
يادگار لطيف (مخزن)

ڀٽائي (جرنل)
شاھہ لطيف بابت ڇپيل مختلف رسالا/ مخزن ۽ سووينيئر:
يادگار لطيف (مخزن): هيءَ مخزن، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻہ سؤ ڇھہ ساله سالگرھہ (1958ع) جي موقعي تي پڙهيل مقالن ۽ شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن کي بيگم زينت عبدالله چنا ترتيب ڏنو آهي. ابتدا ۾ 206 ورسيءَ جي پهرين، ٻي ۽ ٽين نشست جي پروگرام جو تفصيل ڏنو ويو آهي. 30 آگسٽ 1958ع تي پهرين نشست جي صدارت پاڪستان جي صدر اسڪندر مرزا ڪئي هئي ۽ استقباليه خطبو سيد ميران محمد شاھہ پڙهيو هو ۽ افتتاحي خطبو اسڪندر مرزا پڙهيو، ان بعد راڳ ۽ ساز جي محفل ٿي، جنهن ۾ پير بخش شڪارپوريءَ، مُتي ۽ دهل تي ڪلام ڳايو. مير محمد خان بلوچ، نڙ تي لئي ڀيروي وڄائي. نارو ڀڳت ‘ڪاڪيون قريبن جي اڳيان، ڪتيم ڪينڪي ڇا ٻڌايان’ ڪلام ڳايو. مصري خان الغوزي تي سُرمانجهہ وڄايو ۽ اُستاد منظور علي خان، ڀيرويءَ ۾ ‘وينديس مان تہ مري’ ڪلام ٻڌايو. ٻي نشست
31 آگسٽ 1958 تي صبح جو سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ مقالن ۽ شاعريءَ کان سواءِ: قاسم شاھہ، گل محمد ماڇيءَ، شيخ دين محمد، حليم پيرزادي، امير بخش فقير، مائي الھہ وسائي،
نارو ڀڳت، مصري فقير ۽ استاد منظور علي خان، شاھہ جون وايون ڳايون. محمد اسماعيل بئنجي تي ڪوهياري وڄائي، خميسي خان الغوزي تي ڌن وڄائي ۽ فقير قادر بخش مُرليءَ تي ڌن ٻڌائي، مير محمد نڙ ۽ مصري خان بينن تي لهرا ٻڌايا، جڏهن تہ دهل ۽ متي تي پير بخش فقير، اڪرم فقير ۽ بسنت فقير لغاري الغوزو ۽ مير محمد خان، محمد آچر بئنجو نڙ ٻڌايو. جڏهن تہ ٻِيڙَي فقير ڪنڀار، عبدالرزاق شاھہ، پيرزادي عبدالستار ۽ گل محمد ماڇيءَ راڳ ۾ حصو ورتو.
هن مخزن ۾ استقباليه ۽ افتتاحي تقريرن کان سواءِ هيٺين عالمن جا مقالا پيش ڪيا ويا آهن:
(1) شاعر ۽ سگهڙ (ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو)
(2) شاھہ عبداللطيف (اسماعيل بن واصف)
(3) شاھہ جي وطن دوستي (آغا شھاب الدين)
(4) شاھہ سائينءَ جي پيشنگوئي (ولي محمد طاهرزادو)
(5) ڀٽائيءَ جو ڍٽ ڌڻي يا شاھہ جو راڻو (مير شفيع احمد علوي)
(6) شاھہ ۽ تصوف (ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ‘خليل’)
(7) شاھہ جو ڪلام هڪ سرسري نظر ۾ (محمد خان غني)
شاعريءَ واري حصي ۾ دين محمد ‘اديب’ فيروزشاهي، محمود ‘خادم’ رفيقوي، بردو سنڌي، پير محمد پياسي، مرزا گل حسن ‘احسن’ ڪربلائي، اياز سنڌي، عبداللطيف ‘قمر’ بلوچ، لائق سيتائي، حسيني امداد علي شاھہ امداد ٽکڙائي، جامي ۽ غلام حيدر حبدار جا شعر ڏنا ويا آهن. ڊبل ڪرائون جي 60 صفحن تي مشتمل هيءَ مخزن، لطيف يادگار ڪائونسل، سنڌ يونيورسٽي پريس حيدرآباد مان 1959ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن جي قيمت ٻہ روپيا آهي.
يادگار لطيف (مخزن): هي مخزن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻہ سؤ ست ساله سالگرھہ (1959ع) جي موقعي تي شاھہ لطيف جي شاعريءَ، فڪر ۽ فن تي عالمن ۽ اديبن جي پڙهيل مقالن ۽ شاعرن پاران شاھہ کي پيش ڪيل منظوم خراج عقيدت تي مشتمل آهي. هن مخزن کي مشھور ليکڪا بيگم زينت عبدالله چنا مرتب ڪيو آهي. هن ۾ علامہ آءِ. آءِ قاضي، محبوب علي چنا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حبيب ﷲ ڀُٽي، محمد حسين ترڪ، آغا تاج محمد، عبدالله چنا، سرشار عقيلي، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، مخدوم طالب الموليٰ، بيگم زينت عبدالله چنا، امينه خميساڻي، اسد ﷲ شاھہ ٽکڙائي، مرزا همايون بيگ، علي محمد خالدي، بشير مورياڻي، سيد احسن الهاشمي، سيد نور محمد لطيفي، شفيع احمد علوي، ضياء الدين بلبل، آغا شھاب الدين، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، ڌڻي بخش صوفي، عطا محمد حامي، سيد ميران شاھہ، مولائي شيدائي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ مقبول احمد ڀٽيءَ جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ان کان سواءِ مولوي دين محمد چنا، محمد خان ‘غني’، عاجز هالائي، محمـود خادم ‘رفيقي’، برده سـنڌي، محمد علـي ‘جوهـر’، ڊاڪٽر خليل، علي محمد خالدي، عارف جيلاني، حافظ احسن چنا، قاضي عبدالحئي ‘قائل’، امداد حُسيني، احسن ڪربلائي ۽ پير محمد پياسيءَ جا شعر آهن.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 195 صفحن تي مشتمل هيءَ مخزن سنڌ يونيورسٽي پريس، حيدرآباد ۾ شايع ٿي. جيڪا شاھہ لطيف جي ٻہ سؤ ست ساله سالگرھہ جي موقعي تي، 1960ع ۾ لطيف يادگار ڪائونسل طرفان پڌري ٿي، جنهن جي قيمت هڪ روپيو آهي.
نقشِ لطيف: هيءَ مخزن شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 218هين ورسيءَ جي موقعي تي شايع ٿي، جنهن کي شيخ عزيز مرتب ڪيو. هن ۾ شاھہ صاحب جي شخصيت ۽ شاعريءَ بابت وڏن عالمن ۽ محققن جا تحقيقي مقالا آهن، انهن عالمن ۽ محققن ۾ علامہ آءِ. آءِ قاضي،
اي. ڪي بروهي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مولانا غلام محمد گرامي، پروفيسر عبدالعلي قلباڻي، الياس عشقي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، بيگم امينه خميساڻي، ممتاز مرزا ۽ شيخ عزيز شامل آهن،
ان کان سواءِ آخر ۾ شاھہ صاحب سنڌ جي نامور شاعرن منظوم خراج تحسين پيش ڪيو آهي، جن ۾: مرزا گل حسن احسن ڪربلائي،
شيخ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، نياز همايوني، امداد حسيني،
رشيد احمد لاشاري، سيد منظور نقوي، ناشاد، وفا ناٿن شاهي ۽
غلام مرتضيٰ شاھہ شامل آهن.
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 95 صفحن تي مشتمل هي مخزن محڪمه اطلاعات، حيدرآباد، اپريل 1970ع ۾ شايع ڪئي، جنهن جي ڪا بہ قيمت ڄاڻايل نہ آهي.
مخزن شاھہ عبداللطيف ڀٽائي: هي ڊبل ڪرائون مخزن، سال 1954ع ۾، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سالگرھہ جي موقعي تي ڪيل تقريرن ۽ پڙهيل مقالن تي مشتل آهي ۽ صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ادارت ۾ شايع ٿيو آهي. هن ۾ هيٺيون مواد شامل آهي:
(1) خطبه صدارت: پيرزادو عبدالستار، وزيراعليٰ سنڌ
(2) شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي قوت مشاهده يا ڏسڻ جي اک: سير ميران محمد شاھہ
(3) سنڌي ثقافت جو مرڪز: جي ايم سيد
(4) شاھہ ڀٽائي رح ۽ وطن جي ياد: ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ‘خليل’ شاھہ عبداللطيف: پير سعيد حسن
(5) شاھہ ڀٽائيءَ جي روح رهاڻ: مولوي عبدالڪريم چشتي
(6) وطن جي حُب: ايم اي چنه
(7) شاھہ رح جي رسالي ۾ تاريخي اشارا: مولائي شيدائي
(8) لطيفي دنيا جو سير: حسيني قطب علي شاھہ
(9) محمد ڪارڻي: سرور علي سرور حيدرآباد
(10) روحِ لطيف (منظوم اردو ترجمو): رشيد احمد لاشاري
(11) شاھہ لطيف جو سنڌ جي رسمن بابت مطالعو
(12) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندن معرفت وارو مقام: سيد غلام حيدر شاھہ
(13) شاھہ جي شعر ۾ ساڻيھہ جي سڪ: مقبول احمد ڀٽي
(14) شاھہ صاحب جو مخدوم محمد معين ڏي خط ۽ ان جو جواب
(15) آغا تاج محمد ۽ فقيرزاده بشير مخفي جي شاعري (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
(16) شاھہ ڀٽائي ڪا نظريہ تصوف: فقير بشير مخفي القادري
(17) گهلائي عقيدت (نظم فارسي): دين محمد اديب فيروزشاهي
(18) T. L. Waswani: Shah Latif: The Peerless poet of Sindh
هيءَ ڊبل ڪرائون جي 96 صفـحـن تي مشتمل مـخـزن، لطيف يـادگار ڪـميٽـيءَ، 1954ع ۾ ڇـپائي پـڌري ڪـئي ۽ اُن جي قيمت
2 روپيا آهي.
لطيف سالگرھہ مخزن (ٻہ سو نائين ورسي، 1961): هيءَ مخزن سال 1961ع ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 209هين ورسيءَ جي موقعي تي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، اعزازي سيڪريٽري ڀٽ شاھہ ثقافت ڪميٽيءَ جاري ڪئي. ان ۾ چيئرمئن ڀٽ شاھہ ڪلچرل سينٽر
نياز احمد جي تقرير کانپوءِ ان وقت جي مرڪزي وزير قدرتي وسيلا جناب ذوالفقار علي ڀٽو (شھيد) جو افتتاحي خطبو ڏنو ويو هو.
جناب شھيد ڀُٽي اها تقرير انگريزيءَ ۾ ڪئي هئي. اها تاريخي تقرير اڌ صدي گذري وڃڻ بعد هڪ تاريخ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. ڀُٽي شھيد اها تقرير ڀٽ شاھہ ۾ 28 جولاءِ 1961ع تي شام جو 5 وڳي نئين تعمير ٿيل جلسي گاھہ ۾ ڪئي هئي. هن چيو هو ته، “شاھہ لطيف نہ رڳو سنڌ جو روشن ستارو آهي، بلڪ اسان جو قومي هيرو آهي، ۽
بين الاقوامي شھرت ۽ درجي جو شاعر آهي. سچ پچ تہ قومي هيرن جون زندگيون مشعل راھہ آهن. دنيا جون سجاڳ قومون پنهنجن بزرگن جي ياد مختلف طريقن سان ملهائينديون آهن ۽ سندن حياتي، شخصيت، پيغام ۽ فلسفي کي عوام تائين تقريرن ۽ مقالن جي ذريعي پهچائين ٿيون. ڀٽائيءَ جي عظيم شخصيت اسان جي موجودہ ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اعليٰ رهبر جي حيثيت رکي ٿي. سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ تمدن ۽ ڀٽائيءَ جي زندگيءَ کي هڪٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي. ڀٽائي ۽ سنڌ لازم ملزوم آهن. سنڌ کي ڀٽائيءَ کان سواءِ ۽ ڀٽائيءَ کي سنڌ کان سواءِ سمجهي نٿو سگهجي...”
هن مـخـزن ۾ پيـر حـسـام الـديـن راشـدي، مخـدوم اميـر احـمـد، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شبير هاتف، ممتاز مرزا ۽ ٻين جون تقريرون ۽ مختلف شاعرن جي شاعري ڏنل آهي.
ڀٽائي (جرنل): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 228هين عرس جي موقعي [14-15-16 صفر 1400ھہ، 3-4-5 جنوري 1980ع] تي ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڪميٽي، حيدرآباد، سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ يادگار جرنل شايع ڪيو هو. سنڌي ڀاڱي ۾، ابتدا ۾ ممتاز مرزا جون لطيف سائينءَ جي ميلي جي حوالي سان ساروڻيون ‘وساريان نہ وسرن’ جي عنوان سان ڏنل آهن. ان کانپوءِ پير حسام الدين جي 1961ع ۾ ڀٽائيءَ جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيل صدارتي تقرير ‘شاھہ تي تحقيق’ عنوانن سان ڏني وئي آهي. هن جرنل جو انگريزي ڀاڱو ڀـرپــور آهـي، جـنهـن جـا ابـتـدائـي اکـر (Foreword) اي بي سومري ۽ تعارف عبدالحميد آخوند لکيو آهي. ان بعد شاھہ بابت هيٺيان مضمون [۽ ترجما] شامل آهن:
(1) Sarang: Elsa Kazi
(2) An Account of Poets Life: K. L. Advani
(3) Shah Abdul Latif: H. T. Sorley
(4) (a) The Joy of Beloved, (b) The Guide, Poetic Translation by: H. T. Sorley
(5) Shah Abdul Latif- Founder of a New Music Institution: Dr N. A Baloch
(6) Sur Music (Introduciton of 28 Surs of S.A.Latif): Elsa Kazi.
هن جرنل جي ٽائيٽل تي شاھہ جي سماع جي ظفر ڪاظميءَ جي ٺاهيل تصوير ڏني وئي آهي. هي جرنل ڊبل ڪرائون سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل آهي.