شاھہ غلام عباس

شاھہ غلام عباس: سيد غلام عباس شاھہ ولد روشن علي شاھہ جھانيان پوٽو 1301ھہ/ 1883ع ۾ ٽنڊي جھانيان حيدرآباد شھر ۾ ڄائو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل ڪتاب ’ڪافيون‘ مطابق 14 صدي هجريءَ جي پهرين ڏهاڪي واري دور جي شاعرن مان آهي. هن جي همعصر شاعرن ۾ مرزا بندہ علي بيگ، جمعو فقير، قاضي امام بخش، فقير مير خان ٽالپر، حاجي امام بخش خان صابر ۽ بخش خان اوڍو شامل آهن، هن 10 جمادي الاخر 1358ھہ/28 جولاءِ 1939ع تي وفات ڪئي. سندس ڪافي نموني طور پيش ڪجي ٿي.
واھہ واھہ ناز نيڻن جي نزاڪت ڏس،
لحظي ليئڙو پائڻ، سا لياقت ڏس،
ڪڏهن جهٽڪ ڏئي کين نهارن ٿيون،
دک درد دلين جا لاهن ٿيون،
پاڻ سهڻيءَ ريت سيبائن ٿيون،
اها صاف سندن آهي سخاوت ڏس،


هن صفحي کي شيئر ڪريو