شاھہ علي محمد

شاھہ، علي محمد (شاعر): فقير علي محمد شاھہ ولد حسين شاھہ جيلاني گاگڙي’ دستاربند عالم هو. 19 ربيع الاول 1282ھہ/ 12 آگسٽ 1865ع تي ڄائو. سندس ڪلام جي بياض ۾ شامل 228 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون ڊاڪٽر نبي بخش خان جي نظر مان گذريون. سندس ڪافين مان هڪ ڪافيءَ جو نمونو هن ريت آهي:
بيرنگ بره بات سڻائي، عشق وڃايو اسلام،
مسجد منبر ڇوڙ منارا، ڪوثر پيتم جام،
اسم شاھہ فياض جي قرب ڪيو قتلام،
ڪعبي وڃڻ ڪم نہ اسان جو، روح اندر ۾ رام،
عابد زاهد ذوق نہ ميڪون، دين ڪفرڪيها ڪام،
’علي محمد‘ سائين عشق جي، ڪل ناهي ڪنهين عام.
هن 19 ربيع الاول 1345ھہ/29 آگسٽ 1926ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1865.08.12  عيسوي

فقير علي محمد شاهه ولد حسين شاهه جيلاني گاگڙي’ دستاربند عالم هو. 19 ربيع الاول 1282هه/ 12 آگسٽ 1865ع تي ڄائو.


1926.08.29  عيسوي

فقير علي محمد شاهه 19 ربيع الاول 1345هه/29 آگسٽ 1926ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شفيع احمد اوج علوي
جعفر جاني
اثر امام
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
دريا خان فقير 1
پراڻناٿ
غوثل ميراڻي
راشد مورائي
اسحاق سميجو ڊاڪٽر
رئيس عبداللطيف لطيف ناپر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون