
جھمٽ مل خوبچند ڀاوناڻيءَ پاران برٽش ميوزيم مان هٿ آيل شاهه جي تصوير

مينگھراج تلريجا جو ٺاهيل شاهه جو چتر

شاهه لطيف جون تصويرون پورٽريٽ مجسما

محمد علي ڀٽيءَ جو تيار ڪيل شاهه لطيف جو پورٽريٽ

شاهه لطيف جي تصوير’، فيبروري 1952ع، ‘نئين زندگي’، 1952ع، ص- 9

شاهه عبداللطيف بري سرڪار جي تصوير، جيڪا پوءِ سنڌ جي ميڙن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار طور هاڪاري ٿي

بدر ابڙي جو تيار ڪيل شاهه جو مجسمو

شاهه لطيف جي هڪ خيالي تصوير جو عڪس
شاھہ لطيف جون تصويرون/ پورٽريٽَ/ مجسما:
دنيا جي سمورن سماجن ۾ قديم ۽ ويجهي دور جي عظيم انسانن جون تصويرون (Pictures)، چتر (Portraits) ۽ مورتيون يا مجسما (Statutes) ٺاهڻ ۽ اُنهن کي ملڪ جي اهم هنڌن تي لڳائڻ ۽ قومي مشاهيرن جون گئلريون سجائڻ عام ڳالھہ آهي، جن کي ڏسي، ماڻهو اُنهن شخصيتن سان دلي ۽ ذهني ويجهڙائپ محسوس ڪرڻ سان گڏ سندن نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، هونئن بہ هيڻن سماجن ۾ ‘سورما پرستي’ (Hero worship) ئي آجپي جي واٽ سمجهي ويندي آهي.
عظيم شخصيتن جون تصويرون، چتر ۽ مجسما ٺاهڻ نهايت دلچسپ ۽ انوکو ڪم رهيو آهي. دنيا جي ڪن مهان مصورن ۽ چترڪارن وڏيءَ تحقيق ۽ جستجوءَ کان پوءِ انساني تاريخ تي اثر انداز ٿيندڙ شخصيتن جون تصويرون چتر، مورتيون يا مجسما ٺاهيا آهن، اُن ڏس ۾ روم (اٽليءَ) جي عظيم چترڪار ۽ بت تراش ‘مائيڪل اينجلو’ (1475-1564) جو ڪم سڀ کان وڌيڪ مثالي آهي.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سنڌ جو قومي شاعر ۽ اڪابر رهيو آهي، جنهن جي معياري ۽ مستند تصوير، چتر ۽ مجسمي ٺاهڻ جو بنياد، لطيف سائينءَ جي ڪتابن ۾ بيان ڪيل سارُوپن (شڪل شباهت) کي بنائي سگهجي ٿو، جيڪي مير عبدالحسين ‘سانگيءَ’ جي ڪتاب ‘لطائف اللطيف’ ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ جي ڪتاب ‘لطف اللطيف’ ۾ موجود آهن.
شاھہ جي شبيھہ جون وصفون سوانح نگارن هيٺيون پيش ڪيون آهن:
‘شاھہ صاحب قداور مڙس ۽ بيهڪ ۾ سُهڻو، سِڌو، ڪڻڪ ورنو، اکيون وڏيون ۽ وڻندڙ ۽ هميشہ خمار آلود ۽ سُرخيءَ مائل، پيشاني کُليل، نڪ ڊگهو، سونهاري وڏي، پِيريءَ ۾ جڏهن وڌي ۽ اڇي ٿي وئي، تڏهن ڪو بہ رنگ نہ لاتائونس، خضاب لڳائڻ کي پاڻ پسند نہ ڪندو هو، سينو چؤڙو ۽ ڪشادو، چيلھہ سنهي، بدن جو نہ ڏٻرو ۽ نہ متارو هو.’
(وفائي، 1950ع، ص- 79-178)
مير عبدالحسين ‘سانگي’ پنھنجي ڪتاب ‘لطائف اللطيف’ ۾ بہ لطيف سائينءَ جو سروپي خاڪو ساڳيو ڏنو آهي، پر اُن ۾ رڳو فرق هي آهي تہ: “سندن سونهاري هموار ۽ شرع شريف جي موافق هئي، ۽ اکين جون ماڻڪيون ڪاريون هيون.”
لطيف سائين، جيئن تہ تصوف جي مڪتب سان تعلق رکندو هو، اُن ڪري سندس ويس ۽ استعمال جون شيون بہ خاص هيون، جنهن جو سوانحي تذڪرن ۾ هيٺيون ذڪر آهي: “هڪ ڊگهي ٽوپي، جنهن کي ‘قادري ڪُلاھہ’ سڏيو ويندو هو. هڪ ڊگهي قميص/ ڪفني، گيڙو رنگ جي، ڪاري رنگ جي پنج ڇھہ هٿَ ڊگهي پَڳ، ڪُلهن کي ڍڪڻ لاءِ سائي چادر، سندن جُتيءَ تي بخيا ۽ سيبو بہ چمڙي جي ڌاڳن جو ٿيل، هڪ لٺ ڪاري رنگ جي، جنهن جي تري ۾ لوهي ڪُندرِي لڳل ۽ مٿان بيراڳڻ، جنهن تي مٿو رکي مراقبو ڪري سگهجي، وڏن داڻن واري تسبيح ۽ سنگ مرمر جو ڪِشتو.” (وفائي، 1950ع، ص- 186)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪڇ (ڀارت) جي لکپت واري علائقي مان لطيفي فقيرن وٽان شاھہ صاحب جي صوفي ويس واري ٽوپي هٿ ڪري، ڀٽ شاھہ تي محفوظ ڪرائي هئي.
اُن ريت، شاھہ لطيف جي معياري تصوير، چِترَ يا مجسمي جوڙڻ لاءِ ‘سانگي’ ۽ ‘وفائيءَ’ جا ڪتاب ڪافي رهنمائي ڪن ٿا.
لطيف سائينءَ جو دَور ڪو گهڻو پُراڻو نہ آهي، جو سندس شخصيت جي سروپن ۽ سهڻيءَ صورت جي ڄاڻ نہ ملي سگهي. لطيف سائينءَ جو دور: ميان نور محمد ڪلهوڙي (1719- 1753ع) جو زمانو آهي. اُن دور جي حاڪمن- ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ سندس ٽن پُٽن: ميان مرادياب، ميان عطر خان ۽ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي- جي ‘ننڍين تصويرن’ (Miniatures) جا عڪسَ توڙي ان ئي دور جي آخر جي شاعرن روحل فقير ۽ مراد فقير جي تصويرن جا عڪس، تاريخي ڪتابن ۾ موجود آهن.
محترم جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻيءَ، برٽش ميوزم مان مليل هڪ ‘انڊين صوفيءَ’ جي ننڍي تصوير (miniature) بابت سُوال اٿاريو آهي تہ ‘ڇا هيءَ شاھہ لطيف جي تصوير ٿي سگهي ٿي؟’ (1954ع). برٽش ميوزم مان مليل ‘An Indian Soofi’ جي تصويرَ بابت اِهو انومان بلڪل لڳائي سگهجي ٿو تہ اها تصوير شاھہ لطيف جي ٿي سگهي ٿي، ڇو تہ لطيف جي دَور جي مٿي ڄاڻايل حاڪمن جون تصويرون (miniatures)، اُن ئي دور جون تاريخ ۾ موجود آهن.
محمد عبدالغفور، ڪتاب ‘ٺٽي جا ڪاتب’ (The Celligraphers of Thatta) ۾ لکيو آهي تہ: “محمد وارث نالي ننگر ٺٽي جي هڪ چترڪارَ، ڪـلـهـوڙا حڪمـران جي ڪنهن شـهـزادي لاءِ مثنوي ‘سيف الملوڪ بديعل الجمال’ جو نستعليق خطاطيءَ ۾ ‘ننڍين تصويرن’ (miniatures) سان سينگاريل قلمي مخطوطو، سوکڙيءَ طور تيار ڪيو هو، جنهن ۾ ‘65 ننڍيون تصويرون’ ٺاهيل آهن، اُنهيءَ ‘تصويري شاعريءَ واري ڪتاب’ (Illustrated Poetry Book) ۾ ٺٽي شھر جي اڏاوتي طرز، لباسُ، اجرڪ ۽ لونگي ڏيکاريل آهي. ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ، 1- آڪٽوبر 1775ع ڄاڻايل آهي. (‘ٺٽي جا ڪاتب’، 2003ع، ص- ص 33-32)
هن ڪتاب مان خبر پوي ٿي تہ ٺٽي شھر ۾ اڏاوتي فَنَ، ڪاريگري، ڪاشيگري ۽ خطاطيءَ سان گڏ تصويرسازيءَ جو بہ هڪ اعليٰ سنڌي ثقافتي مڪتب بہ موجود هو، جنهن جو هڪ قابل شاگرد محمد وارث هو. اُن ڪري، اِهو ممڪن آهي تہ برٽش ميوزم مان مليل ‘هڪ انڊين صوفيءَ’ واري تصوير، لطيف سائينءَ جي هجي يا لطيف جي ڪنهن همعصر سنڌي مشاهير جي هجي. هونئن بہ لطيف سائين پنھنجي دور ۾، ٺٽي ۾ پنھنجي دوست مخدوم محمد معين ٺٽويءَ سان ملاقات لاءِ ايندو رهندو هو، اُن ڪري، اِهو امڪان آهي تہ محمد وارث يا ڪنهن ٻئي مصور، لطيف سائينءَ جي ٺٽي ۾ موجودگيءَ مان فائدو وٺي، سندس اِها تصوير ٺاهي هجي، جيڪا پوءِ ‘برٽش ميوزم’ پهچي وئي ۽ اتان ڪنهن هٿ ڪري ڇپرائي، جنهن ۾ لطيف جي سوانح نگارن جا ڄاڻايل، ‘لطيفي ساروپا’ موجود آهن، پر اِها تصوير پيريءَ واري دَور جي آهي.
پروفيسر علي نواز ڦلپوٽي موجب: محمد وارث جي انهن 65 ننڍين تصويرن’ (miniatures) جا عڪسَ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري ۾، برٽش ميوزم لنڊن مان گهرايا ويا هئا،
‘جيڪي پوءِ اُتان ڪيڏانهن گم ٿي ويا. اُهي تصويرون اڄ بہ لنڊن ميوزم مان خرچَ ڀري حاصل (Download) ڪري سگهجن ٿيون.
ميرن جي دور ۾ هالاڻيءَ واري جنگ (1782ع) ٿي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي حڪومت حاصل ڪندڙ مير فتح علي خان ٽالپرَ جي بہ اهڙي ‘ننڍي تصوير’ (miniature) موجود آهي. (مرزا علي متقي، 2005ع، ص- 38)
لطيف سائينءَ جي دَور ۾ جنم وٺندڙ نواب ولي محمد لغاريءَ جي تصوير پڻ (اٽڪل 55 ورهين جي عمر) جي سُٺيءَ صورت ۾ موجود آهي. (عابد لغاري، 1991ع، ص- 1)
انگريزن جي دور ۾، 1930ع ڌاري هندستان جي رياست ڪرناٽڪ ۾ ڏکڻ ايشيا جي اُن دور جي نامور چترڪار ڪرشنا شامرائو ڪُلڪرنيءَ (Kulkarani)، لطيف سائينءَ جا ٻہ عاليشان چتر ٺاهيا هئا، جيڪي هفتيوار ‘السٽريٽيڊ آف انڊيا’ (Illustrated weekly of India) ۾ ڇپيا هئا. هڪ تصوير ۾ نوجوان لطيف سائين، بي بي سعيده بيگم کي صحتيابيءَ واري سندس مشھور دعا: ‘جنهن جي چيچَ سيد هٿ ۾، تنهن کي لھر نہ لوڏو’ وارو منظر ڏيکاريل آهي، ۽ ٻيءَ تصوير ۾، لطيف سائينءَ کي ‘سچا سامي، سچو سامين پنڌ’ واري سفر ۾، هڪ ساميءَ سان گڏ هنگلاج جي ڪنهن غار وٽ موجود ڏيکاريو ويو آهي، اُنهن ٻنهي تصويرن جا عڪسَ، ڊاڪٽر حميدہ کهڙو، ‘انڊيا آفيس لائبريريءَ’ مان هٿ ڪري، پنھنجي ‘ڪراچيءَ’ بابت انگريزي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. (‘Karachi Mega City of Our Time’ PP 1 -12)
1983ع ۾ سنڌ جي نامياري مصور ۽ مجسمي ساز محمد علي ڀٽيءَ، لطيف سائينءَ جو هڪ خوبصورت پورٽريٽ ٺاهي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري جي حوالي ڪيو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ مقبول ٿيو. سندس اُن مجسمي تي نوجوان مصور عبدالحفيظ قريشيءَ ۽ ٻين ڪجهہ تنقيدون ڪيون هيون، جھڙوڪ: هيءَ تصوير ‘شاھہ لطيف امام بريءَ’ واري تصوير ۽ علڻ فقير کي ماڊل طور آسڻ تي ويهاري تيار ڪئي وئي آهي ۽ لطيفي سوانح ۾ ڄاڻايل لفظي سروپ تي آڌاريل نہ آهي، وغيرہ وغيرہ.
سنڌ ۾ قديم عرصي کان سنڌ ۽ پنجاب جا ميڙا ڪمائيندڙَ ماڻهو ايندا رهيا آهن، اُنهن شاھہ لطيف امام بريءَ جي ميلي ۾ وڪامندڙ تصويرَ ۾ تبديلي (alteration) ڪري ‘شاھہ عبداللطيف ڀٽائي سرڪار’ جي نالي سان ڇپرائي، ميلن ۾ وڪڻڻ شروع ڪئي هئي. اوائلي طور، انهن تصويرن کي وڏي پذيرائي ملي هئي، جڏهن فقير امداد علي سرائي ڪڇ ڏانهن لطيفي ياترا تي ويو تہ اُتي شاھہ لطيف جي حافظ عورت مائي مٺيءَ جي حجري ۾ بہ اِها تصوير لڳل هئي. علامہ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، 1952ع ۾ شاھہ لطيف جي اهڙين اشتهاري تصويرن ڇپجڻ تي ڏک ظاهر ڪيو هو، ۽ لکيو هو ته، “عالم آشڪار آهي تہ اسان جي سنڌ جي شاعرن جي سرتاج، شاھہ لطيف جي ڪا بہ تصوير موجود ڪانهي، باقي سندس حُليو مبارڪ سو معلوم آهي.” (‘شاھہ لطيف جي تصوير’، فيبروري 1952ع، ‘نئين زندگي ’ ، 1952ع، ص- 9)
دائودپوٽي صاحب پنھنجي مضمون ۾ وڌيڪ لکيو آهي: “شاھہ جي تصوير شايع ڪرڻ جو خيال پهريائين پهريان مرحوم شمس العماءِ مرزا قليچ بيگ جي دل ۾ پيو ٿو ڏسجي. کيس شاھہ لطيف بريءَ جي تصوير ڪنهن طرح هٿ چڙهي، جا هن پنھنجي 1913ع واري ڇپرايل ‘شاھہ جي رسالي’ جي سرورق تي ڇپائي. ڀانيائين تہ شايد ڪو ٻيو شاھہ لطيف بري ٿي گذريو آهي، سو هيءَ تصوير ضرور شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هوندي، پر هن فضيلت واري صاحب ‘بري’ لفظ، تصوير جي هيٺان باقاعدي بحال رکيو، ۽ هروڀرو اِئين ڪو نہ لکيائين تہ هيءَ شاھہ عبداللطيف جي تصوير آهي.” (دائودپوٽو، 1952ع، ص- 9)
ڊاڪٽر دائودپوٽي وڌيڪ لکيو آهي ته، “جي، شاھہ لطيف جي صورت مبارڪ کان بيخبر آهن، سي ضرور دوکي ۾ پوندا تہ اِها تصوير شاھہ عبداللطيف جي ئي آهي.” هن اهو بہ لکيو آهي ته، “شاھہ عبداللطيف جي تصويرسازيءَ ۾ هڪ وڌيڪ قدم هڪ مصور کنيو. مسٽر دادلاڻيءَ، شاھہ لطيف جي تصوير ٺاهي، جنهن ۾ لطيف جي صورت ۾ هڪ ننڍڙو ڳڀرو جُوان ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ [کيس] شاهوڙ ڏاڙهي، ڪنن ۾ ڪيوٽِيون، پير اُگهاڙا، کاٻي پير ۾ ڪڙي، ڀرسان سنهي ڳچيءَ وارو ڪونئرو، ۽ پريان هڪ ملتاني جُتي ٺَهي ٺُڪي رکي اٿس. ۽ هن وري دعويٰ ڪئي آهي تہ اِها شڪل سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڏنل بيان مطابق آهي.” (دائود پوٽو، 1952ع، ص- 9)
ڊاڪٽر دائودپوٽي وڌيڪ اِهو بہ لکيو آهي ته، “مسٽر ايم. گدواڻيءَ، پنھنجي انگريزي ڪتاب ‘شاھہ لطيف’ Shah Latif)) ۾، برٽش ميوزم مان، 1922ع ۾ هڪ ننڍي تصوير ‘هڪ انڊين صوفي’ (An Indian Soofi) جي نالي سان هٿ ڪري ڏني هئي. اها تصوير وري سال 1951ع ۾ غلام محمد شاهواڻيءَ، پنھنجي ترتيب ڏنل ‘شاھہ جي رسالي’ جي سرورق تي ڏني.”
ڊاڪٽر دائودپوٽو اڳتي لکي ٿو ته، “محمد عثمان ڏيپلائي صاحب پنھنجي ترتيب ڏنل شاھہ جي رسالي جي سرورق تي مارچ 1951ع ۾، ‘شاھہ جي اصلي تصوير’ جي عنوان سان [ڏئي، رسالو] ڇپرائي پڌرو ڪيو.” (ص، 9) اُها ساڳي تصوير وري جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ، سال 1954ع ۾، لطيف سائينءَ جي چونڊ ڪلام تي ٻڌل ڪتاب ‘ڪامل جو ڪلام’ جي منڍ ۾ ڏني آهي.
سال 1986ع ۾ بدر ابڙي، شاھہ لطيف جي سِر مبارڪ جو، چيروليءَ جو مجسمو جوڙيو، جيڪو يوناني مفڪرن جي تصويرن سان مشابھہ آهي.
سڀ کان وڌيڪ پذيرائي محمد علي ڀٽيءَ جي پوٽريٽ کي ملي آهي، جنهن جو ڪيترن ئي ڪتابن جي سرورق تي عڪس پڻ ڇاپيو ويو آهي
ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ چترڪار مينگهراج تلريجا، ڪڇ جي شھر آديپور ۾، لطيف سائينءَ جي روايتي ‘ننڍين تصويرن’ (miniatures) جي طرز تي ڪي چتر ٺاهيا هئا، جن کي شاھہ لطيف بابت بنيادي ڄاڻ سان گڏ 1955ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. اُن تصوير جو بنيادي خاڪو هڪ ‘انڊين صوفيءَ’ وارو ساڳيو آهي.
ويجهڙائيءَ ۾ نامور آرٽسٽ اياز عالم ابڙي ۽ سندس فرزندَ، ڪمپيوٽر تي ‘An Indian Soofi’ واري شاھہ لطيف سان منسوب تصوير جا ڪيترائي نوان نمونا ٺاهيا آهن، پر اهڙي عاليشان ڪم تي کين ڪا بہ پذيرائي نہ ملي سگهي آهي.
محترم حفيظ قريشيءَ جو پنهنجو خيال آهي تہ شاھہ لطيف جي تذڪرن ۾ موجود شڪل شباهت کي آڏو رکڻ سان، شاھہ صاحب بابت ٺهيل سموريون تصويرون ۽ مجسما، شاھہ صاحب جي شڪل شباهت سان مڪمل انصاف نہ ٿا ڪن. پر، ساڳئي وقت هن جو اهو بہ خيال آهي تہ باوجود اُن جي لطيف سائينءَ جي ٺاهيل تصويرن کي اُن جي اصلوڪين روايتن جي آڌار تي محفوظ ڪيو وڃي، ڇو تہ شاھہ لطيف جي صحيح صورتگري يا تصوير سازيءَ ۾ اِهي چتر وڏي مدد ڏئي سگهن ٿا.
[حفيظ قريشيءَ جي مضمون: ‘شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حقيقي تصوير جوڙڻ’- جو اختصار، تحقيقي جنرل ‘ڪينجهر’، شمارو 13، 2010ع، ص 164-177 تان ورتل، واڌارا سڌارا: تاج جويو]
وڌيڪ ڏسو: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مقبرو