شاھہ لطيف راڪ وِلا (ماڳ): هي ماڳ شھر ٿاڻي بولا خان، ضلعي ڄام شوري ۾ واقع آهي. هيءَ رهائشي عمارت انگريزن جي دور جي، ۽ گهڙيل پٿريل جي سرن جي ٺهيل آهي، جنهن ۾ ڪافي ڪمرا، سوئمنگ پول ۽ ورانڊا آهن. هن وقت مکيہ عمارت جي هڪ ڪنڊ ۾ واقع حصو روپا ٻائيءَ جي نالي اسپتال طور ڪم اچي ٿو. هن ۾ پيل گهرو سامان، جھڙوڪ: فرنيچر وغيرہ بہ ان دور جو آهي. هن جو اصل مالڪ ڪراچيءَ جو مشھور ويدانتي بزرگ دولت مهتاڻي ۽ سندس وڏو ڀاءُ دادا منگهارام مهتاڻي هو. هاڻي هن جو مالڪ موهن منگلاڻي آهي. دادا دولت مهتاڻي اهو بزرگ آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ ’سوجهرو‘ رسالو جاري ڪيو هو، جنهن جي ابتدائي دور واري ٽيم ۾ ڪملا مهتاڻي، فھميدہ حسين، سحر امداد، ارشاد قمر، شيرين فاروقي، نرگس هودڀائي، اقبال جتوئي وغيرہ شامل هئا ۽ پوءِ اڳتي هلي تاج بلوچ ايڊيٽر بڻيو. ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘ پاران محمد ابراهيم جويي بہ دادا دولت جي مالي سهڪار سان ’ساميءَ جا سلوڪ‘ (ٻہ ڀاڱا) ڇپرايا آهن. هيءَ چڱي وڏي عمارت آهي، جنهن جي ڇت ۾ لوھہ استعمال ٿيل آهي ۽ هن جي سٺي نموني سنڀال ڪئي وئي آهي. هيءَ عمارت ڏيسوئي نئن جي ڪپ تي ڏيڍ ايڪڙ ايراضي والاري ٿي.