ڀٽ شاهه: شاهه لطيف ايڪسلينس سينٽر

ڀٽ شاهه: شاهه لطيف ايڪسلينس سينٽر

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم شاهه لطيف چيئر

ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم شاهه لطيف چيئر

شاهه لطيف فائوڊيشن

شاهه لطيف فائوڊيشن

شاھہ لطيف تي تحقيق ڪندڙ ادارا

شاھہ لطيف تي تحقيق ڪندڙ ادارا:
(1) ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ:
حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيرح جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ نامياري اديب ۽ سياستدان سيد ميران محمد شاھہ ٽکڙائيءَ (جي ايم سيد سان گڏجي)، 1928ع کان درگاھہ ڀٽ شاھہ تي خاص طور عرس جي موقعي تي راڳ ڪرائڻ سان ابتدا ڪئي. سنہ 1932ع کان 1940ع تائين ڪراڙ ڍنڍ جي اترئين پاسي ادبي ڪانفرنسون ۽ راڳ جون محفلون مچايائين. 1950ع ۾ سنڌ سرڪار ۾ عوامي ڀلائيءَ جي کاتي جي وزير جي حيثيت ۾، نيشنل هاءِ وي کان درگاھہ تائين ٻن ڪلوميٽرن جو پڪو رستو جوڙايائين. ساڳيءَ ريت ‘لطيف يادگار ڪميٽيءَ’ جو بنياد رکيائين، جنهن سان شاھہ جي ورسين ۽ ڪانفرنسن جو سلسلو شروع ٿيو. 1952ع ۾ سائين جي ايم سيد جي صدارت ۾ ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي ڪارروائي نامياري محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هلائي. ڊاڪٽر بلوچ 1951ع کان 1967ع تائين مسلسل نہ رڳو ادبي ڪانفرنسن جون ڪارروايون هلايون، پر ان جا انتظام پڻ گهڻي ڀاڱي سنڀاليندو رهيو. 15 آڪٽوبر 1954ع تي ڀٽائيءَ جي ٻہ سؤ پهرئين عرس جي موقعي تي ‘لطيف يادگار ڪميٽي’ کي سرڪار پنھنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ‘ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز’ جو بنياد، سنڌ جي ان وقت جي وزيراعليٰ پيرزادي عبدالستار رکيو ۽ اُن جو افتتاح ان وقت جي صنعتن جي وفاقي وزير، ذوالفقار علي ڀُٽي، 18 جولاءِ 1962ع تي ڪيو.
‘ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز’ پاران ٿوري ئي وقت جي اندر ميوزم [جنهن ۾ شاھہ جي سورمين بابت ‘ڊايا راما’ نصب ڪيا ويا]، اوپن ايئر آڊيٽوريم، ريئر [ناياب] بوڪ لائبرري، فنڪارن جي هاسٽل، عورت فنڪارن لاءِ هاسٽل، موٽيل، مسافر خانو [هاڻ ان بلڊنگ ۾ F.M 93.5 ريڊيو پاڪستان ڀٽ شاھہ ۽ واپڊا آفيس قائم آهي]، شاھہ لطيف ايڪسيلنس سينٽر، ريسٽ هائوس، شاھہ لطيف ميوزڪ اسڪول،
شاھہ لطيف لائبرري، شاھہ جو باغ ۽ آرٽ گيلري شامل آهن. ان کان سواءِ هن اداري پاران عرس جي موقعي تي ٽن ڏينهن تائين هر سال ادبي ڪانفرنس، ملاکڙو، راڳ رنگ ۽ ٻيا ثقافتي ۽ تفريحي پروگرام منعقد ڪرايا ويندا آهن. 1960ع کان مرڪز پاران 8-207 عرس (1960ع)،
209 عرس (1961ع)، 11-210 عرس (1964ع)، 13-212 عرس (1967ع)، 215 عرس (1968ع)، 216 عرس (1969ع)، 18-217 عرس (1971ع)، 20-219 عرس (1973ع)، 22-221هين عرس (1975ع) جي موقعي تي ‘لطيف سالگرھہ مخزن’ جا 15 نمبر [9 جلدن ۾] پڌرا ڪيا. ان کان پوءِ هر سال رسالي جي هڪ سُر تي ڪتاب پڌري ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ 1970ع ۾ ‘سر ڪلياڻ’ تي پهريون ڪتاب پڌرو ڪيو ويو، جيڪو سلسلو ٽيهن سُرن جي مڪمل ٿيڻ تي 2009ع ۾ ختم ڪيو ويو. هي مرڪز پاران مختلف وقتن تي هڪ، ٻن ۽ ٽن ڏينهن جون قومي ۽
بين الاقوامي سطح جون ادبي ڪانفرنسون پڻ منعقد ڪرائيندو رهندو آهي تہ ساڳئي وقت سگهڙن جون ڪچهريون پڻ ڪرايون وڃن ٿيون. ميلي جي ٽنهي راتين تي اوپن ايئر آڊيٽوريم ۾ راڳ جي محفل، زائرين ۽ عقيدتمندن لاءِ دلچسپيءَ جو سبب هوندي آهي. هر شام ملاکڙو بہ ٿيندو آهي. ميلي جي آخري ڏينهن تي سنڌ جو وڏو وزير، شاھہ سائينءَ تي تحقيق ڪندڙ اديب [توڙي مترجم]، راڳي، شاھہ جي راڳي، سازندي ۽ بھترين ملھہ وغيرہ کي ‘لطيف اوارڊ’ ۽ عرس جي موقعي تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي شيلڊون ۽ روڪ رقم انعام پڻ ڏيندو آهي.
ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ طرفان مختلف وقتن تي شاھہ سائينءَ جي حوالي سان هڪ سؤ کن ڪتاب پڻ شايع ڪرايا ويا آهن. هن اداري جو اعزازي سيڪريٽري سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جو سيڪريٽري ئي هوندو آهي، جڏهن تہ چيئرمئن حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر رهندو آهي. مرڪز جي قيام ۽ عرس جون تقريبون ملهائڻ ۾ سيد ميران محمد شاھہ کان سواءِ جي ايم سيد، مخدوم طالب الموليٰ، پيرزادي عبدالستار، خانصاحب عبدالله چنا، آغا تاج محمد، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، بخش نظاماڻي، ممتاز مرزا، عبدالحميد آخوند ۽ ڪيترن اورچ، محنتي ڪارڪنن ۽ عقيدتمندن جو اهم ڪردار آهي.
(2) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، صدر جنرل ضياءُ الحق جي هڪ حڪم هيٺ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، 1986ع ۾ قائم ٿي، جنهن جو اعلان هُن ‘تنظيم فڪر و نظر’ پاران سکر ۾ 18 اپريل 1985ع تي ڪوٺايل ‘ڪُل پاڪستان شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس’ ۾ ڪيو هو.
جنرل ضياء الحق پاڻ هڪ خط وسيلي (جيڪو 24 اپريل 1985ع تي سنڌ جي گورنر، ناڻي، ثقافت ۽ تعليم جي وزارتن جي وفاقي سيڪريٽرين ڏانهن اماڻيو ويو هو) اها هدايت ڪئي تہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يا حيدرآباد جي ڪنهن هڪ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪئي وڃي ۽ ان لاءِ جوڳا فنڊ مهيا ڪيا وڃن. انهن هدايتن تي ڪو تڪڙو عمل تہ نہ ٿيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ سنڌ جي گورنر، وائيس چانسلرن جي هڪ ڪانفرنس ۾ (جيڪا 13 مئي 1986ع تي گورنر هائـوس ڪراچـيءَ ۾ ٿي) سنڌ صوبي جي رهواسين ۾ هـم آهنگـي ۽ مفاهـمـت پيدا ڪرڻ لاءِ شاھہ لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ، پاڪستان جي صدر جي حڪم نمبر 165 (سال 1985ع) موجب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جميل جالبيءَ ان چيئر کي قائم ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نہ ورتي ۽ آخرڪار سنڌ سرڪار جي تعليم ۽ ثقافت کاتي جي هڪ پڌرائيءَ موجب (جيڪو سيپٽمبر 1986ع تي جاري ٿيو) ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ باقاعدہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر کي قائم ڪيو ويو.
پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادري (جيڪو ان وقت سنڌي شعبي ۾ پروفيسر هو) کي پهرين آگسٽ 1987ع کان چيئر جو پهريون پروفيسر ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي بنيادي متن ۾ شاھہ سائينءَ جي فلسفي، فڪر ۽ امن ڀرئي پيغام کي ملڪ ۽ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکيڙڻ ۽ ان تي کوجنا ڪرڻ آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر کي انتظامي طور هلائڻ لاءِ سنڊيڪيٽ هڪ صلاحڪاري ڪاميٽي جوڙي، جنهن ۾ ٻين سان گڏ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ کي ماهرن طور ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. ان ڪاميٽيءَ کي بورڊ آف گورنرس جي حيثيت حاصل آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري 21 سيپٽمبر 1991ع تائين چيئر جو ڊائريڪٽر رهيو. ان عرصي ۾ هن تحقيق جي ڪم تي وڌيڪ زور ڏنو ۽ چئن شاگردن کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي Ph.D ڪرائي.
سنڌ جي گورنر محمود هارون جي حڪم تي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر درِشهوار سيد کي چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، گڏوگڏ ڊاڪٽر اياز حسين قادري صاحب کي چيئر جو پروفيسر ايڊوائيزر مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر درِشهوار سيد، 22 سيپٽمبر 1991ع کان 21 سيپٽمبر 1996ع تائين پنج سال چيئر جي ڊائريڪٽر رهي، جنهن دوران هن هڪ توسيعي ليڪچر ۽ تحقيق جي طريقيڪار تي هڪ ورڪشاپ ڪرايو. ڊاڪٽر صاحبہ پنجن سالن جو مدو پورو ڪري وري وڃي پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون، جنهن کان پوءِ سنڌي شعبي جي چيئرمئن پروفيسر سليم ميمڻ کي چيئر جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. هن 30 نومبر 1996ع کان 3 فيبروري 1998ع تائين چيئر جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. صلاحاڪاري ڪاميٽيءَ ڊاڪٽر فھميدہ حسين کي چيئر جي ڊائريڪٽر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ کي ٻيهر چيئر جو پروفيسر ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. قادري صاحب چارج وٺڻ کان اڳ ئي وفات ڪري ويو. پروفيسر ڊاڪٽر فھميدہ حسين 3 فبروري 1998ع کان مئي 2008ع تائين ڏهن سالن تائين چيئر جي ڊائريڪٽر رهي، جنهن دوران هن قومي ۽ عالمي ڪانفرنسون ۽ مذاڪرا ڪرايا. پروفيسر ڊاڪٽر فھميدہ حسين مارچ 1999ع کان (ٽماهي) ڪلاچي تحقيقي جرنل جي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو، پاڻ ان جي پهرين ايڊيٽر هئي. ڪلاچي تحقيقي جرنل کي HEC پاران منظور ڪيو ويو. اهو جرنل جون 2009ع کان ڇھہ ماهي جرنل ٿي ويو آهي.
چيئر ۾ پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق، 12 آگسٽ 1998ع کان پروفيسر ايڊوائيزر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. مئي 2008ع کان پروفيسر محمد سليم ميمڻ چيئر جو ڊائريڪٽر آهي.
هن چيئر ۾ هڪ سيمينار لائبريري آهي، جنهن جو بنياد ڊاڪٽر درِشهوار سيد رکيو هو. ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي لاڏاڻي کانپوءِ ان سيمينار لائبريريءَ کي پروفيسر ڊاڪٽر اياز حسين قادري جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. سيمينار لائبريريءَ ۾ پنجن هزارن کان مٿي مختلف ٻولين جا ڪتاب، 26 قلمي نسخا ۽ هزارن جي تعداد ۾ رسالا موجود آهن.
شاھہ لطيف چيئر هن وقت شاھہ لطيف جي انسائيڪلوپيڊيا تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن جو بنيادي ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. شاھہ لطيف چيئر پاران هن وقت تائين شايع ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
(1) شاھہ لطيف جي موسيقي، مرتب: ڊاڪٽر درشهوار سيد، 1992
(2) شاہ لطیف- شاعری اور فکر، ڈاکٹر درشہوار سید، 1994
(3) ڪشف الابيات، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، 1995
(4) شاھہ لطيف تي تحقيق، مرتب: ڊاڪٽر درشهوار سيد، 1995
(5) تحقيق جو طريقي ڪار، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر درشهوار سيد، 1995
(6) شاھہ جو رسالو (چئن ٻولين ۾)، مرتب: ڊاڪٽر درشهوار سيد، 1996
(7) شاھہ لطيف تي ببليوگرافي، سهيڙيندڙ: ڊاڪٽر درشهوار سيد، 1996
(8) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (هڪ مطالعو)، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي/ مرتب: آزاد قاضي، 1997
(9) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر، ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ، 1998
(10) شاھہ ۽ سنڌ (I)، مرتب: ڊاڪٽر فھميدہ حسين، 1998
(11) شاھہ ۽ سنڌ (II)، مرتب: ڊاڪٽر فھميدہ حسين، 1998
(12) Social Content in Shah Jo Risalo, Translated by: Anwar Peerzado, 1998
(13) شاہ عبداللطیف بھٹائی- ایک مفکر ایک شاعر، اردو ترجمہ: عبدالحق عظیم، 1999
(14) ڇپر جي ڇولي، انب گوپانگ، 1999
(15) شاھہ جو رسالو (جلد پهريون)، خان شيخ'>ٻانھون خان شيخ، 2000
(16) سنڌ جو شاھہ،بدر ابڙو'> بدر ابڙو، 2000
(17) زندگيءَ جو سفر (رومي، شاھہ ۽ اقبال)، عبدالغفور ڀرڳڙي، 2000
(18) پنج گنج (قادر بخش بیدل)، اردو ترجمہ: ڈاکٹر نواز علی شوق، 2000
(19) The Book of Shah Abdul Latif, Gurd Lupke, 2000
(20) شاھہ جو رسالو (جلد ٻيو)، خان شيخ'>ٻانھون خان شيخ، 2001
(21) Image of Women in the poetry of Shah Latif, Dr. Fahmida Hussain, 2001
(22) شاھہ جو رسالو (جلد ٽيون)، خان شيخ'>ٻانھون خان شيخ، 2002
(23) ڇپر ڪين ڏي، ج. ع. منگهاڻي، 2002
(24) سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، ڊاڪٽر غفور ميمڻ، 2002
(25) شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيھہ نگاريءَ جو تحقيقي جائزو، ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھہ، 2004
(26) سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، 2004
(27) لطيف ذهني چٽاڀيٽي، ڪمال ڄامڙو، 2004
(28) شاھہ لطيف جي ٻولي تحقيقي جائزو، ج . ع . منگهاڻي، 2006
(29) شاھہ لطيف جي دور ۾ سنڌ جون مذهبي ۽ علمي حالتون، ڊاڪٽر انيس فاطمہ سومرو، 2006
(30) سنڌ: ماضي، حال ۽ مستقبل، مرتب: ڊاڪٽر فھميدہ حسين، 2006
(31) Sindh – Past, Present & Future, Compiled By: Dr. Fahmida Hussain, 2006
(32) Spiritualism in the Poetry of Shah Abdul Latif Bhitai, Munawar Arbab (Halo), 2006
(33) سندھ:ماضی،حال اور مستقبل،مرتب: ڈاکٹر فہمیدہ حسین، 2006
(34) پشو پاشا، جمال ابڑو، اردو ترجمہ: ممتاز سولنگی، 2006
(35) The Origin and Evolution of Sindhi Music, Shaikh Aziz, 2007
(36) هٿ جا هنر (شاھہ جي رسالي جي موضوعاتي لغت)، ڊاڪٽر الھرکيو ٻُٽ ۽ سليم ڀٽو لطيفي، 2008
(37) سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاھہ جي رسالي جا سُر، آغا سليم، 2011
(38) گنج (شاھہ جو رسالو) الف- ب وار ترتيب سان، صفدر حسين ميرزا ۽ شوڪت چاچڙ، 2012
(39) انساني نفسياتي، ڪيفيتن، جذبن ۽ احساسن جو ترجمان شاعر: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، 2014
(40) جيڪي ڏٺو سو مون (شاھہ لطيف- مضمون)، آغا سليم، 2015
(41) شاھہ لطيف جي وائي ۽ وائيءَ جي اوسر، عبدالستار پيرزادو، 2016
(3) شاھہ لطيف فائونڊيشن (رجسٽرڊ): شاھہ لطيف جي سوانح، ڪلام، فڪر ۽ فلسفي تي تحقيق ڪرڻ سان گڏوگڏ درگاھہ ۽ مريدن ۽ زائرين جي حوالي سان ڪم ڪرڻ لاءِ ڀٽائيءَ جي ڏهين گادي نشين سيد غلام شبير شاھہ لطيفيءَ جي اڳواڻيءَ ۾، 1982ع ۾ ‘شـاھہ لطيـف فائونڊيشن’ جي نالي سان هڪ غير سياسي فلاحي تنظيم جوڙي وئي، ان جي ٺهرائڻ ۾ ولي عھد سيد نثار شاھہ، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، حميد سنڌي، پروانو ڀٽي، مدد علي سنڌي ۽ خان شيخ'>ٻانھون خان شيخ جو هٿ هو. شاھہ لطيف فائونڊيشن کي سـوسـائٽـيـز ائڪـٽ’ هـيـٺ رجسٽرڊ ڪرايو ويو. جنهن جو آئين، مونوگرام ۽ جهنڊو پڻ ٺاهيو ويو. آئين ۽ منشور ان وقت جي ولي عھد سيد نثار حسين شاھہ لطيفيءَ جي نگرانيءَ ۾، 24 اپريل 1982ع تي تيار ٿيو.
هن اداري جو مقصد ڀٽائيءَ جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪري لطيف شناسيءَ کي دنيا ۾ پهچائڻ، گنج جو چونڊ ڪلام ماڻهن ۾ ايڪي، اتحاد، ٻڌي، محبت ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ شايع ڪرائي، ڪلام تي ڪنهن نظريي، فڪر ۽ سوچ جي عينڪ کان سواءِ تحقيق ڪرائڻ، عملي طور انسان ذات جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ، ڀٽائيءَ جي فلسفي کي عملي زندگيءَ ۾ گڏ کڻي هلڻ ۽ سموري انسان ذات لاءِ امن، اتحاد، ترقيءَ ۽ ڀائيچاري جو مثال قائم ڪرڻ آهي. فائونڊيشن پهريون ڀيرو 1982ع ۾ ڀٽ شاھہ ۾ شاھہ لطيف جو جنم ڏينهن ملهائڻ جو پروگرام ڪيو.
شاھہ لطيف فائونڊيشن جو تاحيات صدر وقت جو گادي نشين هوندو آهي، جڏهن تہ ضلعي ۽ تعلقي سطح تي باڊيون چونڊيون وڃن ٿيون. فائونڊيشن جي قيام [1982ع] کان وٺي باقاعدگيءَ سان هر سال پهرينءَ رجب تي ڀٽائيءَ جو جنم ڏينهن، درگاھہ جي اڱڻ ۾ ملهايو وڃي ٿو. [هيءُ ڏينهن [تاريخ] شاھہ جي هڪ عقيدتمند.... قلب علي قلباڻيءَ (؟) شاھہ جي هڪ بيت جي ابجد جي حساب سان ڪڍيو هو.] ان کان سواءِ مختلف جاين تي لطيف سائينءَ جي حوالي سان ننڍا وڏا پروگرام ٿيندا رهن ٿا. هن وقت شاھہ لطيف فائونڊيشن پنھنجي ڪمن ۾ اڳي کان تيزي آڻيندي، U.N.D.P جي سهڪار سان درگاھہ جي اتر واري پاسي ‘مدن فقير’ جي نالي سان سينٽر قائم ڪيو آهي، جنهن ۾ ريسرچ سينٽر، ميڊيا سيل، صوفياڻي راڳ، لائبرري، آڊيٽوريم ۽ اسڪالرس هاسٽل جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. ان کان سواءِ برطانيا ۾ صوفي راڳ تي تحقيق ڪري، ان کي عام ڪرڻ واري اداري ‘اين. جي. آرٽ’ سان گڏ لطيفي راڳ جي حوالي سان پڻ ڪم ڪيو وڃي ٿو.
شاھہ لطيف فائونڊيشن جي ڪوشش سان درگاھہ شاھہ لطيف تي هن وقت زائرين لاءِ چوويھہ ڪلاڪ مفت ميڊيڪل ڪئمپ پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ڪجهہ وقت اڳ سياستدان مارئي ميمڻ، فائونڊيشن کي زائرين لاءِ ايمبولنس عطيي طور ڏني، جيڪا هر وقت درگاھہ جي سامهون بيٺل هوندي آهي. فائونڊيشن طرفان زائرين لاءِ اسپتال جو ڪم پڻ جاري آهي.
(3) شاھہ عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ جي حوالي سان هن اداري جو بنياد، 1972ع ۾ نامور تعليمدان سيد غلام مصطفيٰ شاھہ وڌو. هن اداري سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ ادبي حالتن کي پيش نظر رکندي، وقت بہ وقت علمي ۽ ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون ۽ اهم ڪتاب/ ڪتابچا شايع ڪرڻ جو سلسلو 1975ع کان شروع ڪيو. هن اداري انگريزيءَ ۾ ‘Sindh Quarterly’ نالي سان هڪ رسالو 1982ع کان شروع ڪيو، جيڪو هڪ وڏي عرصي تائين جاري رهيو. هن اداري جو چيئرمين سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ۽ سيڪريٽري نامور محقق ۽ اديب اياز قادري هو.
هن اداري هيٺيان اهم ڪتاب ۽ ڪتابچا ڇپائي پڌرا ڪيا آهن:
1. شاھہ عبداللطيف جي شاعري، تنوير عباسي: 1975ع
2. املھہ اڻ توريا [اڻ ڇپيل]، مرتب: فقير امداد علي سرائي: 1975ع
3. سنڌي ڪامورو (ڪتابچو)، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1981ع
4. سنڌي معاشرو (ڪتابچو)، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1981ع
5. سنڌ: اڄ ۽ سڀاڻي (ڪتابچو)، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1981ع
6. سنڌي عورت ڪانفرنس (ڪتابچو)، سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1981ع
(نوٽ: سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جا مٿيان چارئي ڪتابچا ‘سنڌي ساهت سال’، 1981ع ۾ ڇپايا ويا.)
7. شاھہ عبداللطيف ۽ نوجوان: سيد غلام مصطفيٰ شاھہ، 1981ع
8. ‘مون مطالع سپرين’ (اياز قادريءَ جا مضمون): 1995ع
هي ادارو هن وقت غير فعال آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.10.15  عيسوي

15 آڪٽوبر 1954ع تي ڀٽائيءَ جي ٻه سؤ پهرئين عرس جي موقعي تي ‘لطيف يادگار ڪميٽي’ کي سرڪار پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ ‘ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز’ جو بنياد، سنڌ جي ان وقت جي وزيراعليٰ پيرزادي عبدالستار رکيو ۽ اُن جو افتتاح ان وقت جي صنعتن جي وفاقي وزير، ذوالفقار علي ڀُٽي، 18 جولاءِ 1962ع تي ڪيو.


1958.04.18  عيسوي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، صدر جنرل ضياءُ الحق جي هڪ حڪم هيٺ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾، 1986ع ۾ قائم ٿي، جنهن جو اعلان هُن ‘تنظيم فڪر و نظر’ پاران سکر ۾ 18 اپريل 1985ع تي ڪوٺايل ‘ڪُل پاڪستان شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪانفرنس’ ۾ ڪيو هو.



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀائو در محمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري قنبر
بنات الاسلام
ديسي ناٽڪ ڪمپني ڪراچي
آنند شيوا منڊلي لاڙڪاڻو
فشر مينز ڪوآپريٽيو سوسائٽي FCS
ڀٽائي آرٽ سرڪل خانپور
سر ڪائوسجي جھانگير مينٽل هاسپيٽل
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
انجمن اسلام لاڙڪاڻو
سنڌ سائنس سوسائٽي
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون