شاھہ عنايت قادري

شاھہ عنايت قادري: هيءُ پنھنجي وقت جو مشھور بزرگ، درويش ۽ صوفي شاعر بابا بلهي شاھہ جو مرشد ٿي گذريو آهي. شاھہ عنايت جو جنم نامور مولوي ۽ بزرگ پير محمد جي گهر ۾ ٿيو هيءُ ذات جو آرائين هو. شاھہ عنايت جي ڄمڻ جي تاريخ ڪن روايتن ۾ 1056ھہ/1646ع ملي ٿي، سندس والد مزنگ ڳوٺ، لاهور جو رهاڪو هو، کيس ڪجهہ زرعي زمين پڻ هئي، پر قصور شھر ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
شاھہ عنايت پنجن سالن جي عمر ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو، نون سالن جي عمر ۾ عربي، فارسي زبانن کان علاوہ ديني ۽ دنيوي علم تي دسترس حاصل ڪئي. ٻارنهن سالن جي عمر ۾ دستار بند ٿيو. هن محمد رضا شاھہ کي پنهنجو مرشد ڪيو، جنهن کيس خلافت جو خرقو ڏنو ۽ هدايت ڪئي تہ قصور وڃي ر هائش اختيار ڪري.پوءِ ڪيترائي سال قصور شھر ۾ درس و تدريس سان لاڳاپيل رهيو. روايت آهي تہ بابا بلهي شاھہ گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ لاهور ويو هو. لاهور ۾رهڻ دوران مختلف صوفين جي محفلن ۾ ويندو رهيو ۽ اتي شاھہ عنايت جي باري ۾ کيس معلوم ٿيو تہ هڪ صاحب علم شخص آهي، بلهي شاھہ اتي وڃي شاھہ عنايت سان مليو ۽ پنهنجو تعارف ڪرايائين ۽ درخواست ڪيائين تہ هو کيس پنهنجو مريد بڻائي.
بلهي شاھہ جنهن کي اَڻ پڙھہ ۽ نيچ ذات جو پئي سمجهيو اهو تہ پهتل شخص ۽ صاحب ڪرامت نڪتو. ان بعد پاڻ وڃي سندن پيرن تي ڪريو ۽ مريد بڻجڻ جي درخواست ڪيائين، جيڪا شاھہ عنايت قبول ڪئي. اهڙيءَ طرح بلهي شاھہ جو پنھنجي مرشد سان پهريون تعلق قائم ٿيو.شيخ محمد عنايت جيڪو عام طور تي شاھہ عنايت قادري جي نالي سان مشھور ٿيو، هڪ روايت ۾ اچي ٿو تہ هو شاليمار باغ لاهور جو مالهي هو. وظائف ڪلان ۾ سندس وفات جي تاريخ 1147ھہ مطابق 1735ع ڏني وئي آهي.اهو دور مغل بادشاھہ محمد شاھہ جو هو.
روايتن ۾ اچي ٿو تہ شاھہ عنايت جي وفات کانپوءِ بلهي شاھہ سندس درگاھہ سنڀالي. شاھہ عنايت پنھنجي دور جو وڏو عالم هو ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. چيو وڃي ٿو تہ پاڻ قرآن شريف جو تفسير لکيو هئائين، جيڪو هن وقت موجود نہ آهي. درگاھہ جي خليفي شيخ سراج الدين وٽ هن وقت بہ فارسي ۾ سندس لکيل ڪتابن جا قلمي مسودا موجود آهن، جن ۾: (1) صلاح الحمل، (2) لطائف غائبيه، (3) ارشاد الطالبين، ۽ (4) محمد غوث گوالياري جي لکيل ڪتاب ‘جواهر خمسه’ جي تشريح ۽ تفسير شامل آهن. چيو وڃي ٿو تہ عنايت شاھہ ٻيا بہ ڪيترا ڪتاب لکيا هئا، جيڪي سندس ڪتبخاني ۾ موجود هئا. پر مهاراجا رنجيتسنگهہ جي وفات کانپوءِ فسادان دوران لائبرريءَ کي باھہ لڳائي وئي، جنهنڪري ڪيترائي ڪتاب سڙي ويا، جن ۾ شاھہ عنايت جا لکيل مختلف قلمي نسخا بہ شامل هئا.


لفظ شاھہ عنايت قادريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو