سُر حسيني1

سُر حسيني1

سُر حسيني2

سُر حسيني2

سر ڪاموڏ

سر ڪاموڏ

سر آسا

سر آسا

سُر کنڀات

سُر کنڀات

سُر سورٺ

سُر سورٺ

سُرليلان ۽ چنيسر

سُرليلان ۽ چنيسر

سُر مارئي

سُر مارئي

سُر ڪلياڻ جو مطالعو

سُر ڪلياڻ جو مطالعو

سُر کنڀات جو مطالعو

سُر کنڀات جو مطالعو

سُر سسئي آبري جو مطالعو

سُر سسئي آبري جو مطالعو

سُرسسئي معذور جو مطالعو

سُرسسئي معذور جو مطالعو

سُر گھاتو

سُر گھاتو

سُر ڪاموڏ

سُر ڪاموڏ

سُر ڏهر

سُر ڏهر

سُر مارئي

سُر مارئي

سُر ڪاپائتي

سُر ڪاپائتي

سُربلاول

سُربلاول

سُر رامڪلي

سُر رامڪلي

سُر کاهوڙي جو مطالعو

سُر کاهوڙي جو مطالعو

سُر بروو

سُر بروو

سُرڪارايل

سُرڪارايل

سُرسامونڊي

سُرسامونڊي

سُرڪيڏارو (اردو)

سُرڪيڏارو (اردو)

سُر سارنگ

سُر سارنگ

سُر سورٺ

سُر سورٺ

سُر رپ

سُر رپ

سُر حسيني (سُر حسيني جو مطالعو)

سُر حسيني (سُر حسيني جو مطالعو)

ديسي سيڻ ڪجن (سُر ديسي جو مطالعو)

ديسي سيڻ ڪجن (سُر ديسي جو مطالعو)

سُر ڪوهياري

سُر ڪوهياري

سُرڪيڏارو

سُرڪيڏارو

سُرپرڀاتي

سُرپرڀاتي

سُر سريرراڳ

سُر سريرراڳ

سُر سهڻي

سُر سهڻي

پکين جي پچار

پکين جي پچار

شاهه جي سُرن  جو سچ

شاهه جي سُرن جو سچ

سُر پورب

سُر پورب

شاھہ لطيف جي سرن بابت ڇپيل ڪتاب

شاھہ لطيف جي سُرن بابت ڇپيل ڪتابَ :
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر، فلسفي توڙي شخصيت متعلق سن 1967ع کان [شاھہ جي 214هين عرس کان وٺي] ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد طرفان هر سال هڪ مذاڪرو ڪوٺايو ويندو هو، پهريان ٽي سال مختلف عنوانن تي مذاڪرا ڪوٺايا ويا، بعد ۾ هر سال رسالي جي هڪ سُر تي ادبي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سن 2009ع تائين جاري رهندڙ ان سلسلي ۾ مختلف وقتن تي شاھہ لطيف جي ڄاڻن پارکن، اديبن توڙي شاعرن کي نينڍ ڏئي، ان سُر بابت مقالا پڙهايا ويندا هئا، جيڪي وري ايندڙ سال ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪري محفوظ ڪيا ويندا هئا. هيٺ رسالي جي سُرن بابت ڇپيل ڪتابن جو تفصيل ڏجي ٿو:
سُر حسيني1: اجمل بيگ ولد قليچ بيگ مرزا جي ترتيب ڏنل شاھہ جي سُر حسينيءَ بابت هن ڪتاب ۾ ڀٽائي گهوٽ جو مختصر احوال، سُر حسينيءَ جي اصليت، سُر حسينيءَ جو مضمون (سسئي ۽ پنھون جو مختصر قصو)، قصي جو حقيقي مطلب، سُر حسينيءَ جي مختلف فصلن جو مضمون، سُر حسينيءَ جا بيت ۽ انهن جي شرح معنيٰ ۽ سمجهاڻيون ڏنيون ويون آهن. بنيادي طور تي هيءَ ڪوشش شاگردن لاءِ شاھہ جي رسالي کي سمجهڻ جي آسانيءَ خاطر ڪئي وئي آهي، جنهن سان هڪ سُر جو مختصر، پر جامع احوال مضمون توڙي بيتن جون درست پڙهڻيون ۽ معنائون سمجهايون ويون آهن. 168 صفحن جي هن ڪتاب کي ايجوڪيشنل بوڪ ڊيپو، اسڪول روڊ، حيدرآباد سنڌ، 1951ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن تي 3 روپيا قيمت آهي.
سُر حسيني2: هي ڪتاب رشيد احمد لاشاريءَ جو تصنيف ڪيل آهي. ڪتاب ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جي احوال ۽ سُر حسينيءَ جي تعارفي نوٽ کان سواءِ سُر حسينيءَ جا 12 داستان موجود آهن. ان کان پوءِ رشيد احمد لاشاريءَ، سر حسينيءَ جي هر هڪ بيت جي ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏني آهي، جنهن سان بيتن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي نہ ٿي ٿئي. ڪتاب جي شروع ۾ شاعر بلاول پرديسيءَ هڪ طويل قطعه تاريخ چئي آهي، جنهن جي مقطع مان ڇپجڻ واري سال جو هجري سن نڪري ٿو:
سو چيم جو سالِ هجري هاتف چيو ‘بلاول’،
“اڄ ڳاءِ سُر حسيني، مشھور سر حسيني”
1373ھہ/ 1954ع
ڪرائون سائيز ۾ 335 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس پبلشرس حيدرآباد، 1954ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو آهي.
سر ڪاموڏ: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي سرڪاموڏ تي مشتمل هي ڪتابڙو محمد صديق ‘مسافر’ جو ترتيب ڏنل آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ شاھہ صاحب جي مختصر سوانح عمري ڏنل آهي. سُر ڪاموڏ عنوان سان مضمون متعلق بيان ۽ سُر جا سمورا بيت ۽ وايون ٻن داستانن ۾ ڏنل آهن، جنهن بعد ترتيب وار ٻنهي داستانن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني وئي آهي. هي ڪتابڙو ڪرائون سائيز ۾ 40 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس جون 1959ع ۾ نوراني پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپايو. ڪتاب جي قيمت هڪ روپيو آهي.
سر آسا: شاھہ عبداللطيف جي ڪلام مان سُر آسا تي مشتمل هي ڪتابڙو، محمد صديق ‘مسافر’ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ شاھہ صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي. سر آسا جي عنوان سان بحث هيٺ آيل سُر بابت ذڪر ڪيو ويو آهي. سر آسا کي چئن داستانن ۾ ورهائي بيت ۽ وايون ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ترتيب وار چئني داستانن جي بيتن ۽ واين جي شرح، معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي. هي ڪتاب ڪرائون سائيز جي 120 صفحن تي آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس پاران 61-1960ع ۾ مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپايو ويو. ڪتاب جي قيمت 2 روپيا آهي.
سُر کنڀات: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر کنڀات تي مشتمل هي ڪتابڙو، محمد صديق ‘مسافر’ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ شاھہ جي مختصر سوانح عمري ڏني وئي آهي، جنهن بعد ’شاھہ جو رسالو ۽ ان جا سر‘ جي عنوان هيٺ ڪلام متعلق مختصر ذڪر آهي. سُر کنڀات جي عنوان سان سُر بابت بيان آهي. سر کنڀات جي بيتن ۽ واين کي ٻن داستانن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب جي پوئين حصي ۾ ترتيب وار ٻنهي داستانن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ڪرائون سائيز ۾ 92 صفحن تي مشتمل هي ڪتابڙو آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس حيدرآباد، 61-1960ع ڌاري مدينه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپايو. هن ڪتابڙي جي قيمت ساڍا اٺ روپيا آهي.
سر سامونڊي: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جي سر سامونڊيءَ تي مشتمل هي ڪتابڙو، غلام محمد شاهواڻي ۽ محمد بخش واصف جو گڏ لکيل آهي. ڪتابڙي جو ديباچو محمد بخش واصف لکيو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ شاھہ صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي، جنهن بعد سر بابت ’سر سامونڊي‘ جي عنوان سان تعارفي بيان آهي، سُر جا بيت ۽ وايون ٽن داستانن ۾ ڏنا ويا آهن. ڪتابڙي جي آخري حصي ۾ ترتيب وار ٽنهي داستانن جي شرح، معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ڪرائون سائيز جي 66 صفحن تي مشتمل هي ڪتابڙو
آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس ٻيو ڀيرو 1966ع ۾ مدينه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپايو. هن ڪتابڙي جي قيمت 1.87 روپيا (هڪ روپيو ستاسي پئسا) آهي.
سُر سورٺ: هي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي سُر سورٺ تي مشتمل ڪتابڙو، محمد صديق ‘مسافر’ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي شروع ۾ شاھہ جي مختصر سوانح عمري ڏني وئي آهي، جنهن بعد شاھہ جو رسالو ۽ ان جا سُر، سر سورٺ جي آکاڻي ۽ ڪهاڻيءَ جو روحاني راز جي سري هيٺ مضمون ڏنل آهن. ڪتاب ۾ سر سورٺ جا بيت ۽ وايون الڳ الڳ داستانن ۾ ڏنل آهن، جن جي سمجهاڻي ۽ معنيٰ ڪتاب جي آخري حصي ۾ ترتيب وار الڳ الڳ داستانن ۾ ڏنل آهي. ڪتاب ۾ عام فھم ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي.
ڪرائون سائيز جي 122 صفحن تي مشتمل ڪتابڙو، آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس 68-1967ع ۾ مفيد پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپايو. ڪتاب جي قيمت 2 روپيا آهي.
سُر سارنگ: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام مان سر سارنگ تي مشتمل هي ڪتابڙو، غلام محمد شاهواڻي ۽ محمد بخش واصف جو لکيل آهي. هن ڪتابڙي جو ديباچو ٻنهي مصنفن گڏجي لکيو آهي. ڪتابڙي جي شروعات ۾ شاھہ صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏنو ويو آهي، جنهن بعد سر جا بيت ۽ وايون چئن داستانن ۾ ڏنل آهن. ڪتاب جي آخري حصي ۾ چئني داستانن جي ترتيب وار شرح، معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني وئي آهي. هي ڪتابڙو ڪرائون سائيز ۾ 98 صفحن تي آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس 68-1967ع ۾ مفيد پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپايو آهي. ڪتابڙي جي قيمت 12 روپيا آهي.
سُر ليلان ۽ چنيسر: شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جي سُر ليلان ۽ چنيسر تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ استاد محمد صديق مسافر ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب جي ابتدا ۾ شاھہ سائينءَ جي مختصر سوانح عمري ڏني وئي آهي. جنهن بعد ‘شاھہ جو رسالو ۽ ان جا سر’ ۽ ‘ليلان ۽ چنيسر جو روحاني راز’ جي عنوان سان موضوع شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ سر ليلان چنيسر ۾ شامل ٽيئي داستان، ۽ داستانن ۾ شامل سمورين واين ۽ بيتن جون سليس سمجهاڻيون پڻ ڏنل آهن. مرتب هن داستان ۾ شامل ڪلام جي سمجهاڻي نهايت ئي سادي ۽ سولي ڏني آهي.
ڪرائون سائيز جي 86 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب آر. ايڇ. احمد اينڊ برادرس حيدرآباد، 1967ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت ساڍا ڇھہ پئسا ڄاڻايل آهي.
سُر مارئي: علامہ آءِ آءِ قاضيءَ جي ترتيب ڏنل شاھہ جي رسالي مان هي سرُ، پروفيسر حبيب رحيم بخش مرزا، شاگردن لاءِ الڳ ترتيب ڏنو آهي. بيتن ۾ موجود ڏکين لفظن جون معنائون بيتن جي پاسي/ حاشيي ۾ لکيون ويون آهن، جڏهن تہ سُر مارئيءَ جي داستانن جو تعارف ۽ بيتن جي تشريح پڻ ڪئي وئي آهي. 99 صفحن جي ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي نصير بوڪ ڊيپو حيدرآباد 1967ع ۾ شايع ڪيو.
سُر ڪلياڻ جو مطالعو: هي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر بابت مختلف اديبن ۽ شاعرن جي مقالن تي مشتمل ڪتابي سلسلي جي چوٿين ڪڙي آهي، جڏهن تہ پهريون ٽي ڪڙيون: ‘شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ اسلامي قدر’ (1967)، ‘شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ انساني اخلاق ۽ ڪردار جو معيار’ (1968) ۽ ‘حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، سنڌي ٻوليءَ جو معمار’ (1969)- عنوانن سان ڇپجي پڌريون ٿيون، جن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏئي، شاھہ سائينءَ جي عرس جي موقعي تي ڇپرائي پڌرو ڪيو هو.
سُر ڪلياڻ جو مطالعو’ ڪتاب ۾ بہ مختلف اديبن ۽ محققن جا شاھہ سائينءَ جي ‘سُر ڪلياڻ’ بابت شاھہ سائينءَ جي 217 عرس (1969) جي موقعي تي پڙهيل تحقيقي مقالا ڏنل آهن، جن ۾ يارهن سنڌيءَ ۾ ۽ هڪ انگريزيءَ ۾ مضمون شامل آهي. هن ڪتاب ۾ سيد منظور نقوي، نجف علي شاھہ ‘ڪمتر’ نقوي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شيخ محمد ابراهيم خليل، شيخ عبدالرزاق ‘راز’، ڊاڪٽر مدد علي قادري، مير محمد ڀيي، شيخ محمد سومار، محمد عمر معمور يوسفاڻي ۽ عبدالڪريم سعديءَ جا سنڌي مضمون شامل آهن، جڏهن تہ ڊاڪٽر اي. جي هاليپوٽي جو انگريزيءَ ۾ مضمون ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ ترتيب ڏئي، شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڪاميٽي، حيدرآباد پاران 1970ع ۾ شايع ڪيو. 116 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت اڍائي روپيا آهي.
سُر جمن جو مطالعو: هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 218 عرس (1970) جي موقعي تي پڙهيل سُر يمن ڪلياڻ بابت مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ مختلف محققن ۽ عالمن جا مقالا شامل آهن. هي ڪتاب
ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڪميٽي ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد، 1971ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
سُر کنڀات جو مطالعو: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر کنڀات تي تحقيقي مقالن جي ڪڙي نمبر ڇهينءَ تي مشتمل هي ڪتاب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مرتب ڪيل آهي، جنهن ۾ سر کنڀات بابت 14 سنڌي ۽ هڪ انگريزي ۾ تحقيقي مقالو شامل آهي، جن جا ليکڪ آهن: منظور نقوي، زيب ڀٽي، محمد بخش انصاري، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، ڪريم بخش چنه، شيخ عبدالرزاق راز، مير محمد ڀيو، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، محمد عمر معمور يوسفاڻي، نجف علي ڪمتر نقوي، محمد اڪرم انصاري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر محمد علي قاضي.
سُر کنڀات بابت تحقيقي مقالن تي مشتمل هيءُ ڪتاب شاھہ صاحب جي 219 عرس تي شايع ڪيو ويو، ڊيمي سائيز ۾ 170 صفحن تي مبني هي ڪتاب ‘شاھہ عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڪاميٽي’ طرفان 1972ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 3 روپيا آهي.
سر سريراڳ جو مطالعو: هي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر بابت مختلف اديبن ۽ شاعرن جي مقالن تي مشتمل، شاھہ لطيف جي سُرن بابت ڪتابي سلسلي جي ستين ڪڙي آهي. جنهن کي نامور عالم، اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏئي، شاھہ لطيف جي 220 عرس مبارڪ (1972ع) جي موقعي تي ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ مختلف اديبن ۽ محققن جا شاھہ جي ڪلام جي سُر سري راڳ بابت تحقيقي مقالا شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ڪل ٻارهـن مضمـون ڏنل آهن، جن ۾: سيد منظور نقوي، نجم عباسي، عبدالمجيد سنڌي، مير محمد ڀيي، سيد نجف علي شاھہ ڪمتر نقوي، علي بخش بلوچ، شاهنواز ڀُٽي ‘اختر’، محمد عمر ‘معمور’ يوسفاڻي، علي نواز جتوئي، علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جا سنڌيءَ ۾، جڏهن تہ انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽر محمد علي قاضي ۽ پروفيسر محمد اڪرم انصاريءَ جا مضمون شامل آهن. هن ڪتاب جو پيش لفظ مشھور تعليمدان ۽ ڀٽ شاھہ ڪلچرل سينٽر جي ان وقت جي سيڪريٽري، الھہ بخش ايم نظاماڻيءَ لکيو آهي.
ڊيمي سائيز جي 130 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد طرفان 1973ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 15 روپيا آهي.
سُر سسئي آبري جو مطالعو: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر سسئي آبريءَ تي تحقيقي مقالن جي ڪڙي نمبر 10 تي مشتمل هي ڪتاب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مرتب ڪيل آهي، جنهن ۾ مختلف اديبن ۽ محققن جا سُر سسئيءَ بابت ڏھہ تحقيقي مقالا ڏنل آهن، جن ۾ قادر بخش ’زيب‘ ڀٽي، غلام رسول بلوچ، عابد بلوچ، محمد دائود بلوچ، سيد منظور نقوي، سيد نجف علي شاھہ ڪمتر نقوي، عبدالغفور بلوچ نقشبـندي، پروفيسر مير محمد ڀيي، معمور يوسفاڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ان کان سواءِ هڪ انگريزيءَ ۾ تحقيقي مقالو پروفيسر محمد اڪرم انصاريءَ جو پڻ شامل آهي. ڊيمي سائيز ۾ 140 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀـٽ شـاھہ ثـقافـتي مـرڪـز ڀـٽ شـاھہ/ حيدرآباد طرفان 1976ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي قيمت 2 روپيا آهي.
سر سسئي معذور جو مطالعو: شاھہ لطيف ڀٽائيءَ جي فن ۽ فڪر بابت مختلف اديبن ۽ شاعرن جي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ترتيب ڏنو آهي. جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز طرفان شاھہ سائينءَ جي مختلف سُرن بابت ڇپايل ڪتابي سلسلي جي يارهين ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف اديبن ۽ شاعرن جا تيرهن مقالا شامل آهن. جن ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، عابد بلوچ، سيد احسان علي شاھہ، صوفي نيڀراج سوٽهڙ، الـحـاج رحـيــم بـخـش قـمـر، پـروفيـسر
غلام رسول بلوچ، سيد نجف علي شاھہ ڪمتر، سيد منظور نقوي، سيد مبارڪ علي لکوي، محمد عمر معمور يوسفاڻي، پروفيسر مير محمد ڀيي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا مضمون شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش جو لکيل آهي، جڏهن تہ ’ٻہ اکر‘ ثقافت کاتي جي اُن وقت جي سيڪريٽري آخوند عبدالحميد جا لکيل آهن، هيءُ ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز طرفان 1977ع ۾ شاھہ سائين جي 224 عرس مبارڪ تي ڇپجي پڌرو ٿيو. 126 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 25 روپيا آهي.
سُر ليلا چنيسر: مختلف محققن ۽ اديبن جي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب کي حميد سنڌيءَ سهيڙيو آهي، جنهن ۾ مختلف محققن ۽ اديبن، شاھہ سائينءَ جي ڪلام جي سُر ليلا چنيسر تي مختلف پهلوئن کان روشني وڌي آهي. انهن مقالي نگارن ۾ محمد حسين ڪاشف، پروفيسر عبدالعلي قلباڻي، ڊاڪٽر غلام رسول بلوچ، الحاج رحيم بخش قمر، خان آصف مصراڻي'>احمد خان آصف مصراڻي، پروفيسر عنايت زنگيجي، بشير احمد شاھہ، غلام مصطفيٰ دادوي، نور محمد ڪنڀر، درگاهي ميراڻي ۽ سيد اسدالله شاھہ بخاري قابل ذڪر آهن.
ڊيمي سائيز جي 83 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد، آڪٽوبر 1986ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 15 روپيا آهي.
سُر گهاتو: هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 243هين عرس جي موقعي تي سُر گهاتوءَ بابت پڙهيل تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي حميد سنڌيءَ سهيڙيو آهي. هن ۾ سُر گهاتوءَ بابت شيخ محمد اسماعيل، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، رشيد ڀٽي، اسد جمال پلي، ڊاڪٽر نعيم نقوي، مولانا غلام مصطفيٰ دادوي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، پروفيسر زيب ڀٽي، رحيم بخش قمر، جوهر بروهي، غلام رسول بلوچ، اسد شاھہ بخاري، مير محمد ڀيي، امداد علي سرائي، الهڏني سومري، مولوي عـبداللطيـف، مير محـمد مـقبـول سـومري، محمـد حسيـن ڪـاشـف، نصرت حسين ابڙي، سميع نوشهري، حافظ غلام قادر چنا، محمد خان مجيدي، نذير ناز، نعيم قريشي، محمد رمضان پٺاڻ، يار محمد شاھہ، شمس الدين عرساڻي ۽ نصير محمد منصور جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ڊيمي سائيز ۾ هڪ رنگي ٽائيٽل سان 200 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ طرفان 1987ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 25 روپيا آهي.
سُر ڪاموڏ: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام سر ڪاموڏ تي مختلف اديبن، دانشورن جي تحقيقي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب برک ڪهاڻيڪار حميد سنڌي آهي. هن ڪتاب کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سُر ڪاموڏ تي لکيل مختلف اديبن ۽ دانشورن جھڙوڪ: رشيد ڀٽي، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پروفيسر اياز قادري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، شيخ محمد اسماعيل، جوهر بروهي، محمد خان مجيدي، ادل سومري، پروفيسر زيب ڀٽي ۽ ٻين جا 19 تحقيقي مقالا شامل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ ‘شاھہ جي ڪلام ۾ اخلاقي قدر’ عنوان هيٺ نامور عالمن جا ست مضمون شامل آهن. ٽئين ڀاڱي ۾ ‘برصغير ۾ شاھہ جا همعصر صوفي شاعر’ عنوان سان رضيا شيخ جو مقالو شامل آهي ۽ چوٿين ۽ آخري ڀاڱي ۾ ‘عقيدت جا گل’ جي عنوان سان ٻن شاعرن محمد خان مجيدي ۽ ميوي خان موج جا نظم شامل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 243هين عرس تي، 1987ع ۾ پڙهيا ويا.
پڪي جلد سان ڊيمي سائيز جي 227 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد، سيپٽمبر 1988ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.
سر ڏهر: شاھہ سائين جي 244هين عرس جي موقعي تي سر ڏهر تي مختلف محققن ۾ اديبن پاران لکيل مقالن تي مشتمل هيءُ ڪتاب
نواز علي شوق جو مرتب ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف رُخن کان
سُر ڏهر تي روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب ۾ شامل مقالا لکندڙن ۾: معمور يوسفاڻي، شيخ محمد اسماعيل، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، علي احمد بروهي، حافظ ارشد انڍڙ، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر اسد جمال پلي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، فقير محمد لاشاري، پريتم پياسي، جوهر بروهي ۽ آفتاب ابڙو شامل آهن. ڊيمي سائيز جي 240 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي
شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد 1989ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 40 روپيا آهي.
سُر مارئي: مختلف محققن ۽ اديبن جي مقالن تي مشتمل هن ڪتاب کي حميد سنڌيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سمورا مقالا شاھہ سائينءَ جي 245هين عرس جي موقعي تي پڙهيا ويا. هن ڪتاب ۾ شامل مختلف مقالن ۾ ليکڪن سُر مارئيءَ جي مختلف پهلوئن تي ڀرپور نموني روشني وڌي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا لکندڙن ۾: پريتم پياسي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، تاجل بيوس، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، حافظ ارشد انڍڙ، محمد حسين ڪاشف، ولي سروري،بدر ابڙو'> بدر ابڙو، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، نصرت حسين ابڙو، سوز ٻروچ، عبدالوحيد ڪٽپر، ڊاڪٽر علي اڪبر ايم ڍڪڻ، عابد مظهر، فقير امداد سرائي ۽ محمد ابراهيم چنا قابل ذڪر آهن. هن ڪتاب جا ٻہ اکر ثقافت کاتي جي اُن وقت جي اعزازي سيڪريٽري، مهتاب اڪبر راشديءَ لکيا آهن. 206 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ، 1990ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 40 روپيا آهي.
سُر ڪاپائتي: هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 247هين عرس جي موقعي تي سرڪاپائتي بابت تحقيقي مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن کي حميد سنڌيءَ مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، محمد عمر معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، پريتم پياسي،
ابـوبڪر شيـخ، چوئـٿـرام دلهيت، ڊاڪٽر غـلام نـبـي سـڌايـي، ڊاڪٽر شمس سومري، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، سيد بچل شاھہ بخاري، ملڪ نديم، سليم ميمڻ ۽ محمد حسين ڪاشف جا تحقيقي مقالا شامل آهن. ڪتاب جي شروعات ۾ ‘ٻہ اکر’ حميد سنڌيءَ جا لکيل آهن.
ڊيمي سائيز ۾ چار رنگي ٽائيٽل سان 184 صفحن تي مشتمل هي تحقيقي مقالن جو ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ طرفان 1991ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.
سُر بلاول: شاھہ سائين جي ڪلام جي سُر بلاول تي مختلف اديبن، محققن جي مقالن تي مشتمل هيءُ ڪتاب حميد سنڌيءَ جو مرتب ڪيل آهي؛ جنهن ۾ سُر بلاول متعلق مختلف اديبن جا تحقيقي مقالا شامل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، چوئٿرام، رقيه غلام النبي شاهاڻي، معمور يوسفاڻي، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، سليم ميمڻ، غلام حسين رنگريز، نصرت حسين ابڙو، الحاج رحيم بخش قمر لاکو، مولانا محمد اياز قريشي، عبداللطيف سڪندري، حافظ عبدالرحيم جمالي، سيد يار محمد شاھہ ۽ فقير امداد علي سرائي قابل ذڪر آهن.
هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائي مرڪز طرفان شاھہ سائين جي 247هين عرس مبارڪ جي موقعي تي 1992ع ۾ شايع ٿيو. 191 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي.
سر رامڪلي: هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 249هين عرس جي موقعي تي سر رامڪليءَ بابت پڙهيل تحقيقي مقالن جو مجموعو آهي، جنهن کي حميد سنڌيءَ مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سر رامڪليءَ بابت حميد سنڌي، بدر ابڙي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر اياز قادري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، محمد حسين ڪاشف، جوهر بروهي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، حاجي عنايت زنگيجي، رضيہ شيخ، پريتم پياسي، مير محمد ڀيي، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، زيب ڀٽيءَ، ملڪ نديم، مير محمد سومري، الحاج رحيم بخش قمر،
غلام مصطفيٰ دادويءَ، حافظ عبدالرحيم جماليءَ، محمد اياز قريشي، مولوي عبداللطيف سڪندري، قائم سولنگي ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جا تحقيقي مقالا شامل آهن.
ڊيمي سائيز ۾ هڪ رنگي ٽائيٽل سان 285 صفحن جو هي ڪتاب، شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد طرفان 1993ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.
سُر کاهوڙي جو مطالعو: شاھہ سائينءَ جي 249هين عرس جي موقعي تي ٿيل سُرکاهوڙيءَ بابت ڪانفرنس ۾ سنڌ جي عالمن اديبن ۽ شاعرن جا پڙهيل هي مقالا حميد سنڌيءَ سهيڙيا آهن، جن جو وچور هن ريت آهي: تصوف ۽ سُر کاهوڙي (رقيه غلام نبي شاهاڻي)، سُر کاهوڙيءَ ۾ ڪردارن جا جدا جدا نالا (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، سُر کاهوڙيءَ ۾ ٿري ٻوليءَ جا لهجا ۽ الفاظ (پريتم پياسي)، کاهوڙي کڙا... (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، سُک نہ سُتا ڪڏهن (خادم عباسي)، شاھہ جو کاهوڙي (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)، سر کاهوڙيءَ ۾ لاهوت جو سير (سيد اسدالله بخاري)، کاهوڙڪي کير (حاجي عنايت زنگيجو)، سر کاهوڙيءَ ۾ لوڪ فقيرن جا اوصاف (پروفيسر الھہ ڏنو سومرو)، لطيف جو سُرکاهوڙي ’ (حافظ احمد بخش)، سُر کاهوڙيءَ ۾ زندگي گذارڻ جا روحاني راز (رضيا شيخ
سُر کاهوڙي ۽ شاھہ جي منزل (نصرت حسين ابڙو)، کاهوڙين خفي سان (محمد حسين ڪاشف).
ڊيمي سائيز جي 128 صفحن واري هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڪميٽي ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد سنڌ، 1994ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.
سر بروو: هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 250هين عرس جي موقعي تي ’سر بروي‘ بابت پڙهيل تحقيقي مقالن تي مشتمل آهي، جنهن کي حميد سنڌيءَ مرتب ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر اياز قادري، سرڪش سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، رضيا شيخ، ڊاڪٽر بشير احمد شاھہ، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، ڊاڪٽر رقيه غلام النبي شاهاڻي، حافظ عبدالرحيم جمالي، نصرت حسين ابڙي، حاجي عنايت زنگيجي، نذير ناز، سيد مظفر علي شاھہ، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، سلطانہ وقاصي، سحر امداد، ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ۽ قائم سولنگيءَ جا تحقيقي مقالا شامل آهن.
سر سامونڊي: شاھہ سائينءَ جي ڪلام سر سامونڊي تي مختلف اديبن جي مقالن تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ شاھہ لطيف جي 253هين عرس جي موقعي تي ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف محققن ۽ اديبن جا سر سامونڊي متعلق پر مغز مقالا شامل آهن. جن ۾: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، تاج صحرائي، سحر امداد، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر هدايت پريم، فقير امداد سرائي، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، حاجي عنايت زنگيجو، پريتم پياسي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، عابد مظهر، محمد بخش حافظ، رقيه غلام نبي شاهاڻي، حافظ عبدالڪريم جمالي، لطيف اياز پنهور، سيد بچل شاھہ بخاري، زيب نظاماڻي، نذير ناز، مصطفيٰ کهڙو ۽ حميد سنڌي قابل ذڪر آهن.
