شاھہ عبدالڪريم- ڪلام ڪليم (ڪتاب): شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جي ڪلام تي مشتمل هيءُ ڪتاب مير محمد نظاماڻي جو مرتب ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جي زندگي بابت سربستو احوال پڻ شامل آهي، جنهن ۾ شاھہ ڪريم جي وقت ۾ سنڌ جو تاريخي پس منظر، ملڪ جي ادبي حالت، شاھہ ڪريم جي حياتي جو احوال، شاھہ عبدالڪريم جو ڪلام، وغيرہ شامل آهي. جنهن بعد شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جو سنڌي ۽ هندي ڪلام ڏنل آهي ۽ آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر علي نواز حاجن جتوئي جو لکيل آهي.
58 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز ۾ هي ڪتاب آر. ايم فتح ائنڊ برادرس حيدرآباد جولاءِ 1965ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو 25 پئسا ڄاڻايل آهي.