شاھہ عنايت ﷲ جيلاني: ﷲ جيلاني'>شاھہ عنايت ﷲ جيلاني پنھنجي دور جو علم جو صاحب هو. هن بابت عام راءِ آهي تہ هو يمن کان سنڌ ۾ آيو ۽ نصرپور شھر ۾ اچي هميشہ لاءِ سڪونت اختيار ڪيائين. نصرپور ۾ رهڻ جي ڪجهہ عرصي بعد هن هڪ مدرسي ۽ خانقاھہ جو بنياد رکيو. هن بزرگ بابت مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي ڪتاب ‘تحفةالڪرام’ ۾ لکيو آهي تہ “شاھہ عنايت ﷲ پير دستگير جي اولاد مان نصرپور ۾ آرامي آهي. سندس زيارت جي فيض کان زيارتين جو طرحين طرحين مرادون پوريون ٿين ٿيون. سندس اولاد باقي آهي.” محمد يوسف شاڪر ابڙو پنھنجي قلمي بياض ۾ هن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، “شاھہ عنايت ﷲ کي وفات بعد سندس ئي قائم ڪيل خانقاھہ جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.” هن جي قبر مٿان قبو اڏيل هو، جيڪو هاڻي ڊهي ويو آهي ۽ خانقاھہ جو ڪو بہ نشان باقي نہ آهي. هن وقت سندس مزار جي چوڌاري پڪين سرن جي ديوار ڏنل آهي، جيڪا پڻ ڊٺل آهي، چند قبرن کانسواءِ سموريون مٽجي ويون آهن. عام راءِ آهي تہ ناليوارو بزرگ قاضي مسعود عثماني قريشي پڻ ساڳئي قبرستان ۾ مدفون آهي. شاھہ عنايت ﷲ جي درگاھہ ۽ قبرستان جا مجاور، قبرستان ڀرسان رهندڙ شيدي آهن.