شاھہ غياث الدين جيلاني: بزرگ شاھہ غياث الدين جيلاني، نصرپور جي نامور بزرگ شاھہ عنايت ﷲ جيلانيءَ جو پٽ هو. پاڻ پنھنجي دور جي وڏن مشائخن مان هڪ هو. هن پنھنجي والد کان روحاني فيض حاصل ڪيو ۽ والد جي وفات کانپوءِ خانقاھہ جي مسنَد تي ويٺو. کيس نصرپور ۽ آسپاس ۾ چڱي حيثيت حاصل هئي. هن جي وفات نصرپور ۾ ٿي. کيس خانقاھہ جي احاطي ۾ والد جي ڀر ۾ دفنايو ويو. هن وقت سندس مزار سان گڏ خانقاھہ ۽ سڄو قبرستان ڊهي ويو آهي. اڪثر قبرون ميسارجي چڪيون آهن.