪري کيس جديد سعودي عرب جو باني سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪاميابيون ڪنهن هڪ شعبي تائين محدود نہ هيون. بلڪہ تعليم، صحت، مواصلات، بجلي، صنعت، پاڻي، زراعت، تعميرات، سماجي ڀلائي وغيرہ مطلب تہ هر شعبي ۾ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ سعودي عرب کي ترقي يافتہ بنائڻ ۾ سندس اڻٿڪ ڪوششون شامل رهيون. سندس دور حڪومت دوران سعودي عرب ۾ تعليم جي شعبي ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي. 20 نين يونيورسٽين سميت بيشمار ٽيڪنيڪل ۽ ميڊيڪل ڪاليجن ۽ شاھہ عبدالله سائنس ۽ ٽيڪنالاجي يونيورسٽيءَ جي قيام کان سواءِ جاذان، مدينه منوره، حائل ۽ رابغ ۾ ‘اسلامي سٽي’ قائم ٿي. ان کان سواءِ يونيورسٽين جي نگرانيءَ ۾ نوان ڪاليج ۽ 32 هزار اسڪول قائم ڪيائين، جن ۾ پڙهندڙ جو انگ 50 لکن کان مٿي آهي، تعليمي ادارن جي قيام سان 4 لک 24 هزارن کان وڌيڪ مردن ۽ عورتن کي تعليم کاتي ۾ روزگار پڻ ميسر ٿيو. سندس اصلاح پسند سوچ جي ڪري هو مغرب ۾ پسند ڪيو ويندو هو.
شاھہ عبدالله، ڦڦڙن جي ڪينسر سبب 91 سالن جي ڄمار ۾، 23 جنوري 2015ع تي وفات ڪئي. کيس رياض ۾ شاهي خاندان جي قبرستان ‘السعود’ ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.08.01  عيسوي

سعودي عرب جو ڇهون حڪمران، شاهه عبدالله پهرين آگسٽ 1924ع تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه عبدالعزيز جي گهر ۾ پيدا ٿيو.


2015.01.23  عيسوي

شاهه عبدالله، ڦڦڙن جي ڪينسر سبب 91 سالن جي ڄمار ۾، 23 جنوري 2015ع تي وفات ڪئي. کيس رياض ۾ شاهي خاندان جي قبرستان ‘السعود’ ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درس عليم فقير
آتم تلريجا
رئيساڻي اسلم خان
ساون ڪمار اداسي
قمرالزمان شاھہ سيد
پاڻيڻي
سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق
توتان
سيون هيڊن
ڄام مھر علي جوکيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون