شاھہ قاسم بيگلار1

شاھہ قاسم بيگلار1: شاھہ قاسم بيگلار، عربستان جي سادات گهراڻي مان هو ۽ مرزا شاھہ حسن جي دور ۾، 1522ع ڌاري سمرقند مان نڪري سنڌ ۾ اچي رهيو. هو پهرين عربستان کان ترڪستان ۾ وڃي رهيو، بعد ۾ سمرقند کان ٿيندي جڏهن سنڌ آيو تہ شاھہ حسن ارغون کيس مان ڏيندي پنھنجي خاص درٻاري اميرن ۾ شامل ڪيو. هن ترڪن مان ٻہ شاديون ڪيون، جنهن سبب ارغون سڏجڻ لڳو. مرزا شاھہ حسن ارغون کيس اميرن ۾ شامل ڪرڻ بعد ‘جهيجو’ پرڳڻو کيس جاگير طور ڏنو. هن سنڌ ۾ راجپوت گهراڻي مان عمرڪوٽ جي واليءَ جي ڀائٽيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان امير شاھہ قاسم خان زمان نالي پٽ ٿيو. جنهن وٽ ‘ڪاڇي’ جو ڳوٺ جاگير طور هو. محمد صديق مسافر، پنھنجي ڪتاب ‘سنڌ جي تاريخ’ (ڀاڱو پنجون) ۾ لکي ٿو ته، شاھہ قاسم بيگلار، همايون مغل بادشاھہ ۽ شير شاھہ سوريءَ جي تخت ۽ تاج واري ويڙھہ ۾ همايون جي شڪست کائي، سنڌ ۾ ‘جوڻ’ پرڳڻي ۾ اچڻ بعد مرزا شاھہ حسن ارغون ۽ همايون جي وچ ۾ ٿيل ويڙھہ ۾ 1543ع ۾ مارجي ويو. کيس نصرپور ڀرسان تورڪي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. جنهن بعد اهو قبرستان ‘بيگلارن جو قبرستان’ سڏجڻ لڳو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو