شاھہ قطب الدين محمد بن شاھہ محمود بن شاھہ طيب هروي

شاھہ قطب الدين محمد بن شاھہ محمود بن شاھہ طيب هروي: هيءُ بزرگ اصل خراسان جو باشندو هو، جيڪو ترڪماني فسادن بعد سنڌ ۾ آيو ۽ بکر ۾ اچي مقيم ٿيو. شاھہ حسن ارغون کيس بکر جو ‘شيخ الاسلام’ مقرر ڪيو. پنھنجي وقت جو وڏو واعظ هو. هن بزرگ 997ھہ/1588ع ڌاري وفات ڪئي. شاعر بہ هو، سندس هيٺيون فارسي شعر قابل داد آهي:
جهادِ نفس بہ ست از جهاد اسلامي،
ڪه در درون جان است دشمنِ دين را.


هن صفحي کي شيئر ڪريو