شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جي درگاهه

شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جي درگاهه

شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جي درگاهه

شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جي درگاهه

شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام

شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام

شاهه ڪريم جو ڪلام

شاهه ڪريم جو ڪلام

شاهه عبدالڪريم جو ڪلام (انگريزي ترجمو)

شاهه عبدالڪريم جو ڪلام (انگريزي ترجمو)

ابيات شاهه ڪريم(اردو)

ابيات شاهه ڪريم(اردو)

بيان العارفين و تنبيهه الغافلين

بيان العارفين و تنبيهه الغافلين

بيان العارفين و تنبيهه الغافلين

بيان العارفين و تنبيهه الغافلين

شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو

شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو: سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو ’وهائو تارو‘ ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو، شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، ارغونن ۽ ترخانن جي دور جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس جنم 20 شعبان 944 ھہ بمطابق 30 جنوري 1538ع تي مٽيارين [موجودہ ضلعي مٽياريءَ] ۾ سيد لعل محمد شاھہ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد پنھنجي وقت جو مشھور بزرگ ٿي گذريو آهي. شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، متعلوي [مٽياري] ساداتن جي خاندان مان هو. سندس وڏا اصل هرات جا ويٺل هئا. سندس نسب جو سلسلو امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام سان وڃي ملي ٿو، ان ڪري هن نسب حسب وارا سنڌ ۾ ’ڪاظمي سيد‘ سڏجن ٿا.شاھہ ڪريم اڃا ننڍو ئي هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. سندس تربيت والدہ ماجده ۽ سندس مربي ڀاءُ سيد جلال جي نظرداريءَ هيٺ ٿي. شاھہ عبدالڪريم پنجن ڇھن ورهين جو ٿيو تہ کيس مڪتب ۾ ويهاريو ويو. پر پڙهڻ سان دل نہ لڳس. اُن دوران قرآن شريف جا فقط ٻہ سيپارا ناظره پڙهيائين. ’بيان العارفين‘ جي مؤلف ۽ مصنف محمد رضا عرف مير دريائي ٺٽويءَ، شاھہ ڪريم جي پنھنجي زباني ڄاڻائيندي لکيو آهي تہ: ”ننڍپڻ جي زماني ۾ آخوند ٻين ’کُٿابين‘ سان گڏ ڪاٺين ڪرڻ لاءِ موڪليندو هو. حرفَ ڏئي ڇڏيندو هو تہ واٽ تي ياد ڪندا وڃو. جڏهن جهنگ ۾ ويندا هئاسون، تڏهن ٻيا سڀئي سبق ياد ڪرڻ ۾ لڳي ويندا هئا، مگر مان رڳو جو نالو ويٺو اوريندو هوس. موٽڻ مھل ٻيا کُٿابي پنهنجا سبق سُڻائي هليا ويندا هئا، پر مون کي اکر بہ ياد ڪو نہ هوندو هو. مون کي پڙهائڻ لاءِ گهڻو ئي مٿو هنيائون، پر ڪجهہ نہ وريو.“هن بيان مان نہ فقط شاھہ ڪريم جي تعليم تي روشني پوي ٿي، پر ان وقت جي تعليم ڏيڻ جي طريقي جي بہ خبر پوي ٿي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو تہ شاھہ ڪريم کي پڙهڻ کان وڌيڪ ذڪر فڪر سان شوق هو. اُن سان گڏوگڏ کيس ’سماع‘ سان بہ ننڍپڻ کان دلي لڳاءُ هو ۽ پڙهڻ ڇڏي وڃي سماع جي محفلن ۾ ويهندو هو. ان سلسلي ۾ هڪ ڀيري ڀاءُ جي هٿان مار بہ کاڌائين. ‘بيان العارفين’ ۾ شاھہ ڪريم جي ڀاءُ سيد جلال جي زباني آيل آهي ته، “جڏهن سيد عبدالڪريم کي ٿڦ هڻي، سماع تان اُٿاري ماءُ وٽ وٺي آيس. تڏهن والدہ مون کي ڇِينڀيندي نصيحت ڪئي تہ متان هن کي ڪجهہ چيو اٿئي، توکي هن جي مرتبي جي ڪل ڪانهي، سندس ڄمڻ جي بشارت ٻنهي جهانن جي سردار ڏني هئي... ان کانپوءِ مون هن کي ڪجهہ نہ چيو. جيئن چوندو هو تيئن ڪندو هوس. کيس عيال [جي گذرمعاش] جي ذري بہ تڪليف نہ ڏنم.” شاھہ عبدالڪريم، ڀاءُ جي اهڙي قربَ جي ڪري گهر جي بار بوجهي کان آزاد هوندو هو. هميشہ درويشن جا وعظ ۽ نصيحتون ٻڌندو وتندو هو ۽ پنهنجو فارغ وقت درويشن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. ’بيان العارفين‘ ۾ ٺٽي جي مخدوم ضياءُ الدين جي زباني آيل آهي تہ: ”هڪ ڀيري اسان جو وعظ شاھہ ڪريم ڪُنڊ ۾ ويٺي ٻُڌو. اُن وقت اڃا هو معصوم هو. جڏهن وعظ بس ڪيم ۽ سڀ اُٿيا، تڏهن هي بہ اُٿيو ۽ گهر وڃڻ لڳو. منهنجي نظر سندس پُٺيءَ تي پئجي وئي. سندس منزلت جو اندازو لڳائي چيم: ”هي ڇوڪرو هنن ڏينهن ۾ ئي حضرت خضر عليہ السلام سان صحبتي آهي. جيڪڏهن جوانيءَ ۾ کيس ڏسان تہ ڪهڙو نہ چڱو ٿئي.“ پنھنجي مربي ڀاءُ سيد جلال جي وفات کان پوءِ، گهر جو سمورو بار اچي شاھہ ڪريم جي ڪُلهن تي پيو. انهيءَ ڪري گهر جي گذرسفر لاءِ محنت مزدوري ڪندو هو. گهرو ڪم ڪار بہ ڪندو هو. جهنگ ڪپي زمين صاف ڪندو هو ۽ هارپو ڪندو هو. ان دوران هارين کي قوالي ۽ بيت خوش آواز ۾ ڳائي ٻڌائيندو هو. سندس عادتون ۽ خصلتون تمام اعليٰ درجي جون هيون، جن ۾ خاص طور سندس صبر، شڪر، خلق جي خدمت ۽ لالچ کان دُوري شامل آهن. شاھہ عبدالڪريم جي صبر ۽ شڪر جي امتحانن بابت ڪيترائي واقعا لکيل ۽ اڻ لکيل روايتن جي صورت ۾ ملن ٿا. هميشہ عام رواجي زندگي بسر ڪيائين. ٿورو کائڻ، ٿورو ڳالهائڻ ۽ ٿورو سمهڻ واري اصول جو عملي نمونو هو. سندس زندگي، اعليٰ انساني اخلاق ۽ آدرش جو مثال هئي ۽ بنا ڪنهن دعويٰ ڪرڻ جي پيغمبر اسلام جي زندگيءَ جو عملي تعبير هئي. پاڻ تمام سادو کائيندو هو. اڪثر روزي ۽ فاقي ۾ گذاريندو هو. ڪي ويلا اهڙا بہ ايندا هئا، جو گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪي ڪين هوندو هونِ، پر عين وقت تي ڪو سوالي اچي نڪرندو هو تہ پاڻ تہ ڇڏيو، پر گهر ڀاتين کي بہ بُکيو رکي، سائل کي پيٽ ڀري کارائيندو هو. شاھہ ڪريم جو زمانو ارغونن ۽ ترخانن جي جبر ۽ ڏاڍ جو دور هو، جنهن ۾ سنڌي ماڻهن سان عام جام زيادتيون ٿينديون هيون، پر جڏهن بہ ستايل يا مظلوم وٽن دانهن کڻي ايندو هو تہ پاڻ اُن جي دادرسيءَ لاءِ گڏجي، اُن حڪمران وٽ وڃڻ ۾ بہ عار محسوس نہ ڪندو هو. شاھہ ڪريم، وڏي اسر جو مسجد ۾ اذان ڏئي، اُتي ئي حق جي يادگيريءَ ۾ مشغول رهندو هو، تان جو جماعت ڪٺي ٿيندي هئي. نماز پڙهڻ بعد مراقبي ۾ ويهندو هو ۽ جڏهن سج مٿي ٿيندو هو، تڏهن اشراق ۽ چاشت جي نماز ادا ڪري گهر موٽندو هو. شاھہ عبدالڪريم جي شادي: روايت آهي تہ شاھہ ڪريم شاديءَ جي سخت خلاف هو. پنھنجي مريدن ۽ معتقدن کي شادي نہ ڪرڻ جي نصيحت ڪندو هو. سندس نظريو هو تہ عام ماڻهن لاءِ نِڪاح جو شرعي حڪم چڱو آهي، پر سُلوڪ جي راھہ جي طالب کي شادي ڪرڻ نہ جڳائي. ڇاڪاڻ تہ اُها سندس راھہ جي سلسلي ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. ان سلسلي ۾ ’بيان العارفين‘ ۾ سندس ڪيترائي قول آيل آهن. اهڙا خيال رکڻ جي باوجود، شاھہ ڪريم شادي ڪئي ۽ کيس اولاد بہ ٿيو. ’بيان العارفين‘ ۾ سندس شاديءَ جو ذڪر سندس زباني آيل آهي تہ: ”هڪ ڏينهن مٽيارين ۾ سماع جي هڪ محفل ۾ ويٺو هوس تہ وڏو ڀاءُ اچي نِڪتو ۽ ٻانهن کان وٺي اچي انهيءَ جاءِ تي ويهاريائين، جتي اڳي ئي قاضي ۽ سادات ويٺا هئا. ويهڻ کان پوءِ قاضيءَ مون کي چيو: ”فلاڻي ڌيءَ فلاڻي جي ساڻ چئني شرطن جي توکي قبول آهي؟“ مُنجهي کڻي ماٺ ڪيم. سڀني وٺي زور ڀريو ۽ منٿون ڪيون تہ ’هائو ڪر‘. ڏاڍو شرمندو ٿيس ۽ ساداتن ۽ بزرگن کي ڏسي کڻي قبول ڪيم. پر پرڻي کان پوءِ شاديءَ مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل ڪا نہ ٿي.“ ’بيان العارفين‘ مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيتوڻيڪ شاھہ ڪريم جو شاديءَ سان دلي لڳاءُ ڪو نہ هو، تڏهن بہ گهر ٻار جو پورو پورو حق ادا ڪيائين. کيس اٺن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. سندس پُٽن جا نالا: (1) سيد لعل شاھہ، (2) سيد عبدالرحيم شاھہ، (3) سيد جمال شاھہ، (4) سيد برهان شاھہ، (5) سيد مبشر شاھہ، (6) سيد دين محمد شاھہ، (7) سيد محمد حسن شاھہ ۽ (8) سيد عبدالقدوس شاھہ هئا. گهر واريءَ جي وفات کانپوءِ پاڻ پنھنجي هٿن سان رڌپچاءَ، ڌوئڻ ۽ ماڃڻ جو ڪم ڪندو هو. ڪاسو هٿ ۾ ڪري، شھر ۾ وڃي، فقيرن لاءِ فقر آڻي کين کارائيندو هو. تنهن کانپوءِ هَرُ ڪلهي تي کڻي، ڍڳن جو جوڙو ڪاهي، پنھنجي ٻنيءَ تي ويندو هو. اهڙيءَ طرح زمين کيڙڻ کانپوءِ ڏاندن جي گاھہ خاطر جهنگ جو رُخ ڪندو هو ۽ گاھہ پٺو آڻي، ڍورن اڳيان وجهي، اُتي ئي وضو ڪري، ٻہ رڪعتون نفل جون پڙهي، ٻپهريءَ جي اذان ڏيندو هو. پوءِگهڻي قرار ۽ آرام سان نماز پڙهي، وري ساڳيو هر ڪلهي تي رکي، ڏاندن جو جوڙو ساڻ ڪري، زمين جي کيڙَ ڪندو هو. ٽپهريءَ وقت وري ڍورن جو گاهُه ڪري، کين پاڻي پيئاري، وچينءَ جي نماز ادا ڪندو هو، پوءِ مسجد ۾ ٿوري دير ويهي رهندو هو ۽ سانجهي ۽ سومهڻيءَ جي نماز پڙهي گهر ايندو هو. رات جو رڌ پچاءُ ڪري ٻارن جو پيٽ قوت ڪرڻ کانپوءِ، فقيرن ۽ بکايلن کي بہ کارائيندو هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو بکيو رهجي ويندو هو، تہ اُن کي پنھنجي حصي جي ماني ڏئي، پاڻ خدا تي توڪل رکي سُمهي پوندو هو. اهو سندس روز جو معمول هو. ڳوٺ کان ٻاهر نڪري، راهوٽ شھر ڏانهن رخ ڪندو هو، واٽ تي ننڍن ڳوٺن ۾ وڃي مسجدن جو پاڻي ڀريندو هو، جيڪڏهن ڪو شخص مسجد ۾ سُتل ڏسندو هو تہ اُن کي زور بہ ڏيندو هو. پوءِ درياھہ تري، مڪلي ٽڪريءَ جي واٽ وٺندو هو، وچ تي جهنڊي پاتڻيءَ ۽ سَتِين جي زيارت ڪري، ٻين ولين ۽ بزرگن جي مقبرن تي ختمو پڙهي، ٺٽي جي هر هڪ مسجد ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي ڀري رکڻ سندس روز جي مشغولين ۾ شامل هوندو هو. واپسيءَ تي پير آري، پير پٺي ۽ ٻين بزرگن جون زيارتون ڪري، ڳوٺ پهچي، فجر مھل مسجد ۾ اذان ڏئي، نماز پڙهي، اشراق ۽ چاشت پڄاڻان ساڳيءَ ريت ڪمن ۾ رڌل رهندو هو. سندس جوانيءَ جا ڏينهن اِنهيءَ طرح رياضتن، محنتن توڙي مجاهدن ۽ بزرگن جي زيارتين ۾ صرف ٿيا. مرشد جي ڳولا:شاھہ عبدالڪريم ننڍپڻ کان ئي حق جي ڳولا ۾ هو، ڪيترو ئي عرصو درويشن جي صحبت ۾ رهندي. اهڙي ماڻهوءَ جي ڳولا ۾ هو، جو کيس دڳ لائي ۽ هدايت جي واٽ ڏيکاري. روايت آهي تہ هڪ ڏينهن سلطان ابراهيم نالي ڪو رَمتو بزرگ، جيڪو اصل بھار [هندستان] جو ويٺل هو، شاھہ عبدالڪريم جي ڳوٺ واريءَ مسجد ۾ رات اچي ٽڪيو. هو لوڪ ۽ درويش صفت انسان هو. شاھہ عبدالڪريم سندس تمام گهڻي خاطرداري ڪئي، جنهنڪري هو خوشيءَ سان اٽڪل ڇھہ مهينا ٽِڪيو رهيو. هو اصل ۾ هڪ سپاهي هو. هن جنگين ۾ وڙهندي ايترا تہ انساني قتل ڪيا هئا، جو سندس ترار جي مُٺئي تي بہ خون ڄمي ويو هو. اڳتي هلي سندس قسمت بدلي ۽ هن جو انساني قتل عام تان ارواح کڄي ويو ۽ هن ڪنهن طريقي سان جان آجي ڪري، حق جي راھہ ورتي. پنھنجي ملڪ کان جيئن ئي نڪتو، تيئن ديس پرديس گهمندو رهيو. شاھہ ڪريم هن کان روحاني فيض حاصل ڪيو. ان حوالي سان شاھہ ڪريم جو مرشد سلطان ابراهيم قادري مسلڪ سان واسطو رکندو هو، تنهنڪري شاھہ ڪريم بہ کانئس قادري طريقي جي ذڪر جي تلقين ورتي، پر اصل ۾ شاھہ ڪريم ’اويسي‘ طريقي جو بزرگ هو. مير عبدالحسين سانگيءَ بہ لکيو آهي تہ شاھہ ڪريم کان شاھہ لطيف تائين هي خاندان، قادري طريقي سان منسلڪ رهيو، تاهم شاھہ لطيف بہ اويسيه طريقي کي پسند ڪيو.شاھہ ڪريم جي مرشد سلطان ابراهيم جي ساراھہ، ’بيان العارفين‘ ۾ ڪيترين جڳهين تي آيل آهي. هن درويش کانسواءِ شاھہ عبدالڪريم جي پنھنجي زماني جي بزرگ هستين مخدوم نوح سرور هالائي ۽ سيد محمد يوسف بکريءَ سان بہ صحبت رهي. مخدوم نوح سرور سان سندس وڏي عقيدت هئي ۽ هُن وٽان گهڻو فيض پرايائين ۽ سندس اشاري موجب بلڙي شھر وسايائين، جتي سندس هزارين مريد ۽ معتقد ٿيا. بلڙيءَ ۾ رهڻ ڪري کيس ’شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو‘ سڏيو ويندو آهي. هن وقت شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جي نالي سان [ضلعي ٽنڊي محمد خان] ۾ شھر ۽ ديھہ موجود آهن.شاھہ ڪريم جا مريد:شاھہ ڪريم جي اعليٰ فضيلت ۽ طريقت جي ڪري، سنڌ جا ڪيترائي ناليوارا درويش شاھہ ڪريم جا مريد ٿيا، جن ۾: حاجي شورو، بهاءُالدين گودڙيو، سيد ابراهيم، مخدوم ابراهيم بن نوح، مهراڻ نهڙيو، صالح سمون، ميان عبدالعزيز عيسيٰ، احمد فقير، ميان عبدالرشيد ۽ ابوبڪر ولد بايزيد قابل ذڪر آهن.’بيان العارفين‘ مان مجموعي طرح اهو تاثر ملي ٿو تہ شاھہ ڪريم ڀرپور سماجي ۽ عملي زندگي گذاري، جنهن ۾ انساني همدردي ۽ اعليٰ اخلاق جا ڪيئي مثال ملن ٿا، بلڪ سندس زندگيءَ مان تصوف بابت اُنهي عام منفي راءِ جي ترديد ٿئي ٿي، جنهن مطابق صوفين کي موردِ الزام ٺهرايو وڃي ٿو تہ اُهي عمل جي دنيا کان ڀڄي خانقاهن ۾ پناھہ وٺن ٿا ۽ ٻين جي ڪمائيءَ تي گذرسفر ڪن ٿا. شاھہ ڪريم ڪڏهن بہ ڪرامت ڏيکارڻ يا اهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪئي. سندس تصوف جا اصول ڪنهن بہ مرحلي تي سندس عمل ۾ رڪاوٽ نہ بڻيا. هو هميشہ تلقين ڪندو رهيو تہ انسان جو عمل ۽ ڪردار ئي سندس اصل قدر يا سڃاڻپ آهي.شاھہ ڪريم جي سماع جي روايت: ’بيان العارفين‘ مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاھہ ڪريم کي جوانيءَ کان وٺي سماع طرف فطري لاڙو هو. جيئن مٿي ذڪر اچي چڪو آهي تہ سندس وڏو ڀاءُ کيس اڪثر سماع جي محفلن مان زوريءَ گهر وٺي ويندو هو. اهڙيءَ طرح جڏهن شادي ٿي ڪرايائونس، تڏهن بہ سماع جي محفل ۾ مشغول هو، جو وڏي ڀاڻس ميان جلال وٺي آڻي قاضيءَ جي آڏو پيش ڪيس تہ جيئن سندس نڪاح پڙهيو وڃي. سماع سان سندس بيحد لڳاءُ اِن مان بہ ظاهر آهي تہ پاڻ آخر ۾ ائين چوندو هو ته، ٻيا ماڻهو دنيا جا ٻيا فن ۽ هُنر سکيا، آءٌ ڪجهہ بہ نہ سکيس، سواءِ سماع جي، شاھہ ڪريم سماع جو وڏو قدردان هو ۽ جڏهن بہ سماع جي محفل ختم ٿيندي هئي تہ قوال کي ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور ڏئي اُٿندو هو، بلڪ قوال کي ڪڏهن بہ خالي هٿين وڃڻ نہ ڏيندو هو.’بيان العارفين‘ جي مصنف موجب شاھہ ڪريم اڪثر پاڻ سماع ڪندو هو يا سماع ۾ حصو وٺندو هو. اُهو سماع جو شوق ئي هو، جيڪو کيس گجرات ۽ احمدآباد تائين وٺي ويو، ۽ جتي هندي دوهن ۽ سورٺن ٻڌڻ جو موقعو مليس. شاھہ ڪريم وٽ سماع جي اهميت ۽ حيثيت، ذڪر برابر هئي. هن لاءِ روايت آهي تہ اِئين ڪيترا ڀيرا ٿيو هوندو، جو سماع دوران ڪنهن ’بيت‘ ٻڌڻ سان مٿس حال يا وجد طاري ٿي ويندو هو ۽ وري ڪجهہ دير کان پوءِ هوش ۾ ايندو هو، تہ وري سماع ۾ شروع ٿي ويندو هو. پاڻ مريدن کي بہ سماع ۾ حصي وٺڻ جي هدايت ڪندو هو. هن سلسلي ۾ چوندو هو تہ ’سماع جا آداب پوريءَ طرح بجا آڻيو‘. بهرحال، سنڌ ۾ صوفيانه سماع جي جيڪا روايت شاھہ ڪريم وٽ ملي ٿي، اُن کي اڳتي هلي، منظم طريقي سان شاھہ لطيف مروج ۽ جاري رکيو.شاھہ ڪريم جي دور جو سياسي ۽ سماجي پسمنظر:سورهين صدي، سنڌ جي تاريخ ۾ انتهائي وڳوڙ ۽ انتشار جو زمانو هو، جنهن جي شروعات، سن 946ھہ/ 1521ع ۾ سنڌ جي مقامي حڪمرانن سمن جِي، شاھہ بيگ ارغون هٿان شڪست سان ٿي ۽ سنڌ تي ڌارين جو راڄ قائم ٿي ويو. شاھہ بيگ اڃا پوريءَ ريت مضبوط ئي نہ ٿيو هو، جو هُو ٻن سالن اندر گذاري ويو. سندس مرڻ کان پوءِ پُٽس شاھہ حسن ارغون، پيءُ جي جاءِ تي حڪمران بڻيو. ڄام فيروز وڏي لشڪر سان ساڻس مقابلو ڪيو، پر بُريءَ ريت ناڪام ٿيو.شاھہ حسن ارغون، جيتوڻيڪ سنڌ تي پنجٽيھہ (35) سال حڪومت ڪئي، پر سندس دور بہ انتهائي افراتفري ۽ ڇڪتاڻ وارو دور هو. همايون بادشاھہ سن 1540ع ۾ شير شاھہ سُوريءَ کان شڪست کائي، سنڌ جو رُخ رکيو ۽ اٽڪل ٽي سال ساندھہ سنڌ ۾ ڀٽڪندو رهيو. شاھہ حسن، سياسي چالبازيءَ طور کيس ڪٿي بہ آرام سان ويهڻ نہ ڏنو. جتي بہ ويو ٿي تہ هن لاءِ تڪليفون ۽ ڏکيائيون پيدا ڪيائين ٿي. آخر همايونءَ، قنڌار جو رُخ ڪيو. شاھہ حسن ارغون لاولد فوت ٿيو تہ سندس بيگم مرزا عيسيٰ ترخان سان شادي ڪئي، ۽ اهڙيءَ ريت هُو سنڌ جو حڪمران ٿيو. پر جيئن ئي مرزا عيسيٰ حڪمران ٿيو، تہ بکر جي حڪمران سلطان محمود ڪوڪلتاش کيس مڃڻ کان انڪار ڪيو.آخر مرزا عيسيٰ ترخان، بکر شھر تي سن 1555ع ۾ حملو ڪيو. هو اڃا بکر ۾ ئي هو تہ پورچوگيزن ٺٽي تي حملو ڪري، شھر کي باھہ ڏيئي، وڏي ڦرلٽ ڪئي ۽ سوين انسانن جو ناحق قتلام ڪيو. چيو وڃي ٿو تہ اصل ۾ مرزا عيسيٰ خان ترخان، پورچوگيزن کي سلطان محمود جي خلاف پنهنجيءَ مدد لاءِ گهرايو هو، پر جڏهن کيس ٺٽي ۾ نہ ڏٺائون تہ وڌيڪ ترسڻ جي بجاءِ انتهائي ذليل ۽ ڪمينه صفت هجڻ جو مظاهرو ڪيائون. مطلب تہ اڳتي هلي شاھہ حسن جي مرڻ کان پوءِ، سنڌ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. بکر کان سيوهڻ تائين سلطان محمود جو تسلط هو، تہ سيوهڻ کان ٺٽي تائين مرزا عيسيٰ جو حڪم هلندو هو.اهڙيءَ طرح، مرزا عيسيٰ خان ترخان، 18 سال حڪمراني ڪئي ۽ جڏهن سن 1566ع ۾ وفات ڪيائين تہ سندس پٽ مرزا محمد باقي بيگ تخت نشين ٿيو. هو ڏاڍو ظالم ۽ سفاڪ ثابت ٿيو، ايتري قدر جو سندس ننڍو ڀاءُ ۽ نياڻو بہ سندس مخالف ٿي ويا، ۽ اُنهن جي سڏ تي سلطان محمود بکر مان مرزا باقيءَ تي چڙهائي ڪري آيو، پر ڪو بہ فيصلو ٿي نہ سگهيو.اُن ئي زماني ۾، اڪبر بادشاھہ، سنڌ کي مغل سلطنت سان ملائڻ لاءِ سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو، نتيجي طور اُتر سنڌ تي 982ھہ/ 1574ع ۾ سندس قبضو ٿي ويو. ٺٽي جي حڪمران مرزا باقيءَ، اهو حال ڏسي، اڪبر سان مصالحت جو رستو اختيار ڪري، پنھنجي ڌيءَ سندس حرم ۾ دهليءَ ڏياري موڪلي، جنهن کي هن قبولڻ کان انڪار ڪيو، ۽ هوءَ واپس موٽي آئي. آخر مرزا باقيءَ جهڙي چرئي ۽ ظالم حڪمران مان سنڌ جي جان ائين خُلاصي ٿي، جو سن 993ھہ/ 1585ع ۾ هُو چريو ٿي پيو ۽ ترار کڻي پاڻ کي ڦٽي وڌائين ۽ انهن ڦٽن وگهي سندس موت ٿيو.مرزا باقيءَ کانپوءِ، پٽس مرزا جاني بيگ سنڌ جو حڪمران ٿيو، جيڪو بہ پيءُ وانگر ظالم ۽ جابر ثابت ٿيو. پهريائين پيءُ جي بدلي لاءِ ڪيترن بيڏوهي انسانن کي پڪڙي ناحق مارايائين. نتيجي طور اڪبر بادشاھہ جو اعتماد وڃائي ويٺو، جنهنڪري سن 1000ھہ/ 1591ع ۾ عبدالرحيم خان خانان، اڪبري لشڪر وٺي سنڌ ۾ داخل ٿيو. پوري هڪ سال جي ويڙھہ کانپوءِ جاني بيگ آڻ مڃي. مرزا جاني بيگ کي دهليءَ گرفتار ڪري وٺي ويا ۽ سنڌ تي سندس 16 سالن جي پٽ مرزا غازي بيگ کي ٺٽي جو نواب مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ جيستائين سنڌ مغلن جي سلطنت ۾ شامل رهي، تہ دهليءَ کان ٺٽي جا نواب مقرر ٿيندا رهيا.مغل صوبيدارن ۽ سندن نائبن جي ظلم ۽ بربريت جي تصديق ‘بيان العارفين’ مان بہ ٿئي ٿي. مغلن جا ڪيترا جاگيردار، زمين آباد ڪندڙ هارين کي آباديءَ جو پورو حصو نہ ڏيندا هئا. خود شاھہ ڪريم سان اهڙا واقعا ٿيا، جنهن ۾ سندس پُٽن جو مغلن جي جاگيردار سان جهيڙو ٿي پيو ۽ جهيڙي ۾ مغلن جا مٿا ڦاٽي پيا، جنهن جي دانهن مرزا جاني بيگ تائين وڃي پهتي. شاھہ ڪريم، ٺٽي ۾ اچي جلال بن علي شيرازيءَ کي سفارش طور پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ لاءِ وٽس آيو، تہ جيئن معاملو رفع دفع ٿئي، ليڪن جڏهن جلال شيرازيءَ هلڻ کان انڪار ڪيو، تہ پاڻ اڪيلي سر وڃي مرزا جاني بيگ وٽ حاضر ٿيو، جنهن تي شاھہ ڪريم جي چتين لڳل لباس جو ايڏو اثر ٿيو، جو جاگيردار جي دعويٰ کيس رد ڪرڻي پئي. اهڙيءَ ريت اهي زيادتيون عام جام هيون، ان ڪري مقامي ماڻهو شاھہ ڪريم وٽ ايندا هئا، تہ هو ساڻن گڏ هلي کين انصاف وٺي ڏئي.‘بيان العارفين’ ۾ صوفي فڪر ۽ اُن جا ماخذ: سنڌ ۾ تصوف جي ارتقا ٻن دَورن ۾ ورهائي سگهجي ٿي. اوائلي دور اٺين صدي هجري يا چوڏهين صدي عيسويءَ تائين محدود ڪجي تہ اُن ۾ درويشي، زهد ۽ فقر تي گهڻو زور هو ۽ صوفي بزرگ خود اُن جو عملي نمونو هئا. ٻئي دور ۾ ‘صوفي فڪر’ داخل ٿئي ٿو، جنهن جي شروعات [اسماعيلي داعين ۽] قاضي قادن سان ٿئي ٿي. شاھہ ڪريم ۾ ٻنهي روايتن جو سنگم نظر اچي ٿو.‘بيان العارفين’ مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاھہ ڪريم جي وقت [سورهين صدي عيسويءَ] تائين سنڌ جا بزرگ ۽ صوفي، اسلامي تصوف جي مثالي شخصيتن ۽ سندن شاندار فڪري ڪاوشن ۽ روايتن کان چڱيءَ ريت واقف ٿي چڪا هئا.سورهين صديءَ ۾ سنڌ اندر ‘قادري سلسلي’ جا ڪيترا بزرگ بلڪ شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي خاندان جا ڪيترا فرد سنڌ ۾ پهچي چڪا هئا. شاھہ خيرالدين قادري [جنم، بغداد: 1507ع، وفات، سکر: 1634ع] مخدوم نوح جو ننڍو معاصر ۽ شاھہ ڪريم جو همعصر هو.شاھہ ڪريم جو دور، سنڌ ۾ فارسيءَ جي اوج جو زمانو هو. خاص ڪري، ارغونن ۽ ترخانن جي حڪمرانيءَ سبب سنڌ ۾ فارسيءَ جو اوج هو، اُنڪري فطري طور سنڌ جي تصوف تي فارسي زبان جي عظيم صوفي شاعرن: عطار، رومي، سعدي ۽ جاميءَ- جو واضح اثر ملي ٿو. ‘بيان العارفين’ ۾ هڪ هنڌ ‘فريد الدين عطار’ ۽ ٻئي هنڌ شيخ سعديءَ جا نالا ورتل آهن. اهڙيءَ طرح ڪيتريون حڪايتون عطار جي معروف ڪتاب ‘تذڪره الاولياءَ’ مان کنيون ويون آهن، جيڪي ڪيترن بزرگن، جھڙوڪ: رابعہ بصري، بايزيد بسطامي، جُنيد بغدادي، ابراهيم ادهم ۽ ابو الحسن خراسانيءَ وغيرہ جون آهن. ان کان سواءِ ٻنهي [ڪتابن] ۾ جن ٻين مشھور صوفين جو تذڪرو موجود آهي، تن ۾ حسن بصري، ذوالنون مصري، حبيب عجمي، شفيق بلخي، [حسين بن] منصور حلاج، احمد بلخي خضروي وغيرہ شامل آهن، ۽ اُن ۾ ڪي اهڙا نالا بہ آهن، جيڪي ‘تذڪره الاولياءَ’ ۾ نہ آهن.‘بيان العارفين’ مان فريدالدين عطار (وفات: 1220ع) جي ‘تذڪره’ کان سواءِ سندس ٻين شعرن جي بہ نشاندهي ٿئي ٿي، جن ۾ سندس مشھور طويل فارسي نظم ‘منطق الطير’ [پکين جي ڪانفرنس] ۽ هن جي ڪتاب ‘پندنامه’ اچي وڃن ٿا. هڪ هنڌ عطار جو شعر [حوالي ڄاڻائڻ کان سواءِ] ڏنل آهي کُفر کافر را و دين ديندار را ذره دردت ده دل عطار را. اهو شعر، عطار جي ڪتاب ‘منطق الطير’ مان ورتل آهي. اهڙيءَ ريت ‘تجريد’ ۽ ‘تفريد’، جيڪي تصوف جا بنيادي اصطلاح آهن، سي شاھہ ڪريم جي هيٺئين بيت ۾، اُنهن جي غير معمولي افاديت تي روشني وڌل آهي: جي ‘تجريدان’ نِڱئا، پيا ۾ ‘تفريد’، ڪَن ڪڏهين ٿئي، هن ڏهاڙي عيد. ‘بيان العارفين’ ۾ جيڪو شاھہ ڪريم جو آخري بيت ڏنل آهي، اُن ۾ ‘حسن خرقانيءَ’ جو وڏو درجو ڄاڻايل آهي ۽ دُعا ڪيل آهي تہ ‘اي مالڪ! جيئن هن کي نوازيئي، تيئن اسان تي بہ پنھنجي خاص نوازش ڪر!’ ‘خـرقـان’ خُـوش ڪـري، اچـي ويـٺـا ســون، جئائين ڏنئھ ‘حسن’ کي، تئائين ڏيندين تُون! هن بيت ۾ يارهين صديءَ جي مشھور صوفي ‘ابو الحسن خرقانيءَ’ (وفات: 1033ع) جو ذڪر آهي. هُو محمود غزنويءَ جي دور ۾ ٿي گذريو آهي. شاھہ ڪريم کي ‘حسن خرقانيءَ’ جي شخصيت سان وڏو اُنس هو، جنهنڪري سمورن صوفين منجهان صرف ‘حسن خرقانيءَ’ جو نالو سندس شعر ۾ آيو آهي. خرقاني، شاھہ ڪريم وانگر سماع جو وڏو ذوق رکندو هو. ‘حسن خرقانيءَ’ کي بايزيد بسطاميءَ سان وڏي عقيدت هئي. ٻنهي جي وچ ۾ 39 سالن جي وِٿي آهي، کيس اُنهيءَ عقيدت سبب ئي ‘اويسي طريقي’ سان فيض مليو هو، ان حوالي سان ‘حسن خرقانيءَ’ جي فضيلت جو وڏو سبب سندس ‘اويسي’ هئڻ بہ آهي. غالباً شاھہ ڪريم جي مٿئين بيت ۾ اُنهيءَ فيض جي نشاندهي ۽ تمنا ڪئي وئي آهي.سنڌي تصوف جي اوائلي شاعريءَ واري روايت ۾ صوفين جي نالن کڻڻ جو تمام گهٽ رواج هو. غالباً اِهو شاھہ ڪريم هو، جنهن شاعريءَ ۾ ‘حسن خرقانيءَ’ جهڙي صوفيءَ جو نالو وٺي ذڪر ڪبو آهي، انهي تسلسل ۾ شاھہ لطيف وري ‘بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج’ جو نالو ورتو آهي.‘تذڪره عطار’ کانپوءِ ‘بيان العارفين’ ۾ جنهن ٻيءَ شخصيت جو نالو ورتو ويو آهي، جنهن جو شاھہ ڪريم جي فڪر تي ممڪن اثر آهي، اهو فارسي زبان جو وڏو صوفي شاعر مولانا عبدالرحمان ‘جامي’ [898ع] آهي، جنهن جي ڪتاب ‘لوايح’ ۾، نبي ڪريم صہ جي جنهن قول سان ابتدا ڪئي وئي آهي. اُهو ساڳيو قول ‘بيان العارفين’ جي ابتدا ۾ ڏنل آهي: ‘لا احصي ثناءَ عليڪَ انت ڪما اَثنيت عليٰ نفسڪ’ ان کان سواءِ ‘بيان العارفين’ ۾ توحيد ۽ اُن جي سمجهاڻيءَ واري باب هيٺ وحدت الوجود جي سمجهاڻيءَ لاءِ جيڪي فارسي شعر حوالي طور ڪم آندا ويا آهن، سي بہ ‘لوايح’ مان ورتل آهن.اسلامي تصوف ۾ عام طرح ۽ سنڌ جي تصوف ۾ خاص طور تي ‘پاڻ سڃاڻڻ’ ۽ وجود جي نفيءَ جا پهلو واضح نموني ڏنا ويا آهن، ان ڏس ۾ شاھہ ڪريم جو هيٺيون بيت خاص ڪري اهميت جوڳو آهي: ‘پهرين پاڻ وڃاءِ’، پاڻ وڃائي هُو لَهُه، ‘توهان’ ڌار نہ سپرين، مُنهن منجهيئي پاءِ ! اهڙيءَ ريت ‘بيان العارفين’ جي جنهن مخصوص نقطهء نظر جو حوالو ملي ٿو، اُهو آهي: ‘خدا، ذات جي ڪري ‘احد’ آهي ۽ صفات جي ڪري ‘واحد’ آهي.’ اِبن عربيءَ، هيءُ بحث پنھنجي ڪتاب ‘فصوص الحڪم’ ۾ ڪيترن هنڌن تي ڪيو آهي. ‘بيان العارفين’ ۾ ٻيو اهم بحث، ‘تنزيه ۽ تشبيھ’ جو، ساڳيو ‘فصوص الحڪم’ وارو دُهرايو ويو آهي، يعني خدا جي ذات ‘منزه’ بہ آهي تہ ‘مُشبه’ پڻ. سنڌ ۽ هند ۾ ابن عربيءَ [وفات: 1240ع] جا نظريات، ڪتاب ‘گلزار ابرار’ [مؤلف: محمد غوثي شطاري مانڊوي: 1605] موجب اٺين، نائين ۽ ڏهين صدي هجريءَ ڌاري احمدآباد ۽ گجرات پهتا، جيڪي ٻئي شھر ماضيءَ ۾ صوفين جا وڏا مرڪز هئا. ڏهين صدي هجريءَ [سورهين صدي عيسويءَ] ڌاري سنڌ جي صوفين جي اُتي آمدورفت، علمي ۽ فڪري تعلقات کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. گجرات ۽ ٺٽي جي وچ ۾ عام جام اچ وڃ هئي. شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي [962ھہ/ 1554ع- 1031ھہ/ 1621ع]، جنهن برهانپور ۾ سُڪونت اختيار ڪئي، سو شاھہ ڪريم جو همعصر هو. ‘بيان العارفين’ مان اهو بہ معلوم ٿئي ٿو تہ گجرات ۽ سنڌ ۾ عام جام اچ وڃ سبب ئي شاھہ ڪريم، احمدآباد ويو هو ۽ اُتي سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿيو هو. اُن صوفياڻي ماحول مان ئي ابن عربيءَ جا اثر سنڌ ۾ پهتا، جن کي عالمانه صورت ۾ ’بيان العارفين‘ جي مرتب محمد رضا پيش ڪيو آهي. ابن عربيءَ جي ڪتابن- ‘فصوص الحڪم’ ۽ ‘فتوحات مڪيه’- فخرالدين عراقيءَ جي ڪتاب ‘لمحات’ ۽ مولانا جاميءَ جي ‘لوايح’ کان سواءِ جنهن ٻئي ڪتاب جا اڻ سڌا اشارا ‘بيان العارفين’ ۾ ملن ٿا، سو شيخ محمود شبستريءَ [650ھہ/ 1253ع] جو ‘گلشن راز’ آهي، جيڪو هن 717ھہ/ 1317ع ۾ تصنيف ڪيو هو، جنهن ۾ هن پنجن سوالن جا تفصيلي جواب ڏئي، تصوف جي بنيادي مسئلن- خدا، ڪائنات ۽ انسان- جي وضاحت ڪئي آهي. ‘گلشن راز’ جي ستين جواب ۾ موجود هيٺيون شعر، ‘بيان العارفين’ جي ص 189 تي ملي ٿو: روا باشد اَنا از درختي، چرا نبود روا از نيڪ بختي. [جيڪڏهن وڻ جي لاءِ ’انا ‘ [مان خدا آهيان] چوڻ روا آهي، تہ پوءِ ڪنهن نيڪ بخت انسان لاءِ اهو ڇو روا نہ آهي؟] ‘مثنوي مولانا رومي’ (1204- 1273ع) جو ’بيان العارفين‘ ۾ سڌو سنئون ڪو بہ حوالو يا شعر نہ ٿو ملي، پر شاھہ ڪريم جي ڪيترن بيتن ۽ قولن ۾ روميءَ جي خيالن جي ترجماني يا هڪجهڙائي ملي ٿي. ’بيان العارفين‘ ۾ هڪ هنڌ ’نڙ‘ جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته، ”عام ماڻهو نڙ جي آواز کان تہ متاثر ٿي وڃن ٿا، پر نڙ ۾ ڦوڪ ڏيڻ واري ڏانهن سندن خيال وڃي ئي ڪونه ٿو.“ مولانا روميءَ جي مثنويءَ جي شروعات، نڙ جي اِنهيءَ ٻٽيءَ تمثيل سان ڪئي وئي آهي. صوفين جو نظريو آهي تہ ’ظاهري حواسن سان خُدا جي ذات کي پروڙي نہ سگهبو، پر ان لاءِ مخصوص حواسن جي ضرورت آهي. روميءَ اهو خيال مثنويءَ ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي: گوش خر بفروش و ديگر گوش خر، کين سخن را در نيا بد گوش خر. [هي گاڏها ڪن وڪڻي، ٻيا ڪي ڪن خريد ڪر، ڇو تہ اِهو سُخن اُنهن گڏهن وارن ڪنن سان نہ ٻڌي سگهبو.] شاھہ ڪريم جو هيٺيون بيت، ڄڻ تہ مولانا روميءَ جي مٿئين شعر جو تخليقي ترجمو آهي: هي ڪن گاڏهئا وِڪڻي، ڪي ٻيا ڪن ڳنهيج، سندي پريان ڳالهڙي، تنين سان سڻيج. ائين ’بيان العارفين‘ ۾ شاھہ ڪريم جا ڪيترا بيت، مولانا روميءَ جي اثر وارا معلوم ٿين ٿا. خدا، انسان ۽ ڪائنات جي پاڻ ۾ تعلق جي ساڃاھہَ، صوفين جي نظريي جو بنيادي محور آهي ۽ سمورو تصوف، انهيءَ نسبت يا لاڳاپي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش آهي. صوفين وٽ اها ڳالھہ مقبول آهي تہ هي عالمُ [جھان] هڪ پڙاڏو يعني اصليت کان خالي آهي، ۽ اصل حقيقت صرف ذات خداوندي آهي، پر انسان کي ان ڪائنات ۾ هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. ’خلق الآدم عليٰ صورتھ‘ جو بہ اهو ئي مطلب آهي. صوفين جي نظر ۾ جنهن انسان کي اهو شعور حاصل ٿئي ٿو، سو عارف آهي ۽ اهو طريقو ’معرفت‘ آهي. اِهو مشاهدو مخصوص تربيت کان سواءِ حاصل نہ ٿو ٿئي ۽ ان لاءِ شيخ يا مرشد جي ضرورت پوي ٿي. ’بيان العارفين‘ مان معلوم ٿئي ٿو، تہ شاھہ ڪريم، جيتوڻيڪ بنيادي طور فقر ۽ زهد جو صاحب هو، پوءِ بہ هو اعليٰ عرفان جو بہ صاحب هو. هڪ طرف سندس ’عرفان‘، ’بيان العارفين‘ ۾ آيل مقولن مان ظاهر آهي تہ ٻئي طرف سندس شاعريءَ مان اِن ڳالھہ جي ڄاڻ پوي ٿي. قاضي قادن، عالم فاضل هو، هن جو هيٺون بيت سندس مشاهداتي ڪيفيتن جو آئينہ دار آهي: سائر ڏيئي لتَ، اوچي نيچي ٻوڙيئي، هيڪانئي هيڪ ٿئو، ويئي سڀ جهت. پر شاھہ ڪريم جو مشاهدو ذرا مختلف آهي ۽ هن پنهنجو نظريو هن ريت بيان ڪيو آهي: سائر ڏئي نہ لت، اوچي نيچي سڀ ڪهين، نابودي نہ ٿئي، ايءَ ناديدي جِهت. قاضي قادن جو هڪ بيت آهي: ’لا‘ لاهيندي ڪن کي، ’لا‘ مورهين ناھہ، باالله ري پريان، ڪٿ نہ ڏسجي ڪو ٻيو. شاھہ ڪريم، اُن جي جواب ۾ هيٺيون بيت چيو آهي، جنهن ۾ ’نفي ۽ اثبات‘ سان گڏ انسانُ، جيڪو خدائي مظهر آهي، تنهن جي حيثيت کي نهايت خوبيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي. ’لا‘ مَ لوڌي ڪڍ، ’اِلام‘ لاهِه لک سين، جو مظهر سندو ماڙُئين، تنهن ڪيئن ڪرين وڍ. سالڪ صوفين جي نظر ۾ ’نفي‘ ۽ ’اثبات‘، يعني ’لا‘ ۽ ’الا‘ کان سواءِ سلوڪ جي تڪميل نہ ٿي ٿئي ۽ شاھہ ڪريم جي بيتن ۾ اها حقيقت چڱيءَ ريت واضح ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ شاھہ ڪريم اصولي طور صوفين جي اُنهيءَ نظريي سان متفق آهي تہ انسان جو وجود محبت جو مرهونِ منت آهي، ۽ انسان کي پنھنجي اصلي محبوب سان هر وقت رابطي ۾ رهڻو آهي ۽ اُن جي خوشنوديءَ لاءِ، جنهن ۾ سندس خوشنودي شامل آهي، ڪوشش ۽ ڊُڪ ڊوڙ [تگ و دو] ڪرڻي آهي. ليڪن محبت جي تقاضا جي ڪري اهو تعلق نهايت نازڪ ۽ عجيب آهي، خاص ڪري جڏهن اهو حاصل ٿئي ٿو تہ اُن جي عقلي سمجهاڻي ڏئي نہ ٿي سگهجي. ڪا جا پَر پرين، نہ سا سُئي نہ ٻُڌي، متيون سڀ منجهن، اُنهيءَ ڏٺي قضيي! شاھہ ڪريم جي پڇاڙي: شاھہ عبدالڪريم وڏي ڄمار ماڻي. هن رياضت ۽ فاقن، اوجاڳن ۽ عبادتن جي ڪري پنھنجي فاني بدن کي نهوڙي ضعيف ڪري ڇڏيو ۽ پيريءَ ۾ بلڪل نِجهري پيو. اُن هوندي بہ سواليءَ کي خالي نہ موٽائيندو هو، ضرورت موجب اُن سان گڏ وقت جي حاڪمن وٽ بہ گهوڙي تي چڙهي ويندو هو. پويان ڏينهن حُجري اندر گذاريندو هو. اڌ رات جو اُٿي سنڌي بيت ڳائيندو هو، صبح جو سڀ حاضر فقير حجري جي چؤڌاري اچي مڙندا هئا ۽ کين راڳ ٻڌائيندو هو. شاھہ صاحب 88 سالن جي ڄمار ۾، 7- ذوالقعد 1032ھہ/ 1623ع تي، آچر جي رات، مغرب جي نماز وقت، هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو. وصيت موجب سندس تدفين بلڙيءَ ۾ ٿي. کانئس پوءِ سندن فرزند سيد دين محمد شاھہ گادي نشين ٿيو. سيد صاحب جو مقبرو سندس ڳوٺ سيدپور [بلڙي شاھہ ڪريم] ۾ آهي، جتي سندس مريد، خادم ۽ پوئلڳ جمع ٿي سماع جي محفل ڪندا آهن. شاھہ ڪريم جي ٻئي فرزند جمال شاھہ جي پيڙهيءَ مان سنڌ جي شاعرن جو سرتاج شاھہ عبداللطيف ڀٽائي پيدا ٿيو. شاھہ ڪريم جي مقبري جي مرمت لاءِ سندس تڙپوٽي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ، ڪاشيءَ جون سرون آڻي اڏاوت ڪرائي هئي ۽ ديوار تي ’لطيف‘ نالي جي سر هڻائي هئي، جيڪا هن وقت لٿل آهي. [روايت آهي تہ سيد عبدالواسع شاھہ بلڙيءَ واري، شاھہ لطيف سان ناپسنديءَ سبب لاهرائي ڇڏي هئي، تہ ’لطيف‘ کي پنھنجي نالي جو شوق آهي، چون ٿا تہ لطيف سائين فرمايو تہ ’لطيف‘ ’خدا جو نالو‘ آهي، واسع شاھہ کي شايد اُن سان وير آهي.] شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي شاعري: شاھہ عبدالڪريم، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي پيڙھہ جو ٻيو وڏو شاعر آهي، جنهن جو پهرئين وڏي ڪلاسيڪي شاعر قاضي قادن کانپوءِ گهڻو ۽ نهايت بلند پايي جو ڪلام مليو آهي. شاھہ ڪريم، مرزا شاھہ حسن ارغون ترخان [۽ مغل دور] حڪومت ۾ سنڌ جو اعليٰ پايي وارو شاعر هو. سندس ڪل بيتن جو تعداد 94 آهي، جن مان ٽي بيت هنديءَ ۾ آهن ۽ باقي ڪلام سنڌيءَ ۾ آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جو اعليٰ اظهار، تصوف جي ڳُوڙهن ويچارن ۽ خيالن جي اپٽار ۽ مختلف معنائن جي سمجهاڻي آهي، ذاتِ حقيقي، حقيقي عشق، نوڙت، نياز ۽ نهٺائيءَ جو سرچشمو آهي. سندس شاعري هيئت جي لحاظ کان ڇند وِديا ۽ نج سنڌي موسيقي ۽ بيتن جي وزن موجب سرجيل آهي. سندس سموري ڪلام ۾ عام طرح چئن چرنن ۽ ٻن سٽن تي ٻڌل دوها ۽ سورٺا آهن. ان کانسواءِ ڪي بيت ٽن سٽن تائين بہ ملن ٿا. شاھہ ڪريم کي سنڌ جي عالمن [ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ ٻين] ’سنڌي شاعريءَ جو وهائو تارو‘، ’سنڌي شعر جو چاسر‘ ۽ ’شاھہ عبداللطيف جو مبشر‘ جا خطاب ڏنا آهن. شاھہ ڪريم جي شاعريءَ کانئس پوءِ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شاعرن جي ڪلام تي وڏو اثر وڌو آهي. سندس شاعريءَ جي تقليد سندس تڙپوٽي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ ٻين شاعرن ڪئي. روايت آهي تہ شاھہ عبداللطيف پاڻ سان گڏ قرآن شريف، مولانا روميءَ جي مثنوي ۽ شاھہ ڪريم جو رسالو کڻندو هو. شاھہ ڪريم جي بيتن مان هڪ استاد ۽ معلم وارو انداز ۽ رويو واضح آهي. سندس صبر ۽ تحمل، نوڙت ۽ نهٺائيءَ جا ڪيترائي واقعا ملن ٿا. سندس شاعري سنڌي نصاب ۾ شامل آهي. سندس ڪلام جي شاھہ لطيف ڪيترن بيتن ۾ تقليد ڪئي آهي. ڪجهہ مثال هيٺ ڏجن ٿا: سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي، تهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي. (شاھہ ڪريم) سو هي، سو هو، سو اجل سو الله، سو پرين، سو پساھہ، سو ويري، سو واهرو. (شاھہ لطيف) تون چئہ هيڪڙو، وائي ٻي مَ سِکُ، سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لِکُ. (شاھہ ڪريم) اکر پڙھہ الف جو، ورق سڀ وسار، اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا. (شاھہ لطيف) شاھہ ڪريم جي شاعريءَ ۾ پنھنجي دور جي نج سنڌي ٻولي آهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي تحقيق موجب شاھہ ڪريم جي شاعريءَ ۾ عربي ۽ فارسي لفظ تمام گهٽ استعمال ٿيل آهن، جنهن ۾ عربيءَ جا فقط 29 لفظ ۽ هڪ اصطلاح، فارسي ٻوليءَ جا فقط 8 لفظ ڪم آندل آهن. نج سنڌي لفظن مان گهڻا اهڙا آهن، جيڪي اڄڪلھہ عام طور ڳالهائڻ ۾ نہ ٿا اچن، اهي خالص ۽ پاڪيزہ آهن ۽ ادبي ٻولي توڙي محاوري ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا. شاھہ ڪريم جا حق جي يادگيري، خود قرباني، راز لڪائڻ، تجريد، تفريد وغيرہ جي بيان ۾ ڪيترا فرمان سمجهايل آهن. سندس ڪيترا فرمان توحيد ۽ رسالت بابت آهن. سندس فرمان آهي تہ جيڪڏهن اوهان کي ڪا اهڙي شيءِ نصيب ٿئي، جنهن جي رستي خدا جي طرف ترقي ڪري سگهو، پر اها شيءِ رسول صلي عليہ وسلم جي تعليمات جي خلاف هجي تہ اُن تان هٿ کڻو. جيتوڻيڪ اُن ۾ اوهان جو نفعو ڇو نہ کڻي هجي. طالب لاءِ ٽي ڳالهيون ضروري آهن، بک، اڪيلائي ۽ پاڪ جو محبت سان ذڪر ڪرڻ. زاهد کي روا نہ آهي تہ هو خدا جي ياد ۾ وِرچي پئي. مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جو اُپٽي تہ واءُ، جه پڌر وڌي ڳالهڙي، توءِ ڇڏي وڃي ساءُ. خدا کي محض خدا ڪارڻ ياد ڪريو: پاڻياريءَ سِر ٻهڙو، جَر تي پکي جيئن، اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روحَ ۾. ڳالھہ ٿا ڪن تہ ڪنهن ڏينهن درويش احمد رونجهي، شاھہ ڪريم کان پڇيو تہ ’اوهين گذران خاطر ڪهڙي ڪرت ڪندا آهيو؟‘ جواب ڏنائون تہ ’ڪوڏر هڻندو آهيان ۽ ٻني کيڙيندو آهيان.‘ تنهن تي وري پڇيائين تہ ’ڪوڏر هڻندي ۽ ٻني کيڙيندي اوهين خدا کي ڪيئن ياد ڪندا آهيو؟‘ پاڻ مشڪي جواب ڏنائون تہ ’عورت جڏهن پاڻي ڀريل گهڙو سر تي ڌري ۽ ٻيو ان جي مٿان رکندي آهي، هٿن پيرن سان نچندي ۽ زبان سان ڳالهائيندي ٻولهائيندي ويندي آهي ۽ گهڙا اُن کي هلڻ ۽ ڪُڇڻ کان روڪي سگهندا آهن؟‘ درويش احمد، شاھہ صاحب جي اها ڳالھہ ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويو: جي پڇڻا سي نہ منجهڻا، جي پُڇن سي وير، جو لَکڻُ ۾ ماڙوئين، سو ڪُلکڻ ۾ کير. شاھہ ڪريم جي شاعريءَ ۾ سوالن جوابن جا بہ ڪيترائي بيت آهن، کانئس بيتن جي معنيٰ پڇي وئي تہ فرمايائون: ڪارين ڪنين ڪَڪَر، ڪَرَھہَ وِلاڙَ وڃن، ويلو ڪن نہ وچ ۾، نہ اوڳار ڀڃن. [ڪارن ڪنن وارا ڳاڙها اُٺ وڳ ۾ جيئن چرندا ڦرندا وڃن ٿا، نہ اهي وچ ۾ ڪٿي ساهي پٽين ٿا ۽ نہ ئي وري اوڳارڻ کان بس ڪن ٿا.] پاڻ جواب ڏنائون تہ ‘انهيءَ بيت جون ٻہ معنائون آهن، هڪڙا اهي جيڪي ڏينهن رات پيا هلن ۽ ٻيا حياتيءَ جا دم يا پل، جي جلد هٿن مان گذرندا وڃن ٿا.’ کانئس پڇيو ويو تہ ‘يقين ڇا آهي؟’ فرمايائون تہ ‘يقين جون ٽي معنائون آهن: (1) علم اليقين، (2) عين اليقين، ۽ (3) حق اليقين. جيئن ڪو شخص اِهو ٻڌي تہ واٽ تي درياھہ آهي، تہ اهو ‘علم اليقين’ آهي، ڇاڪاڻ تہ ان کي صرف درياھہ جي هجڻ جو علم ٿيو. جڏهن درياھہ جي ڪناري پهچي پنھنجي اکين سان ڏسي تہ اهو ‘عين اليقين’ آهي، ڇاڪاڻ تہ ان اکين سان ڏٺو تہ درياھہ واقعي موجود آهي ۽ جڏهن ان درياھہ ۾ مستغرق ٿئي تہ اهو ‘حق اليقين ’ آهي’، پڇيو ويو تہ فقير کي ڪهڙي طرح ٿيڻ گهرجي؟ جواب ڏنائون تہ: ‘فقير کي ناکئي جيان ٿيڻ گهرجي، جو جيڪڏهن ٻيڙيءَ کان هڪدم غافل ٿيو تہ ٻيڙيءَ جو رخ ٻئي پاسي ٿي ويندو.’ پڇيو ويو تہ ‘مجازي عشق کي ترتيب ۾ ڪيئن آڻجي؟’ جواب ڏنائون تہ ‘اهڙيءَ طرح جيئن معشوق کي عاشق جي عشق جي خبر نہ پوي’. مورک مور نہ ٻجهڻا، هيڏان هوڏان ڪن، ڪٽرَ جن اکين ۾، سي ڪي پرين پسن. شاھہ ڪريم ۽ سندس ڀاتي اڪثر فقر ۽ فاقي ۾ گذاريندا هئا. روايت آهي ته، سندس وڏو پٽ ميان دين محمد ڪنهن شخص جا جَوَ صاف ڪري اڌ ٽويو (5 ڪلو) اَنُ ڪمائي آيو ۽ ماني پچرائي شوق سان کائڻ لڳو تہ ايتري ۾ شاھہ ڪريم وٽس لنگهي آيو ۽ چوڻ لڳو تہ مسجد ۾ هڪ فقير بکايل آهي، تنهن تي ميان دين محمد شاھہ ماني کڻي پنھنجي والد شاھہ ڪريم جي حوالي ڪئي، پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ جڏهن فقير کي ماني کارائي گهر واپس آيو تہ چوڻ لڳو: ‘هاڻي اميد آهي تہ بک اوهان جي ويجهو نہ ايندي ۽ اوهان جي حالت بهتر ٿيندي’. ٿورن ڏينهن کانپوءِ کين پتو پيو تہ سندن ڦٽل زمينون آباد ٿيون آهن، پاڻ رونبي ۾ مشغول ٿيا ۽ ان کانپوءِ ڪڏهن بہ تنگي ڪونه ڏٺائون. پاڻ اڪثر ڪري هي بيت پڙهندا هئا: پنندي پِرين سين، ويلا ڪندي وت، ڪو پائيندءِ مانيون، ڪو پائيندءِ ڀت! مرشد جو علم ڏيڻ ۽ مهربان ٿيڻ تي سندن هنديءَ ۾ نهايت ئي خوبصورت دوهو آهي، جيڪڏهن گرو راضي ٿي توکي ڏکيو اکر هڪڙو کڻي سيکاري، سو ائين آهي، جيئن اونداهي گهر ۾ ڏيئو هر هر روشني ڪري ٿو. هيڪو جو اکر وِنگــُڙو، جو گــُر تــُسِي ڏي، انڌاري گــَھرِ ديوَلا، ڦرِ ڦرِ جوت ڪري. شاھہ عبدالڪريم جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي سماع، وجد ۽ عشقِ الاهيءَ جي تڙپ هئي. روايت آهي تہ پاڻ هڪ ڏينهن سماع ۾ مصروف هئا تہ اوچتو هڪڙي قوال هڪ بيت سُريلي ۽ مٺي آواز ۾ چيو تہ پاڻ ٻڌڻ شرط زمين تي ڪِري پيا ۽ گهڻي وقت تائين زمين تي ئي ڪِريا پيا هئا. مٿن وجد طاري ٿي ويو ۽ کين هوش نہ هو. وري بہ ساڳئي ئي قوال ٻيو بيت چيو تہ هوش ۾ آيا ۽ وري سماع ۾ مصروف ٿي ويا: اکڙيون مليرَ ۾، جنين راتو ڏينهن، عمر آسائن سين، هاڻي ڪندي ڪيئن؟ [اکڙيون ملير يعني رات ڏينهن حقيقي محبوب ۾ کتل آهن. اي عمر! تن آسائتين سان تون هاڻي ڪيئن ڪندين؟] انهيءَ بيت مٿس ايترو تہ اثر ڪيو، جو پاڻ وجد واري ڪيفيت ۾ اچي ويا ۽ جيڪا لباس تي چادر سندن ڪلهن تي اوڍيل هئي، سا لاهي قوال کي تحفي طور ڏنائون ۽ کيس ڏھہ ڪاسا ان بہ بخش ڪيائون. توحيد جي بيان ۾ پاڻ فرمايائون تہ پاڪ سجَ مثل آهي، پيغمبر صلي عليہ وسلم ان جي پرتوي وانگر آهي ۽ ٻي سموري مخلوقات ان جو پاڇو آهي، پاڇي جو مدار پرتوي تي هوندو آهي، پرتوي جو مدار سج جي وجود تي آهي. هي مثال پاڪ، رسول پاڪ ۽ ٻئي سموري مخلوقات جو آهي: اسين سِڪئون جن کي، تان سي اسين پاڻ، هاڻي وڃ گمان، سھي سُڃاتا سپرين. شاھہ ڪريم سڄي ڄمار انسان دوستي ۽ عبادت ۾ گذاري. مريدن ۽ طالبن کي بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي تعليم ڏيندو هو ۽ ان سان گڏوگڏ پنھنجي سموري زندگي خلق جي خدمت ڪندي گذاريائين. پاڻ اعليٰ شخصيت جو مالڪ، استاد ۽ بي لوث خدمتگار هو. سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿين آ کينئون ڌار، تہ ڪر سڀ ڄمار، ڏٺوسين نہ ڪڏهين. شاھہ ڪريم جي شاعريءَ ۾ صنعتون: شاھہ ڪريم جو شعرُ نہ فقط قدامت جي لحاظ کان ارفع ۽ اعليٰ آهي، پر زبان ۽ بيان جي خوبين جي خيال کان بہ مٿانهون آهي. مضمون کي موثر بنائڻ لاءِ تشبيهن ۽ تمثيلن کان ڪم ورتو اٿس ۽ اهي تشبيهون پنھنجي وطن جي رسمن رواجن، ڌنڌن ڌاڙين ۽ ڏيکن ويکن مان کنيون اٿس. لوهار کي سنداڻ تي ڌڪ هڻندو ڏسي چوي ٿو تہ لوھہ کي جڏهن سنداڻ تي ڌڪ لڳن ٿا تہ ورچي وڃي ٿو، پر منهنجي دل محبوب کي ياد ڪندي رهي ٿي، انهيءَ ڪري ورچي نہ ٿي وڃي. توڙي جو ان کي دنيا جي حرص وَ هَوَس جا ڌڪ لڳن ٿا: ڌڪين ڌات پِئو، هينئڙو لوهَه سنداڻ جئن، سنڀاري کي سڄڻين، وِرچي تان نہ وئو. شاھہ ڪريم جي ملفوظات - ‘بيان العارفين’: شاھہ ڪريم جي ملفوظات، ‘بيان العارفين’ سندس مريد محمد رضا ٺٽويءَ، سندس وفات کان ڇھہ سال پوءِ، 1038ھہ/ 1628ع ۾ مڪمل ڪئي. هن مختلف هنڌن تي وڃي شاھہ ڪريم جي حياتيءَ جو احوال سندس هدايتون، علم ۽ حڪمت جا قول ۽ بيتَ، سندس مريدن کان معلوم ڪري قلمبند ڪيا. اهو احوال ۽ قولَ فارسي نثر ۾ لکيائين. انهيءَ احوال جي وچ تي سنڌي بيت بہ ڏنل آهن. اُنهن بيتن مان گهڻا شاھہ ڪريم جا پنهنجا آهن. انهن سان گڏ ڪجهہ بيت قاضي قادن ۽ ٻين سنڌي شاعرن جا بہ آهن. هن ملفوظات، مقدمي ۽ ‘بيان العارفين’ جي ڪن نسخن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو ستن بابن تي مشتمل آهي: پير حسام الدين وارو فارسي نسخو: هيءُ نسخو 17/8x22سائيز ۾ آهي. جيڪو 414 صفحن تي مشتمل آهي. هر صفحي ۾ 17 سٽون ڏنل آهن. هي نسخو پير عبدالباقي ولد حافظ حبيب 17 صفر 1051ھہ/ 1641ع ۾ نقل ڪيو. ڊاڪٽر دائودپوٽي موجب هن پنهنجو سڄو ڪتاب، فقير ڌڻي پرتي بلڙيءَ واري جي اُتاريل نسخي تان جوڙيو. جيڪو 15 صفر 1196ھہ/ 1782ع جو نقل ڪيل آهي. هي نسخو ان کان تقريباً ڏيڍ سؤ سال اڳ جو آهي. پير جهنڊي واري ڪتبخاني جو فارسي نسخو: هن جي سائيز 17/8x22 آهي. ڪتاب ۾ 478 صفحا آهن ۽ هر صفحي ۾ 12 سٽون آهن. هي نسخو محمد سعيد عرف الھہ رکئي، 1183ھہ/ 1769ع ۾ نقل ڪيو. نقل ڪرڻ واري ڪٿي ڪٿي روايتون ڇڏيون آهن ۽ ڪي سنڌي بيت بہ حذف ڪيا آهن. منصوره ڪاليج وارو فارسي نسخو: هي نسخو 23/8x18 سائيز ۾ آهي. سندس پويان 2 ورق ڦاٽل آهن. هيءُ نسخو 606 صفحن تي مشتمل آهي ۽ هر صفحي ۾ 15 سٽون آهن. هيءُ نسخو محمد صالح ڪاتب 1241ھہ/1825ع ۾ نقل ڪيو. ڪاتب اصل ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ ڪجهہ صفحا فارسي نثر ۽ نظم ۾ پنھنجي طرفان لکيا آهن، جن ۾ شاھہ ڪريم جي زندگيءَ جو مختصر احوال بہ ڏنو اٿس تہ شاھہ ڪريم جي توصيف بہ ڪئي اٿس. هن نسخي ۾ شاھہ ڪريم ۽ شاھہ لطيف جي وفات جون تاريخون بہ ڏنل آهن. سنڌي ادبي بورڊ وارو بيان العارفين سنڌي (قلمي): هن نسخي جي سائيز 2030/8x آهي ۽ 277 صفحا اٿس. جنهن جي هر صفحي ۾ 17 سٽون آهن. هيءُ نسخو سيد غلام شاھہ قادريءَ، 4 ربيع الاول 1244ھہ/ 14 سيپٽمبر 1828ع تي لکي مڪمل ڪيو. هي پهرئين جلد جو نقل آهي. بمبئيءَ وارو سنڌي ڇاپو: هيءُ ڪتاب وڏي سائيز جي 296 صفحن تي مشتمل آهي. هر صفحي ۾ 2 ڪالم آهن ۽ هر ڪالم ۾ 21 سٽون آهن. هيءُ ڪتاب مخدوم عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم مخدوم نورنگزادي، ڪتب فروش ميرپور بٺوري، مطبع مرغوبه هرديار، بمبئيءَ مان 1293ھہ/ 1886ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي پڇاڙيءَ واري نوٽ مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڇپائيندڙ اصلوڪي نسخي ۾ ڦير ڦار ڪئي آهي، جنهن سبب هن ڇاپي مان ڪيترائي سنڌي بيت حذف ڪيا ويا آهن. هريسنگ وارو ڇاپو: هيءُ ڪتاب وچولي سائيز ۾ ڇپيل آهي ۽ 246 صفحن تي مشتمل آهي. هر صفحي ۾ 2 ڪالم آهن ۽ هر ڪالم ۾ 25 سٽون آهن. هيءُ ڪتاب لٿو ۾ ماستر هريسنگ ڪتب فروش سکر 1909ع ۾ اسلامي پريس لاهور مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هي ڇاپو بمبئيءَ واري ڇاپي تان ڪاتب در محمد ويٺل لقمان (خيرپور ميرس) نقل ڪري ڇپرايو آهي. ان کان سواءِ شاھہ ڪريم جي ڪلام ۽ فڪر تي هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا آهن. رساله ڪريمي: هن ڪتاب جو مرتب نامور اديب مرزا قليچ بيگ آهي. هن ڪتاب جي سائيز 20/16x30 آهي ۽ 200 صفحن تي مشتمل آهي. هيءُ ڪتاب 1904ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، بعد ۾ هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي اساسي شاعر، شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌي ادب جي نامياري اديب، عالم ۽ محقق شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، رضا محمد دريائي ٺٽويءَ طرفان شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جي سهيڙيل ڪلام جي ڪتابي صورت ‘بيان العارفين و تنبيھہ الغافلين’ واري قلمي نسخي، ڌڻي پرتي جي اُتاريل نسخي، پير جهنڊي واري ڪتبخاني ۾ رکيل قلمي نسخي، بمبئيءَ واري سَنگي نسخي ۽ مرزا قليچ بيگ واري ڇپايل ‘رساله ڪريمي’ تان اخذ ڪري، سهيڙي شايع ڪرايو. موجودہ نسخي ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي نہ صرف عالمانه اصلاح ڪري، اُن جي ٻوليءَ کي معياري لهجي مطابق بڻايو آهي، پر ضروري هنڌن تي مٿي ڄاڻايل نسخن جي ابتدائي پڙهڻي پڻ پيش ڪئي آهي. هر بيت جي فارسيءَ سان گڏ سولي سنڌيءَ ۾ معنى ۽ تشريح بہ ڏني وئي آهي. ان کان سواءِ بيتن ۾ آيل اهڃاڻن ۽ مشھور شخصيتن ۽ شهرن جو تفصيل پڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ عبدالڪريم جي ڪلام سان گڏ سندس زندگيءَ جو مڪمل احوال ۽ خانداني شجرو بہ بيان ڪيل آهي، جنهن کانپوءِ ڪتاب ۾ ڪل ست باب آهن، جن مان هرهڪ ترتيبوار: باب 1: ‘حق جي يادگيريءَ، خود قربانيءَ، راز لڪائڻ، تجريد، تفريد وغيرہ جي بيان ۾’، باب 2: ‘سوالن جا جواب’، باب 3: ‘حلم، تواضع، مجاهدي ۽ سخاوت جي بيان ۾’، باب 4: ‘سماع، وجد، محبت ۽ شوق جي بيان ۾’، باب 5: ‘توحيد جي بيان ۾’، باب 6: ‘نبين، ولين ۽ بزرگن جا نڪتا’، باب 7: ‘تصرفاتن، دعائن ۽ ڪرامتن جي بيان ۾’ شامل آهن. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ بيان العارفين ۽ ٻين قلمي نسخن ۾ شاھہ ڪريم جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل نج سنڌي جهونن لفظن، عربي، فارسي لفظن ۽ اصطلاحن، الف- ب وار سنڌي بزرگن جي نالن، حاڪمن ۽ اميرن جي نالن، پرڳڻن، درياهن ۽ سنڌ جي انهن شهرن جا نالا جدا جدا صورت ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جن جو ذڪر بيان العارفين ۾ آيل آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾، مذڪوره ڪتاب جي ٻن ڇاپن متعلق خود مصنف ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جا لکيل ديباچا، خاص ڪري ٻئي ڇاپي جي هٿ اکر لکيل ديباچي جو عڪس شايع ٿيل آهي. شاھہ ڪريم جي هن ڪلام جو پهريون ڇاپو 1937ع ۾ شايع ٿيو. شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام: هن عنوان وارو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو ترتيب ڏنل قديم ڪتاب ٻيو ڀيرو 1977ع ۾ ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي ٽئين ڇاپي ۾ اڳيون سموريون غلطيون درست ڪري 2008ع ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ ڇپرايو، جيڪو ڊيمي سائيز جي 128 صفحن تي مشتمل آهي. شاھہ ڪريم جو ڪلام: هيءُ ڪتاب، نامور محقق ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي پي. ايڇ. ڊيءَ جي ٿيسز جو سڌاريل سنواريل ڇاپو آهي. ليکڪ ’ملفوظات بيان العارفين‘ (سنڌي) جي عنوان هيٺ نامور اسڪالر علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهريون حصو ستن بابن، ٻيو حصو سورهن بابن ۽ ٽيون حصو ٽن بابن تي مشتمل آهي. پهرئين حصي ۾ شاھہ ڪريم جي سوانح حيات، شخصيت ۽ ڪردار، علمي لياقت ۽ مشرب، سنڌ جون سياسي حالتون ۽ شاھہ ڪريم جي شاعري ڏنل آهي. ٻئي حصي ۾ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ولادت، پيري مُريدي ۽ حق جي واٽ جي طلب ڏنل آهي. ٽئين حصي ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ، شاھہ ڪريم جي بيتن جي شرح، شاھہ ڪريم جا بيت، قاضي قاضن جا بيت ۽ ٻين شاعرن جا بيت شامل آهن. هن ڪتاب جو پهرين ڇاپو 1963ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن تہ ٻيو ڇاپو سنواري سڌاري ليکڪ 1995ع ۾ پڌرو ڪيو. 201 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ٻئي ڇاپي واري ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. Shah Abdul Karim- a Mysalic Poet of Sindh: شاھہ ڪريم جي ڪلام جي انگريزي ترجمي تي مشتمل هن ڪتاب جو ترجمي نگار، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي آهي. هن ڪتاب جو تعارف پروفيسر اڪرم انصاريءَ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ ڪريم جي بيتن جي سامهون هر بيت جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڏنل آهي. 60 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌ ڪتاب گهر، انڊس پبليڪيشن ڪراچيءَ، 1986ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ابيات شاھہ ڪريم (اردو): شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام جي اردو ترجمي تي مشتمل هن ڪتاب جو ترجمي نگار ڊاڪٽر نجم السلام آهي. جنهن شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽ قاضي قاضن جي بيتن جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شاھہ ڪريم جي هر سنڌي بيت جي هيٺان اردوءَ ۾ منظوم ترجمي سميت بيت جي اردوءَ ۾ سمجهاڻي ڏنل آهي. هن ڪتاب جي پبلشر جو نوٽ، نامور ليکڪا مهتاب اڪبر راشديءَ لکيو آهي. 112 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري 1987ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي. بيان العارفين و تنبيھہ الغافلين (ڪتاب): شاھہ ڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات تي ٻَڌل هي ڪتاب محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن داروغه گهر ٺٽوي، سن 1038ھہ ۾ لکيو هو، اُن تي جديد انداز ۾ تحقيق ڪري، اصل متن جو فارسيءَ مان ترجمو ڪري، اُن تي تشريحي حوالا لکي، ڊاڪٽر عبدالغفار سومري مرتب ڪيو آهي. سومري صاحب ڪتاب جي ترجمي، تشريح ۽ حوالن تي محبت سان وڏي محنت ڪئي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ قرآني آيتن، حديثن ۽ قولن جي الف ب وار فهرست، مقدمي، متن ۽ حوالن ۾ آيل ڪتاب، ماڻهن جي نالن جي الف ب وار فهرست، بيان العارفين و تنبيھہ الغافلين ڪتاب جو اصل فارسي متن، ڪتاب جو انگريزي مقدمو، ۽ انگريزي حوالاجاتي ڪتابن جي ببليوگرافي (ڪتابيات) ڏني وئي آهي. ڪتاب جو تعارف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. مهاڳ مترجم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جو لکيل آهي. ان بعد مترجم جو مقدمو، اصل مؤلف جو ديباچو ۽ مقدمو ستن بابن جا عنوان ۽ ٻيئي عنوان ڏنا ويا آهن. 414 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ اصل متن ۽ انگريزي تعارف جا صفحا واڌو آهن. هن تحقيقي ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري 2007ع ۾ شايع ڪيو ۽ ڪتاب جي قيمت 330 روپيا آهي.


لفظ شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1538.01.30  عيسوي

سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو ’وهائو تارو‘ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو تڙ ڏاڏو، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، ارغونن ۽ ترخانن جي دور جو نامور شاعر ٿي گذريو آهي. سندس جنم 20 شعبان 944 هه بمطابق 30 جنوري 1538ع تي مٽيارين [موجوده ضلعي مٽياريءَ] ۾ سيد لعل محمد شاهه جي گهر ۾ ٿيو.


1032.12.07  هجري

شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري 88 سالن جي ڄمار ۾، 7- ذوالقعد 1032هه/ 1623ع تي، آچر جي رات، مغرب جي نماز وقت، هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عـلـي رضا عمراڻي
عبدالخالق مولوي
فرهاد جروار
ابل اداس ٻٻر
اٽل مل بينام
دريا خان دولھہ
سيد حافظ شاھہ حافظ حسيني
پرسرام ضياء
عراقي فخرالدين شيخ
تلسيداس
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون