شاھہ لطيف تي ٿيل پي. ايڇ. ڊي ٿيسز:
شاھہ لطيف تي 1980ع واري ڏهاڪي کان پي. ايڇ. ڊي ٿيسز ذريعي علمي ۽ ادبي تحقيق جو بنياد پيو. سنڌ ۽ هند جي عالمن ان ڏس ۾ ڪيتريون پي ايڇ ڊي جون تحقيقي ٿيسز لکيون. انهن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو، جڏهن تہ تفصيلي تذڪرو شاھہ بابت ڇپيل ڪتابن جي داخلا ۾ ڪيو ويو آهي:
• Shah Abdul Latif of Bhit: ايڇ. ٽي. سورلي، آڪسفرڊ يونيورسٽي پريس لنڊن، 1940ع
• Shah Latif: His life and Works: ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، دهلي يونيورسٽي، انڊيا، 1970ع
• ‘شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ استريءَ جو چٽ’: ڊاڪٽر موتي پرڪاش، ممبئي يونيورسٽي، ممبئي: 1981ع
• ‘Universal Message of Shah Abdul Latif’: ڊاڪٽر در شهوار سيد، ايڊنبرا يونيورسٽي، انگلنڊ، 1984ع
• Shah Abdul Latif & His Times: پروفيسر ڊاڪٽر سنتداس جهانگياڻي، دهلي يونيورسٽي دهلي (انڊيا)، 1986ع
• سنڌي ثقافت ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي: ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1988ع
• شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1989ع
• شاھہ جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ سنڌي عورت جو مطالعو: ڊاڪٽر حسن بانو سومرو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 1989ع
• شاھہ جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ: ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي: 1992ع
• شاھہ لطيف جي جمالياتي شاعريءَ جو تحقيقي جائزو: ڊاڪٽر شڪنتلا سيوهاڻي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1993ع
• شاھہ ۽ سچل جو تقابلي اڀياس: ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، بمبئي يونيورسٽي، ممبئي (انڊيا)، 1994ع
• شـاھہ لـطيـف جي دور جون حـالتـون: ڊاڪٽر غلام حيدر چنو، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 1996ع
• شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ استعارن ۽ تشبيهن جو تحقيقي جائزو: ڊاڪٽر سيد ام ڪلثوم شاھہ، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 2002ع
• شاھہ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو: ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو، سنڌ يونيورسٽي،ڄام شورو، 2004ع
• شاھہ لطيف جي دور جون مذهبي ۽ تعليمي حالتون: ڊاڪٽر انيس فاطمہ سومرو، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2006ع
• شاھہ لطيف جي ٻوليءَ (Diction) جو تنقيدي جائزو: ڊاڪٽر فھميدہ شاھہ، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2007ع
• شاھہ جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر: ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، 2008ع
• شاھہ لطيف جا مرد ڪردار: ڊاڪٽر ابراهيم سمون سنڌي، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2008ع
• شاھہ لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا: ڊاڪٽر عابد مظهر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2009ع
• شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ جدوجھد: ڊاڪٽر شھناز سومرو، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2009ع
• شاھہ جي ڪلام ۾ لوڪ ادب: ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2011ع
• شاھہ لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج: هڪ اڀياس، ڊاڪٽر احسان دانش، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 2014ع
• شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات جو تصور: ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2013ع
• شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي جائزو: ڊاڪٽر شازيه پتافي، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2014ع
اهڙيءَ طرح تحقيق جو هي سلسلو اڃا بہ جاري آهي ۽ سنڌ هند جي يونيورسٽين مان ڪيترا نوجوان اسڪالر لطيف تي ايم. فل ۽
پي. ايڇ. ڊيون ڪري رهيا آهن.
مٿين عالمن جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز تي مشتمل ڪتابن جو تفصيل اڳتي ڏنو ويو آهي.