شاھہ قاسم بيگلار (ماڳ)2: شاھہ قاسم بيگلار جو ماڳ تورڪي قبرستان لڳ نصرپور ۾ واقع آهي. هيءُ ماڳ ارغون ترخان دور سان تعلق رکي ٿو. امير شاھہ قاسم بن ابو بيگ بن چوچڪ بيگ سمرقند جو ويٺل سادات هو. ارغونن سان ناناڻو ناتو هئس. تاريخي لحاظ کان اهو زمانو همايون ۽ شير شاھہ سوريءَ جي ويڙھہ وارو هو. جڏهن همايون شڪست کائي سنڌ تي ڪاهيو تہ جوڻ وٽ شاھہ حسن ارغون ۽ همايون جي فوجين وچ ۾ ويڙھہ ٿي، جنهن ۾ شاھہ قاسم قتل ٿي ويو. هي واقعو سال 950 هجريءَ جو آهي.
شاھہ قاسم بيگلار جي پٽ مير ابوالقاسم سلطان جي مصاحب ادراڪي بيگلار، شاھہ قاسم جي دور جي جنگي معرڪن کي ‘بيگلار نامہ’ نالي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي.