شاهه لطيف جي درگاهه تي ٿيندڙ رسمون

شاهه لطيف جي درگاهه تي ٿيندڙ رسمون

شاهه لطيف جي درگاهه تي ٿيندڙ رسمون

شاهه لطيف جي درگاهه تي ٿيندڙ رسمون

ڌمال جو هڪ انداز

ڌمال جو هڪ انداز

گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيف سائينءَ جا حال ڌاڳا (ويس) پهريل

گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيف سائينءَ جا حال ڌاڳا (ويس) پهريل

شاھہ لطيف جي درگاھہ تي ٿيندڙ رسمون

شاھہ لطيف جي درگاھہ تي ٿيندڙ رسمون:
موجودہ وقت ۾ شاھہ لطيف جي درگاھہ تي ڪيتريون قديم روايتون ۽ رسمون جاري آهن، جن ۾ سماع، حلقي، ڌمال يا نوبت ۽ شاھہ صاحب جي ختمي جون رسمون شامل آهن، گڏوگڏ دروازو قائم ۽ روشن ڪرڻ ۽ مختلف وقتن ۽ ڏينهن تي دعائن جو بہ انتظام ڪيو ويندو آهي. هيٺ اُنهن رسمن جي مختصر ڄاڻ ڏجي ٿي:
سماع: سماع جي شروعات ڀٽائي سائينءَ جي دور کان ئي ٿي، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. مهيني/ چنڊ جي پهرئين سومر جي رات، ذاڪري فقير [جيڪي سماع جي شروعات ڪندا آهن] باھہ جو مچ ٻاري ذڪر ڪندا آهن، ٻہ ٽي ڀيرا مچ کي ڦيرا ڏيندا آهن تہ ان ئي وقت تمراڻي فقير وڏيءَ اوطاق مان ذڪر ڪندا اچي ذاڪرين سان ملندا آهن. پوءِ گڏجي ذڪر ڪندا، مچ کي ٻہ ٽي ڦيرا ڏئي، مچ جي اولھہ ۾ لکي در [درگاھہ] ڏانهن منهن ڪري ويهي ذڪر ڪندا آهن. ان کان پوءِ تمر فقير جو سجادہ نشين دُعا گهرندو آهي. اُهو سمورو وقت ڀٽائيءَ جو سجادہ نشين عوام ڀرسان ٿلهي تي موجود هوندو آهي، جيڪو دعا بعد مچ جي ڀرسان گذري درگاھہ تائين ويندو آهي، پر روضي ۾ اندر داخل نہ ٿيندو آهي، تنهنڪري روضي جو دروازو وقت کان اڳ بند ڪيو ويندو آهي، جنهن کانپوءِ سجادہ نشين حويليءَ ڏانهن هليو ويندو آهي. آخر ۾ پتاشا، ريوڙيون، مصري ۽ نباتون ورهايون وينديون آهن.
حلقو: ڀٽائي سائينءَ جي حياتي ۾ حلقي يعني گول دائري ۾ بيهي سانجهيءَ نماز کان پوءِ ‘ هو’ جو ذڪر ڪندا هئا. پر بعد ۾ روضي کي پٺ اچڻ سبب هاڻي سڌو قطار ۾ بيهي، مقرر جاءِ تي، روضي جي ڪنجي بردار جي اڳواڻيءَ ۾ بلند آواز ۾ ذڪر ڪندا آهن، جنهن کان پوءِ فقير ‘ونڊُ’ ورهائيندا آهن.
ڌمال يا نوبت: درگاھہ تي موجود نوبت يا ڌمال هر روز سانجهيءَ تي نماز کان ڪجهہ گهڙيون اڳ وڄائي ويندي آهي، ان کان سواءِ رمضان ۽ ذوالحج جي عيد نماز کان اڳ سجادہ نشين جي آمد وقت ۽ نماز ۽ سماع کان پوءِ پڻ ڌمال وڄائي ويندي آهي.
جمعي جي رات سومهڻي نماز کان اڳ ۽ صبح جي پھر يا ڪنهن ڀٽائي سادات کي نرينو اولاد ٿيڻ تي پڻ نوبت/ ڌمال وڄائي ويندي آهي. روايتن ۾ اچي ٿو تہ جيسلمير جي راجا ڀيم سنگهہ نغارن جون ٻہ جوڙيون درگاھہ لاءِ نذراني طور ڏنيون هيون، جن کي وڄائڻ لاءِ گرنار جا ٻہ مڱڻهار گهر هتي لڏي آيا هئا. ان ڪري انهن کي ‘گرناري’ فقير چيو ويندو هو. عثمان فقير، ٽنئور فقير، جمن فقير، فيضو فقير ويجهي دور ۾ ڌمال وڄائڻ جا ماهر ٿي گذريا آهن. گرناري فقير اڄ بہ پنھنجي اها ذميواري ادا ڪري رهيا آهن.
ڌمال جو هڪ انداز
ختمو: 14 صفر ڀٽائي سائينءَ جي رحلت جو ڏهاڙو آهي، جنهن ڏينهن تي ئي سندس عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي، ان حوالي سان 16 صفر تي سندن ختمو ڪيو ويندو آهي. شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي درگاھہ جو گادي نشين، ڀٽائيءَ جي گادي نشين کي لطيف سائينءَ جا حال ڌاڳا [ويس] ڍڪائي، ساڻس گڏجي، جلوس جي شڪل ۾ درگاھہ تي ايندو آهي.
سيد وقار حسين شاھہ لطيف سائينءَ جا حال ڌاڳا (ويس) پهريل
ان وقت ٻہ مصلا وڇايا ويندا آهن، جن مان هڪ تي شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي درگاھہ جو سجادہ نشين ۽ ٻئي تي شاھہ لطيف جي درگاھہ جو سجادہ نشين نفلي نماز ادا ڪندا آهن، جنهن بعد ذڪر ڪيو ويندو آهي ۽ بعد ۾ اجتمائي دعا گهرڻ کانپوءِ، فقير مچ جي چوڌاري سماع ڪندا آهن، جنهن کانپوءِ ڌمال وڄائي ويندي آهي. اهڙيءَ ريت ميلي جو اختتام ٿيندو آهي. آخر ۾ تبرڪ طور مٺو شربت پياريو ويندو آهي.
درگاھہ تي ٿيندڙ دعائون:
درگاھہ تي هونئن تہ روزانو سوين عقيدتمند ۽ مريد دعائون گهرندا رهن ٿا، پر ٻارهن مهينن ۾ ڪن جدا جدا ڏينهن ۽ موقعن تي بہ دعائون گهريون وڃن ٿيون. مثلاً:
دروازو قائم ۽ روشن ڪرڻ جي دعا: رات جي لڳ ڀڳ يارهين ۽ ٻارهين وڳي جي وچ ڌاري شاھہ جا فقير روضي جي سامهون سڌي قطار ۾ بيهي دعا گهرندا آهن ۽ اُن بعد روضي جو دروازو ڪنجي بردار بند ڪندو آهي، جنهن کانپوءِ ساڳي حلقي ۽ دعا کان پوءِ شاھہ حبيب جي روضي جو دروازو بند ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ‘دروازو قائم ڪرڻ’ چيو ويندو آهي. اهڙيءَ ريت فجر نماز ادا ڪرڻ بعد فقير ساڳيءَ جاءِ تي حلقو قائم ڪري ‘ هُو’ جو ذڪر ڪرڻ بعد اول شاھہ لطيف ۽ بعد ۾ شاھہ حبيب جي روضي جو دروازو کوليندا آهن، جنهن کي ‘دروازو روشن ڪرڻ’ چيو ويندو آهي.
راڳ جي دعا: ڀٽائي سائينءَ جي وقت کان وٺي ڀٽ شاھہ تي راڳ جي روايت شروع آهي. گهڻي وقت تائين راڳ فقط جمعي جي رات ٿيندو هو، پر 1980ع کان راڳي فقيرن جي تعداد وڌي وڃڻ ڪري، ان وقت جي گادي نشين پير شاھہ ڏني شاھہ لطيفي، درگاھہ تي هر رات راڳ ڪرڻ جي اجازت ڏني. ساڳيءَ طرح اڳتي هلي ڀٽ شاھہ تي چوويھہ ڪلاڪ راڳ شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين هلندو رهي ٿو. فقط نماز جي وقت راڳ بند ڪيو وڃي ٿو. هر راڳ جي پڄاڻيءَ بعد دُعا گهري ويندي آهي.
مهينن جون دعائون:
پهرين محرم: امام حسينعه ۽ ان جي ساٿين جي شهادت جي غم ۾ پهرينءَ محرم تي شاھہ سائينءَ جي تربت تي ڪارو پُڙ چاڙهڻ بعد دعا گهري ويندي آهي.
ٻارهين ربيع الاول: حضرت محمدصه جي ولادت جي موقعي تي عرس مبارڪ جي اجتماعي دعا گهري ويندي آهي.
پهرين رجب: ڀٽائي سائينءَ جي عقيدتمند پروفيسر عبدالعلي قلباڻيءَ پاران شاھہ جي هڪ بيت رستي ابجد جي حوالي سان شاھہ صاحب جي ولادت جي تاريخ ڪڍڻ کانپوءِ، پهرينءَ رجب تي شاھہ صاحب جي ولادت جي حوالي سان ان ڏينهن کي ‘شاھہ جي ولادت جو ڏينهن’ ڪري ملهايو ويندو آهي. ڀٽائيءَ جو گادي نشين ۽ ولي عھد حويليءَ مان چادر کڻي نڪرندا آهن، ان وقت ڌمال/ نوبت وڄائي ويندي آهي، جيئن ئي گادي نشين ۽ ولي عھد درگاھہ جي احاطي ۾ داخل ٿيندا آهن تہ ڌمال/ نوبت بند ڪئي ويندي آهي، جنهن کان پوءِ مزار تي چادر چاڙهڻ بعد دُعا گهري ويندي آهي.
عيدن ۽ حج جون دعائون: ٻنهي عيدن تي نمازن بعد دعا ٿيندي آهي. حج جي رات پڻ دعا گهري ويندي آهي. ياد رهي ڀٽائيءَ جو گادي نشين روضي ۾ اندر نہ ويندو آهي، مزار تي چادر ولي عھد چاڙهيندو آهي ۽ گادي نشين ان وقت روضي کان ٻاهر بيٺل هوندو آهي. وڌيڪ ڏسو : شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جا تڪيا


هن صفحي کي شيئر ڪريو