263 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
سر ڪيڏارو (اردو): هي ڪتاب خادم حسين سومري جو ترتيب ڏنل آهي ۽ ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرئين ڀاڱي ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي مشھور سُر ‘ڪيڏاري’ کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ جي نامور اديب، محقق، تاريخدان ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ جي تحقيقي مقالي ‘سنڌي مرثيي جي مختصر تاريخ’ جو اردو ترجمو شامل ڪيو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سر ڪيڏاري بابت تفصيلي بحث کانپوءِ شاھہ لطيف جي سر ڪيڏاري جي بيتن سان گڏوگڏ انهن سنڌي بيتن جو چئن ٻولين فارسي، اردو، پنجابي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي مرثيي جي مختصر تاريخ سان گڏوگڏ سنڌ جي قديم مرثيہ گو شاعرن کان وٺي جديد شاعرن تائين جو مختصر احوال ۽ انهن جي چيل مرثين جو نمونو پڻ ڏنو ويو آهي ۽ ان سان گڏ مرثين جي بندن جو اردوءَ ۾ ترجمو بہ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو پيش لفظ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ميمبر ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل افضل حيدر سيد جو لکيل آهي. اردوءَ ۾ سر ڪيڏاري ۽ سنڌ جي مرثيہ گو شاعرن جي مرثين جو اردو ترجمو ۽ تاريخ نهايت اهميت رکن ٿا. ڊيمي سائيز جي 179 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هي ڪتاب، گورا پبلشرز لاهور طرفان 1997ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي قيمت 90 روپيا آهي. مرتب ڪتاب جي ارپنا بيبي سيده زينب بنت علي عليہ السلام جي نالي ڪئي آهي.
سُر سارنگ: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 253هين عرس جي موقعي تي منعقد ٿيل سُر سارنگ بابت ادبي ڪانفرنس ۾ شاھہ جي پارکن ۽ عالمن جا پڙهيل هي مقالا حميد سنڌيءَ سهيڙيا آهن، جن ۾ سُر جي مختلف رُخن تي روشني وڌي وئي آهي. جنهن جو وچور هن ريت آهي: سارنگ ساٺ ڪجن (محمد حسين ‘ڪاشف’)، سُر سارنگ جو لساني جائزو (ڊاڪٽر هدايت پريم)، شاھہ لطيف جو مجازي عشق (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، ڀٽائي گهوٽ جي سُر سارنگ جو مطالعو (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، سارنگ سائي سِٽَ (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍرسُر سارنگ، درست پڙهڻيون ۽ سماجي فڪري پهلو (تاج جويو)، سارنگ جو اهڃاڻ ۽ سنڌ جي جاگرافي (ڊاڪٽر حبيب صديقي)، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر سارنگ جو مطالعو (قائم سولنگيسُر سارنگ ۾ سمايل سماجي ۽ روحاني فڪر (محمد ابراهيم سنڌيسُر سارنگ ۾ سنڌي عورت جا احساس (رضيا شيخسُر سارنگ: هڪ مطالعو (احسان عظيم صديقي)، شاھہ صاحب جو سُر سارنگ ۽ اسلامي فتحون (اياز قريشيسُر سارنگ ۽ سنڌ جي سُڪاري حالت (حافظ عبدالرحيم جمالي)، شاھہ جي سُر سارنگ جو تصور
(شفيق حسين ميمڻ)، سُر سارنگ جا رنگ (نذير ناز)، سارنگ سار لهيج لڳ اُڃَين جي (حافظ محمد بخش خاصخيلي).
هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڪانفرنس ۾ پڙهيل متفرقه مضمون پڻ شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي هن طرح آهن: ’فردا منڌ ڦٽي ڪئي‘ (جدوجھد جو فلسفو ۽ سسئي: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، سامونڊيڪو سڱ (ذاڪر حسين کٽيسُر سامونڊي سنڌ جي اقتصادياتي تاريخ جو ماخذ (محمد پنھل ڏهر)، شاھہ جي ڪلام جو اقتصادي فلسفو: مختصر جائزو (ادل سومروسُر سامونڊيءَ جو پس منظر ۽ شاھہ جا مقرر ڪيل ڪردار (مخمور مهيري)، اڄ پڻ اتر پار ڏي (نصرت حسين ابڙو). ڪتاب جي منڍ ۾ مرتب حميد سنڌيءَ جو نوٽ شاھہ سائين ۽ ڪانفرنس جي حوالي سان ’اندر جهڙ جهوريءَ وهي‘ جي عنوان سان ڳالھہ ٻولھہ پڻ شامل آهي. ڊيمي سائيز جي 239 صفحن جو هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد طرفان 1998ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
سُر رپ: هڪ مطالعو: شاھہ عبداللطيف جي فن ۽ فڪر تي مشتمل هيءُ ڪتاب سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان شاھہ سائين جي 258هين عرس مبارڪ تي ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو تاج جويي جو ترتيب ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ سُر رپ متعلق مختلف محققن ۽ اديبن جا مقالا شامل آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: (1) صدارتي تقرير (ڊاڪٽر فھميدہ حسين)، (2) غم جو فلسفو ۽ سر رپ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (3) گوندر هٿ نہ پير (محمد حسين ڪاشف)، (4) شاھہ جي ٻولي: سر رپ جو لسانياتي جائزو (ڊاڪٽر هدايت پريم)، (5) رپ جو راز (ڊاڪٽر حبيب صديقي)، (6) سر رپ: صرفي ۽ نحوي ترڪيبون (ڊاڪٽر اسد جمال پلي)، (7) سر رپ ۾ تشبيهن جو استعمال (مير محمد پيرزادو)، (8)لطيف سرڪار جو سر رپ (حافظ محمد بخش خاصخيلي)، (9) سر رپ جو مطالعو (ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي)، (10) سر رپ ۾ وڇوڙي ۽ ويراڳ جا ورلاپ (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، (11) اتر ڏني اوٽ (حاجي عنايت زنگيجو)، (12) سر رپ جو جائزو ۽ سماچار (فقير امداد علي سرائي)، (13) سر رپ ۾ اصطلاح ۽ چوڻيون (نياز سرڪي)، (14) سر رپ هڪ مطالعو (احسان عظيم)، (15) سر رپ جو سماجي ۽ ثقافتي پهلو (محمد ابراهيم سنڌي)، (16) شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سر رپ (عطاءُ شاھہ بخاري) ۽ (17) سر رپ جا راز ۽ رمزون (رقيه غلام نبي شاهاڻي).
هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جي عنوان سان هيٺيان مضمون شامل آهن: (1) پير پٽائين گج جيئن (امداد حسيني)، (2) شاھہ صاحب جي ڪلام ۾ حسن ۽ جمال جو تصور (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)، (3) شاھہ صاحب وٽ حسن و جمال (اڪبر لغاري)، (4) شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ تخليق ۽ حُسن ڪاري (خاڪي جويو)، (5) لطيف وٽ سُونهن جو تصور (انعام شيخ)، (6) شاھہ جي شاعريءَ ۾ حُسن ۽ جمال جو تصور (ڊاڪٽر تھمينه مفتي)، (7) شاھہ جي شاعريءَ ۾ حُسن ۽ جمال (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (8) شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو جمالياتي تصور (حافظ عبدالرحيم جمالي) ۽ (9) شاھہ جو ڪلام، سُونهن جو سرچشمو (احسان دانش). هن ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ هيٺيان مقالا شامل آهن: (1) ترائيءَ ۾ ڀٽائيءَ جو تڪيو (نصرت حسين ابڙو)، (2) لطيفي سير ۽ مشاهدي جا رنگ (نذير ناز) ۽ (3) شاھہ سائينءَ جو سفر ۽ ماڳ مڪان (محمد ابراهيم سنڌي).
هن ڪتاب جا ’ٻہ اکر‘ ثقافت کاتي جي ان وقت جي سيڪريٽري عاشق حسين ميمڻ ۽ تاج جويي جو ’ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز ۽ ادبي ڪانفرنس جو منظر’ جي عنوان سان مقالو شامل آهي. 323 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز 2002ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
سُر سورٺ: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 258هين عرس مبارڪ جي موقعي تي سُر سورٺ تي سڏايل ادبي ڪانفرنس ۾ عالمن اديبن ۽ محققن جا پڙهيل هي مقالا نامياري اديب ۽ محقق تاج جويي مرتب ڪيا آهن، جن ۾ شاھہ جي سُر سورٺ جي مختلف رخن تي عالمانا نگاھہ وڌي وئي آهي. شروع ۾ ٻہ اکر عبدالحميد آخوند سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ۽ مرتب طرفان تاج جويي جا لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا هن طرح آهن: سُر سورٺ جو پس منظر (شيخ محمد اسماعيلسُر سورٺ جو تاريخي جائزو (ڊاڪٽر حبيب صديقيسُر سورٺ جو فلسفو ۽ ماهيت (محمد حسين ڪاشف)،
سُر سورٺ جي موسيقي (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، سُر جو غوغاءُ،
سِر جو سودو ۽ ڀٽائيءَ جو بيان (عنايت بلوچسُر سورٺ-راءِ ڏياچ جو سلوڪ جي راھہ ۾ روحاني پسمنظر (حافظ محمد بخش خاصخيليسُر سورٺ ۾ محاورا، اصطلاح ۽ چوڻيون (ڊاڪٽر اسد جمال پلي)،
سُر سورٺ جو روحاني راز (مولانا عبداللطيف سڪندري)، سُرسورٺ جي لغت (الھنواز رڪڻائي)، سُر سورٺ ۾ سخا ۽ سورهيائيءَ جو ذڪر (پروفيسر عنايت زنگيجو)، شاھہ جي سُرسورٺ ۽ سؤراشٽر جا قديم آثار (ڊاڪٽر محمد علي مانجهي)، سُر تي سِر جو فلسفو (سرڪش سنڌيسُر سورٺ جو مطالعو (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، سُرسورٺ ۾ علامت نگاري (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، خاڪ مٽي ڪا بان (راز شرسُر سورٺ جي ڪردار جو جائزو (ڊاڪٽر نور افروز خواجہ)، سورٺ- سنڌ جي عورت جو المياتي ڪردار (ڊاڪٽر تھمينه مفتيسُر سورٺ جون رمزون ۽ راز (محمد ابراهيم سنڌيسُر سورٺ جو پسمنظر ۽ منگتي جا ايلاز (مھر خادم)، سِرَ جي صدا سُرَ ۾ (اسد سولنگي)، سُرسورٺ ۾ وچن، سُر ۽ سخاوت جو ذڪر (ساگر حنيف بڙدي)، شاھہ جي سُر سورٺ جو مطالعو (احسان دانش)، سُر سورٺ ۾ آرٽ جو پهلو ۽ پيغام (سرور نواز ٻگهيواردو ڀاڱو: شاھہ عبداللطيف بهڻائي اور جلال الدين رومي (ڊاڪٽر رضا مصطفوي سبزواري)، ابياتِ لطيف بہ عنوان سُر سورڻھہ (سيد قوي احمد).
سُر سورٺ بابت مقالن جو هي مجموعو، ڊيمي سائيز جي 216 صفحن تي مشتمل آهي جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ/حيدرآباد طرفان 2003ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 130 روپيا آهي.
سُر مومل راڻو: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 259هين عرس مبارڪ جي موقعي تي سُر مومل راڻي متعلق منعقد ڪرايل ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن ۽ تقريرن جو هي مجموعو، نامياري اديب تاج جويي مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ سُر جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي آهي. شروعات ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اُن وقت جي سيڪريٽري غلام عابد شيخ طرفان ‘ٻہ اکر’ آهن، جڏهن تہ تاج جويي ‘مرتب پاران’، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي مرحبائي تقرير ۽ ياسر قاضيءَ پاران ‘ٻہ روزہ شاھہ لطيف ادبي ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال’ شامل آهي. ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۽ مقالن جو وچور هن ريت آهي: ماٿيلي جي مومل ۽ ڀٽ جو ڍوليو (حافظ محمد بخش خاصخيليسُر مومل راڻي ۾ مومل جو ڪردار (ڊاڪٽر فھميدہ حسين)، راڻو: هڪ راڳڻي (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، اُڀي اُڀاريان (داستان مومل راڻو: الھہ نواز رڪڻائي)، سُر مومل راڻو ۽ ان جو جمالياتي پهلو (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، راڻي جو رسامو، فراق جو ڦوڙائو ۽ محبت جو معراج (عنايت بلوچ)، مومل جي راڻي سان پاڻ ارپڻ جي شدت (مير محمد پيرزادو)، آلا ڦٽ فراق جا (شفقت حسين شورو)، شاھہ جي نظر ۾ مومل جو مقام (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، راڻو هڪ وجيھہ مرد (پروفيسر عنايت زنگيجو)، سُر مومل راڻي جا ماڳ (ڊاڪٽر محمد علي مانجهي)، سُر مومل راڻي جي ترتيب جو جائزو (محمد حسين ’ڪاشف‘)، مومل راڻي داستان جي راجستاني روايت (پريتم پياسيسُر مومل راڻي ۾ صرفي ۽ نحوي ترڪيبون (اسد جمال پلي)، سُر مومل راڻي جي ٻولي (ڊاڪٽر هدايت پريم)، سُر مومل راڻي جون روحاني رمزون (مولانا عبداللطيف سڪندري)، سُر مومل راڻي جو طالب ڪردار مومل (پروفيسر موهن لال پريمي)، سُر مومل راڻي جو تمثيلي تجزيو (ڊاڪٽر نور افروز خواجہ)، سُر راڻي جو فلسفو (محمد ابراهيم سنڌيسُر مومل راڻو ۽ اُن جا ڪردار (’عاطف‘ عبدالجبار جوڻيجو)، مَيو ۽ مجاز (محمد اياز قريشيسُر مومل راڻي جون حسناڪيون (سرور نواز ٻگهيو) ۽ متفرقه مضمونن ۾: ڀٽ شاھہ تي سماع ۽ ذڪر جو سلسلو (مهرالنساء لاڙڪ)، شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ تقدير ۽ تدبير جو فلسفو (ڊاڪٽر غفور ميمڻ) ۽ اردو ڀاڱي ۾: لطيف شناسي اور بلوچستان (ڊاڪٽر عبدالرزاق صابر)، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رح اور اردو زبان (پروفيسر موهن لال پريمي).
ڊيمي سائيز جي 331 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد طرفان 2004ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
حسينيءَ جي هاڪ (سُر حسينيءَ جو مطالعو): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 260هين عرس مبارڪ جي موقعي تي سُر حسينيءَ متعلق منعقد ڪرايل ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جو هي مجموعو تاج جويي مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ سُر جي ٻولي، گرامر توڙي فڪر ۽ فلسفي تي مختلف رخن کان روشني وڌي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالن جو وچور هن ريت آهي:
سُر حسيني- سنگيت جائزو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، غم گوندر ۽ گس (عنايت بلوچسُر حسينيءَ ۾ صرفي ۽ نحوي ترڪيبون (ڊاڪٽر اسد جمال پلي)، سُر حسينيءَ جي ٻولي (ڊاڪٽر هدايت پريم)، سُر حسينيءَ ۾ جهد مسلسل جو درس (مهرالنساء لاڙڪ)،
سُر حسيني- تمثيلي انداز ۾ حقيقت جو اظهار: (ڊاڪٽر گل حسن لغاري)، سُر حسينيءَ ۾ لطيف جي ٻولي (پروفيسر عنايت زنگيجو)، سُر حسينيءَ جو فڪري پهلو (پروفيسر موهن لال پريمي)،
سُر حسينيءَ جو پهاڪن طور استعمال (ڊاڪٽر محمد علي مانجهي)، سُر حسينيءَ جي لغات (الھہ نواز رڪڻائي)، سسئيءَ جي تمثيل ۾ اعليٰ فھم- جدت ۽ جاڳرتا وارو خيال (ڊاڪٽر تھمينه مفتيسُر حسينيءَ جو اسلامي روايتن سان لاڳاپو (مولانه عبداللطيف سڪندري)، سسئي ۽ سور- حسينيءَ جي روشنيءَ ۾ (ڊاڪٽر خورشيد عباسي)، سُر حسينيءَ تي ٿيل تحقيق جو تفصيل (ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙو)، سُر حسينيءَ ۾ سسئيءَ جو مقام (مخمور بخاريسُر حسينيءَ ۾ لفظي اڻت جي حسناڪي (رکيل مورائيسُر حسينيءَ ۾ ٻن اهم واقعن جا اهڃاڻ (محمد ابراهيم سنڌيڇپر ڇاٽون مُڪيون (انور ساگر ڪانڌڙو
سُر حسينيءَ جي ماڳن مڪانن جو تاريخي جائزو (’عاطف‘ عبدالجبار جوڻيجو)، واڪو هڏُ مَ لا (احمد خان مسڪين سمون)، سُر حسيني- محبت جو معراج (سرور نواز ٻگهيو). اردو ۽ فارسي ڀاڱو: سُر حسيني پي ايڪ نظر (پروفيسر آفاق صديقيسُر حسيني ڪا فلسفا (مرزا ڪاظم رضا بيگ)، فارسي مقالو: پروفيسر ڊاڪٽر قاسم صافي. ان کان سوءِ ڊاڪٽر ممتاز ڀُٽي جو خاص مقالو: “شاھہ جي دور ۾ سنڌ جي سياسي ۽ علمي حالت” پڻ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ پبلشر طور اُن وقت جي سيڪريٽري سيد انوار حيدر ۽ مرتب پاران تاج جويي جا ٻہ اکر پڻ ڪتاب ۾ شامل آهن.
224 صفحن واري هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد 2005ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.
ديسي سيڻ ڪجن (سُر ديسي جو مطالعو): شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 261هين عرس مبارڪ جي موقعي تي منعقد ٿيل سُر ديسي متعلق ڪانفرنس ۾ عالمن محققن ۽ شاعرن جو پڙهيل مقالن جو هي مجموعو نامياري اديب تاج جويي مرتب ڪيو آهي، جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جي گولڊن جوبليءَ جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪانفرنس ۾ سنڌي اردو فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ سُر جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي آهي.
ڪتاب جي شروع ۾ پبلشر جي حيثيت ۾ مهتاب اڪبر راشدي ۽ مرتب جي حيثيت ۾ تاج جويي طرفان ٻہ اکر شامل آهن، جڏهن تہ ميزبان جي حيثيت ۾ ان وقت جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ثقافت کاتي، سيد انوار حيدر جي ڪيل آجيان جي تقرير ۽ سُر ديسيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪليدي تقرير ۽ ان وقت جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير شبير احمد قائمخانيءَ جي تقرير: ‘سنڌ جي ثقافت ۽ اسان’ ۽ ان وقت جي سينيئر وزير سيد سردار احمد جي صدارتي تقرير شامل ڪئي وئي آهي. ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالا هن ريت آهن: ‘سُور جي سائنس ۽ شاھہ جو رسالو’ (ڊاڪٽر اسد جمال پلي)، ‘سُر ديسي- ترتيب ۽ تفهيم’ (محمد حسين ‘ڪاشف’)، ‘سُر ديسي سنگيت درسنيءَ ۾’ (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، ‘شل سُڃي مَ ٿئي اوطاق’ (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، ‘سُر ديسيءَ جي لغات’ (الھہ نواز رڪڻائي)،
سُر ديسي ۾ صرفي ۽ نحوي ترڪيبون’ (معمور يوسفاڻي)، ‘مَ ٿئي مارڳ ماڪ’ (سحر امداد)، ‘سُر ديسيءَ جي ٻولي’ (ڊاڪٽر هدايت پريم)، ‘سُر ديسيءَ جون لساني خوبيون’ (فھميدہ شاھہ سبزواري)، ‘لنگهي ڪالھہ لڪير’ (عنايت بلوچ)، ‘سُر ديسيءَ جو جائزو’ (پروفيسر عنايت زنگيجو)، ‘ڪمزور عورت جو سگهارو پيغام’ (مهرالنساء لاڙڪ)، ‘ديسي سيڻ ڪجن’ (تاجل بيوس)، ‘سُر ديسيءَ جو مطالعو’ (ڊاڪٽر
بشير احمد شاد)، ‘پيڙ م پيچ پنهونءَ سين’ (ڊاڪٽر پروفيسر نور افروز خواجہ)، ‘سُر ديسيءَ جو مختصر جائزو’ (ڊاڪٽر خورشيد عباسي)، ‘شاھہ لطيف ۽ سسئيءَ جو سفر محبت’ (پروفيسر موهن لعل پريمي)، ‘سُر ديسيءَ ۾ پهاڪن چوڻين ۽ قولن جو ذخيرو’ (ڊاڪٽر محمد علي مانجهي)،
‘شاھہ لطيف ۽ بلوچي ٻولي’ (رخمان گل پالاري)، ‘سُر ديسيءَ ۾ شاھہ جي دور جون سماجي، سياسي ۽ تاريخي حالتون’ (انور ساگر ڪانڌڙو)، ‘سُر ديسيءَ جا مبهم ڪردار’ (بدر ڌامراهو)، ‘سُر ديسيءَ ۾ جدوجھد جو درس’ (عابد مظهر)، ‘سُر ديسيءَ جي ٻوليءَ جي حُسناڪي’ (رکيل مورائي)، ‘سُر ديسيءَ ۾ پهاڪن ۽ چوڻين جو استعمال’ (مخمور بخاري
سُر ديسيءَ جو اڀياس’ (زيب نظاماڻي)، ‘سُر ديسيءَ ۾ آيت، حديث، اقوال ۽ لفظ ‘ٻائي’ جو استعمال’ ( آءِ سومرو'>حزب آءِ سومرو)، ‘سُر ديسيءَ ۾ جانورن ۽ پکين جا اهڃاڻ’ (‘عاطف’ عبدالجبار جوڻيجو)، ‘سر ديسي ۽ سسئي جو عزم’ (ڊاڪٽر علي نواز نظاماڻي)، ‘شاھہ جو سُر ديسي ۽ سسئيءَ جا دشمن’ (گدا حسين خاصخيلي)، ‘سُر ديسيءَ ۾ شاھہ سائينءَ جي حقيقت نگاري’ (سرور نواز ٻگهيو)، ‘سُر ديسيءَ جي لغت ۽ ٻوليءَ جو بيان’ (اسير محمد اياز قريشي). اردو ڀاڱي ۾ ٻہ مقالا ڏنل آهن: ادبيات عالم اور نغمات - بحوالا سر سسئي آبري اور ديسي (سيد مظهر جميل)،
سُر ديسي اور محبوبِ ازلي ڪي جستجو (ڊاڪٽر قاسم صافي)،
سُر ديسي ڪا فلسفهِ غم (مرزا ڪاظم رضا بيگ).
انگريزي ڀاڱي ۾ ٽي مقالا ڏنا ويا آهن:
1. Relevance of Shah’s Poetry today: Muslim Shameem
2. Environments that lead Shah Latif’s Poetic Excellence in Sindh: M.H. Panhwar
3. Shah Abdul Latif and His Poetry: Rahim Dino Maher
291 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد، جولاءِ 2005ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
سُر ڪوهياري: شاھہ عبداللطيف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھہ/ حيدرآباد ۽ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان سال 2005ع تائين شاھہ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي موقعي تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ ڪنهن بہ هڪ سُر تي پڙهايل مقالا ايندڙ سال ڪتابي صورت ۾ ڪيا ويندا هئا، پر سال 2007ع کان وٺي ادبي ڪانفرنس جو سلسلو تہ قائم رهيو، پر شاھہ جي رهيل سُرن تي مقالا ۽ مضمون اخبارن ذريعي هڪ اشتهار وسيلي گهرائي، عالمن ۽ محققن جي ڪميٽيءَ کان ايڊٽ ڪرائڻ بعد ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. سُر ڪوهياريءَ متعلق هي مقالا پڻ اهڙيءَ ريت مختلف ليکڪن اديبن ۽ عالمن جا لکيل آهن. جن جو وچور هن ريت آهي: شاھہ جي شاعريءَ ۾ مشاهدي جي تيزي (مير محمد پيرزادو)، سُر ڪوهياريءَ ۾ ڏک جو فلسفو (محمد ’مارو‘ خشڪسُر ڪوهياريءَ ۾ سجاڳيءَ جو سبق (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، ننڊ جي سائنس ۽ سُر ڪوهياري (ڊاڪٽر اسد جمال پلي)، سُر ڪوهياري ۽ سنڌي سماج جا رويا (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، سر ڪوهياريءَ جو تحقيقي جائزو (مريم مجيدي)، سُر ڪوهياريءَ ۾ ڏکن ۽ سورن جو ڪيفيتون (سيف خالد يوسفاڻي)، سُر سسئي ڪوهياريءَ جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس (سليم ڀٽو لطيفيسُر ڪوهياريءَ ۾ صرفي ۽ نحوي ترڪيبون (معمور يوسفاڻي)، غافل غفلت ڇوڙ! (محمد حسين ڪاشف)، سُر ڪوهياري ۽ رندانه راز (مولانا عبداللطيف سڪندري)، حقيقت هن حال جي...! (زاهده شيخسُر ڪوهياريءَ جو مطالعو (غلام مصطفى سمون)، ڪوجهن سندا ڪم، ڪري ڪير ڪريم ري! (ارباب نيڪ محمد)، شاھہ جي ڪوهياري (پـروفيـسر مـخـدوم شبيـر احـمد)، سُر ڪـوهيـاريءَ جا ڪـردار (محمد ابراهيم سنڌيسُر ڪوهياريءَ ۾ ‘پـٻ’ جبل جو ذڪر ( آءِ سومرو'>حزب آءِ سومرو)، سُر ڪوهياريءَ تي هڪ نظر (نظير ناز)، سُر ڪوهياريءَ جو جائزو (اعجاز ممنائي)، سُر ڪوهياريءَ جي موسيقي ۽ سسئيءَ جو ڪيفيتون ‘عاطف’ عبدالجبار جوڻيجو)، سُر ڪوهياريءَ ۾ وراڻ جي سٽاءَ (بدر ڌامراهو
سُر ڪوهياري بابت (خان محمد سولنگي).
211 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، شاھہ لطيف جي 263 هين عرس جي موقعي تي، فبروري 2007ع شايع ڪيو، جنهن کي منظور احمد قناصري ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.
سُر ڪيڏارو: ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر منظور احمد قناصري جي مرتب ڪيل [شاھہ صاحب جي عرس جي موقعي تي پڙهيل] مقالن جي ڪتاب ۾ مواد جي ترتيب ڪجهہ هن ريت آهي: سُر ڪيڏارو ۽ شاھہ لطيف (الطاف حسين جوکيو)، سنڌ جو ڪيڏارو (ڊاڪٽر غلام حيدر چنا)، ڪيڏاري بابت ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق جو جائزو (انور ساگر ڪانڌڙو)، ڪيڏاري ۾ جمالياتي ۽ علامتي شعور (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، محاين وهون (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، سُر ڪيڏاري جو تحقيقي جائزو (محمد جمن جماڻيسُر ڪيڏاري جو تاريخي پسمنظر (سليم ڀٽو لطيفيسُر ڪيڏاري جو روحاني راز (عبدالرحمان جسڪاڻيسُر ڪيڏاري تي تحقيق (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، سُر ڪيڏاري جو نحوياتي جائزو (فھميدہ شاھہ)، شاھہ لطيف جي شعر جي جوڙجڪ جو انوکو انداز (ڪيڏاري جي حوالي سان): مير محمد پيرزادو، سُر ڪيڏارو ۽ ان جي ترتيب (‘عاطف’ عبدالجبار جوڻيجو)، سنڌي جي تاريخ ۽
سُر ڪيڏارو (پروفيسر موهن لعل پريمي)، سُر ڪيڏارو ۽ سلطنت جا سماج تي اثر (ارباب نيڪ محمد)، قضيو ڪربلا ڀٽائيءَ جي حوالي سان ( آءِ سومرو'>حزب آءِ سومرو)، مصور شاعر لطيف ۽ سُر ڪيڏاري ۾ رنگ (قاضي منظر حيات)، هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ (محمد مارُو خشڪسُر ڪيڏاري ۾ صبر، جرئت ۽ قربانيءَ جو پيغام (ماريه بخاري
سُر ڪيڏاري جو روح ۽ ڀٽ ڌڻي (سرور ٻگهيو)، سُر ڪيڏاري ۾ منظرنگاري (سيما)، سُر ڪيڏاري جو انقلابي پهلو (پروفيسر ستار سومرو)، سُر ڪيڏارو تاريخ جي آئيني ۾ (محمد خان زرداري)،
سُر ڪيڏاري ۾ عورت جو ڪردار (نذير ناز)، محرم موٽي آيو (زاهده پروين شيخسُر ڪيڏاري جو فڪري تصور ۽ اهميت (مختيار احمد شيخ
شاھہ جو ڪيڏارو ۽ منظرنگاري (حميدہ قاضي)، شاھہ جي سُر ڪيڏاري جو روحاني راز (محمد اياز قريشي)، شاھہ جو ڪلام ۽ ڪيڏاري جي انفراديت (ممتاز علي لغاري)، سُر ڪيڏارو ۽ عربي مرثيہ (علي محمد راهو)، سُر ڪيڏاري جي روشنيءَ ۾ سريئلزم جو اڀياس (ڊاڪٽر هدايت پريم)، سُر ڪيڏارو ۽ عالمن جا رايا (محمد ابراهيم سنڌي).
ڪتاب جي شروعات ۾ ‘ٻہ اکر’ ان وقت جي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتي شمس جعفراڻيءَ لکيا آهن ۽ ڪيڏاري جي تاريخ جي حوالي سان هن ڪتاب جو مهاڳ ڊي. جي ڪلچر منظور احمد قناصري لکيو آهي.
317 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب، 2008ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.
سُر آسا: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي هي ڪتاب نامياري محقق ۽ ان وقت جي ڊئريڪٽر جنرل ڪلچر، ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ سهيڙيو آهي، جنهن ۾ سُر جي مختلف رخن تي تحقيقي حوالي سان روشني وڌي وئي آهي. هن ڪتاب جا ٻہ اکر اُن وقت جي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتي شمس جعفراڻيءَ لکيا آهن، جڏهن تہ مهاڳ مرتب پاران لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۽ مقالن جو وچور هن ريت آهي: وجود ۽ نابود، آس ۽ نراس جي ڪهاڻي (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، سُر آسا ۾ محبت جا مذڪور (ڊاڪٽر نواز علي شوق)، سُر آسا جو مطالعو (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، سُر آسا جو قومي ۽ سماجي پسمنظر (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، سُر آسا جو فڪري جائزو (ڊاڪٽر مخمور بخاريسُر آسا جا جاندار (پريتم پياسي
سُر آسا ۾ زندگيءَ جو فلسفو (ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري)، سُر آسا ۾ استعاري ۽ تشبيھہ جو استعمال (ڊاڪٽر ام ڪلثوم)، ڀٽائي- سُر آسا ۽ اکيون (فيض جوڻيجو)، شاھہ لطيف: هڪ سھڻو صلاحڪار (محمد مارو خشڪسُر آسا ۾ نفس سان جنگ (اعجاز مُمنائي)، سُر آسا ۾ اکين جو ذڪر (محمد هاشم حامي)، سُر آسا ۾ عشق جو اظهار (غوث پيرزادوسُر آسا ۾ جدوجھد جا پهلو (شير مهراڻي)، سُر آسا جو پسمنظر (محمد خان زرداري)، سُر آسا جي ڪردار ’آزر‘ جو پسمنظر ( آءِ سومرو'>حزب آءِ سومرو)، شاھہ عبداللطيف ماهر رياضيدان (مهرالنساءِ لاڙڪ)، سُر آسا جي روشنيءَ ۾ انساني عضون جو مطالعو (جاويد عمر ڪلوڙسُر آسا
۽ لطيف سائينءَ جو پيغام (سرور نواز ٻگهيو)، لالائي لالڻ جي
(زاهد حسين زرداري)، سُر آسا جو مطالعو (صفدر حسين ميرزا
سُر آسا ۾ سڦلتا جو سنيهو (احسان دانش)، سُر آسا جو لسانياتي جائزو (فھميدہ حسين سبزواري).
هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 203 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب ثقافت ۽ سياحت کاتي، حڪومت سنڌ پاران 2009ع ۾ شايع ڪرايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.
سُر پرڀاتي: سُر پرڀاتيءَ متعلق عالمن اديبن ۽ محققن جي لکيل مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو نامياري اديب ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ، شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس مبارڪ تي مرتب ڪري پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سُر جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مواد هن طرح آهي:
آهي عبداللطيف جي عشق کي شاباس (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، موڙهو ڀيڻي مڱڻا... (محمد حسين ‘ڪاشف’)، سُر پرڀاتيءَ جو فڪري مطالعو (ڊاڪٽر بشير احمد شاد)، سخي ڄام سپڙ ۽ چارڻ جون چلولايون (ج. ع. منگهاڻي)، سُر پرڀاتي ۽ سُر آسا ۾ فرق (جاويد شيخ)، پالڻهار کان پينار جي پنڻ جا پنڌ (ارباب نيڪ محمد)، سيرانديءَ ساز ڪيو (ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاھہ)، سُر پرڀاتيءَ جو جائزو (پروفيسر موهن لعل پريمي)، سُر پرڀاتيءَ جو فڪري ۽ سماجي اڀياس (ڊاڪٽر تھمينه مفتيسُر پرڀاتيءَ جو تاريخي جائزو (گوهر سنڌي)، سُر پرڀاتيءَ جي اصطلاحن جو اڀياس (زيب نظاماڻي)، پرڀاتيءَ ۾ دعا جو فڪري پسمنظر (حافظ حبيب سنڌيسُر پرڀاتيءَ جا تاريخي ڪردار (محمد ابراهيم سنڌي)، موسيقي، محبوب ۽ پرڀاتي (ڊاڪٽر فيض جوڻيجو)، سُر پرڀاتيءَ جو ڪردار سپڻ ( آءِ سومرو'>حزب آءِ سومرو)، سُر پرڀاتيءَ جو روحاني راز (رسول بخش تميميسُر پرڀاتيءَ جو جائزو (ڊاڪٽر مخمور بخاريسُر پرڀاتي: جائزو (جمن شاھہ ۽ سرمد چانڊيو)، سُر پرڀاتيءَ جو اڀياس (نظير ناز)، سيراندي ساز ڪيو (اعجاز ممنائي)، طمع جي تنوار متان ڪرين مڱڻا (مهرالنساءِ لاڙڪ)، سُر پرڀاتيءَ جو جائزو (علي نواز ڀنڀرو)، شاھہ لطيف ۽ سُر پرڀاتي (مظهر علي)، سُر پرڀاتي ۽ ماڊرن سائنس (بشير احمد سومرو)، سُر پرڀاتيءَ جو جائزو (عنايت حسين لغاري)، پرڀاتيءَ جو روحاني راز (محمد سليم نظاماڻي)، پرڀاتيءَ جي اصطلاحي ٻولي (اعجاز احمد ميمڻ)، پرڀاتيءَ ۾ اقتصادي ۽ اخلاقي نڪتا (ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ)، ڏات نہ آهي ذات (ثاقب سومرو)، سُر پرڀاتيءَ جو فڪري جائزو (عبدالقادر چاچڙ)، پرڀات جي پچار (ڪريم عباسي)، ڏات نہ آهي ذات (پرھہ جان راڄپر)، پرڀاتيءَ جو تشبيهون ۽ استعارا (نياز احمد راڄپر)، سُر پرڀاتيءَ جو جائزو (منٺار ملاح)، سُر پرڀاتيءَ جو تاريخي پسمنظر (محمد خان زرداري)، سُر پرڀاتيءَ جا روحاني راز (نجمه شيخسُر پرڀاتي ۽ سنڌ جو فنڪار (ممتاز علي ڪنڀر)، سڀان ساز سندوءِ (محمد سلطان نعيمي)، لطيف جي نظر ۾ انسان جو تصور (محمد اياز قريشي).
ڪتاب جي شروع ۾ ناشر ۽ ان وقت جي سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتي، شمس جعفراڻيءَ ٻہ اکر لکيا آهن ۽ مرتب طرفان مهاڳ ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ڀٽ ثقافتي مرڪز ڀٽ شاھہ پاران پڌري ٿيل تحقيقي ڪم جو تعارف پڻ پيش ڪيو
ويو آهي.
ڊيمي سائيز جي 320 صفحن واري هن ڪتاب کي ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ، 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 350 روپيا آهي.
سُر سريراڳ: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي سُر سريراڳ تي مشتمل هيءُ ڪتابڙو، نامور اديب ۽ استاد محمد صديق مسافر ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب جي شروع ۾ شاھہ سائينءَ جي مختصر سوانح عمري ۽ سُر سريراڳ متعلق ڄاڻ ڏنل آهي. جنهن بعد سُر- سريراڳ ۾ شامل بيت ۽ وايون ڏنيون ويون آهن ۽ آخر ۾ سمورن بيتن ۽ واين جي سمجهاڻي ڏکين لفظن جي معنيٰ سميت ڏنل آهن. مرتب بيتن ۽ واين جون سمجهاڻيون نهايت ئي ساديون ۽ سلوڻيون ڏنيون آهن.
104 صفحـن تـي مشـتمـل ڪـرائون سائيـز جي هن ڪـتابڙي کي
آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد 1970ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو.
سُر يمن ڪلياڻ: هي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي سريمن ڪلياڻ تي مشتمل هي ڪتاب، مشھور ليکڪ شيخ عبدالرزاق ‘راز’ جو لکيل آهي، ڪتاب جو انتساب پروفيسر محبوب علي چنا جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب ۾ پيش لفظ مصنف جو لکيل آهي. ڪتاب ۾
سُر بابت شامل بيت ۽ وايون اٺن داستانن ۾ ڏنل آهن، جيڪي ترتيب وار ڪتاب جي پوئين حصي ۾ شرح، سمجهاڻيءَ ۽ معنيٰ سان بہ
ڏنل آهن.
هي ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ 232 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ٻيو دفعو آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس 71- 1970ع ۾ نشان پرنٽرز، حيدرآباد مان شايع ڪرايو. ڪتاب جي قيمت 22 روپيا 50 پئسا آهي.
سُر مارئي: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر مارئيءَ تي مشتمل هي ڪتاب رشيد احمد لاشاريءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو انتساب ليکڪ، عبدالرحيم قاضيءَ جي نالي ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ابتدا ۾ ڪتاب لکڻ جي مقصد کي واضح ڪيو آهي. ڪتاب ۾ شاھہ صاحب جي مختصر سوانح عمري ۽ ‘سر مارئي’ ۾ عمر مارئيءَ جي واقعي ۽ سر بابت بهتر نموني ڄاڻ ڏنل آهي. سُر مارئيءَ جي سموري ڪلام کي يارهن داستانن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪتاب جي پوئين حصي ۾ ترتيب وار سمورن داستانن جي شرح، سمجهاڻي ۽ معنيٰ ڏني وئي آهي.
ڪرائون سائيز جي 304 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ڇهون ڇاپو آر. ايڇ. احمد برادرس 1971ع ۾ انڊس پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان شايع ڪرايو. هن ڪتاب جي قيمت 34 روپيا آهي..
سُر سھڻي: شاھہ عبداللطيف جي ڪلام جي سُر سهڻيءَ تي مشتمل هيءُ ڪتاب نامور اديب ۽ استاد محمد صديق مسافر ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب جي منڍ ۾ شاھہ سائينءَ جي سوانح عمري ۽ سُر سهڻيءَ متعلق ڄاڻ ڏنل آهي، جنهن بعد سُر سهڻيءَ ۾ شامل سمورا داستان ۽ انهن ۾ شامل بيت ۽ وايون ڏنيون ويون آهن. ڪتاب جي آخر ۾ هر بيت ۽ وائيءَ جي
ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏنل آهي. مرتب بيتن ۽ واين جون سمجهاڻيون نهايت ئي سليس نموني ڏنيون آهن. 217 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جي ڪتاب کي آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس حيدرآباد ڇپرائي پڌرو ڪيو.
پکين جي پچار (ڪتاب): هي ڪتاب برک ليکڪ ۽ اديب محمد سومار شيخ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ شاعر، حضرت شاھہ عبداللطيف جي روايت جي تسلسل ۾ سر ڪارايل جيان مختلف پکين بابت بيت قلمبند ڪيا آهن. هن ڪتاب ۾ مصنف، پنھنجي والد الهبچايي شيخ جا پڻ پکين متعلق چند شعر نموني طور شامل ڪيا آهن. ڪتاب جو مهاڳ خود ليکڪ جو لکيل آهي، جڏهن تہ انتساب هڪ پکي ‘ڪـارو ڪـانهـيـرو’ جي نـالـي ٿيل آهـي.
هي ڪتاب لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1976ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. 34 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 15 روپيا ڄاڻايل آهي.
شاھہ جي سُرن جو سچ: هي ڪتاب شاھہ جي ٽيهن سُرن بابت سمجهاڻيءَ تي آڌاريل آهي. ڪتاب جو ليکڪ سليم ڀٽو لطيفي آهي. ڪتاب جو پيش لفظ ‘وک وڌائڻ کان اڳ’ جي عنوان هيٺ ليکڪ خود لکيو آهي.
ڪرائون سائيز جي 222 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ڀٽائي لٽرري ايجوڪيشنل سوشل ويلفيئر سوسائٽي، 1993ع ۾ ڇپايو آهي. ڪتاب جي قيمت چار روپيا آهي.
سر پورب: شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي 266هين عرس مبارڪ جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن تي مشتمل هن ڪتاب
کي ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪانفرنس ۾
شاھہ سائينءَ جي ڪلام جي ’سر پورب‘ تي مختلف اديبن، محقق ۽ اسڪالرن کان مقالا لکرايا ويا. هن ڪتاب ۾ ڪل سترهن مقالا ڏنل آهن. مقالانگارن ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي، آفتاب ابڙو، رئوف عباسي،بشير احمد سومرو'> بشير احمد سومرو، علي نواز ڀنڀرو، ذوالقرنين شاھہ، حسين مسرت شاھہ، فقير محمد سنڌي، سرمد چانڊيو، پـريـتـم پيـاسـي، تيـرٿـداس اميـداڻـي، مـحمـد خان زرداري، خـادم حـسـيـن خاصخيلي، مظهر علي، نظر حيات سيوهاڻي ۽ ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ شامل آهن. هن ڪتاب جو ‘ناشر نوٽ’ ثـقـافـت کـاتـي جـي اُن وقـت جـي سيڪريٽري علم الدين بُلي ۽ ‘کٿوري خـوشـبوءِ’ جـي سـري سـان ڊائريڪٽر ڪلچر ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جو رايو بہ ڏنل آهي.
159 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2011ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي.
سُر سارنگ: شاھہ لطيف جي سُر سارنگ متعلق هي ڪتاب اجمل بيگ ولد قليچ بيگ مرزا سهيڙيو آهي، جنهن ۾ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جو مختصر احوال، سُر سارنگ جو داستان وار تعارف ۽ اُن ۾ سمايل روحاني راز تي روشني وجهڻ کانپوءِ، سُر سارنگ جي چئن داستانن جا چونڊ بيت ۽ وايون شامل ڪيون ويون آهن. ان کان پوءِ هر داستان جي بيت ۽ وائيءَ جي سمجهاڻي ۽ اُن ۾ موجود ڏکين لفظن جو معنائون مفصل انداز ۾ ڏنيون ويون آهن هي ڪتاب شاگردن جي لاءِ تيار ڪيل آهي. 108 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، راما (پاڪ) بوڪ ڊيپو، بوڪ سيلرس ۽ پبلشر، حيدرآباد جي مالڪ رامچند شايع ڪيو، جنهن تي سال ۽ قيمت ڄاڻايل نہ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو