
شاهه لطيف سينٽر آف ايڪسيلنس، ڀٽ شاهه
شاھہ لطيف سينٽر آف ايڪسيلنس، ڀٽ شاھہ: قومي شاهراھہ کان ڀٽ شاھہ درگاھہ ڏانهن ويندڙ رستي تي اترئين پاسي شاھہ لطيف جي روضي کان اولھہ طرف ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز پاران 1996ع ۾ هڪ عمارت جوڙائي وئي، جيڪا هڪ وڏي هال تي مشتمل آهي. هن هال ۾ 600 کن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش رکيل آهي. هتي مختلف قسمن جا علمي، ادبي ۽ ثقافتي پروگرام، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرايون وينديون آهن. هن سينٽر جي اوڀر پاسي، ملاکڙا اسٽيڊيم ٺهيل آهي ۽ اولھہ پاسي هڪ ميدان آهي، جتي ميلي وارن ڏينهن ۾، گهوڙن ۽ ڍڳن جي ڊوڙ جا مقابلا ٿيندا آهن. سينٽر جي اڳيان ڪشادو پارڪ بہ آهي، جنهن ۾ وڻ ۽ خوبصورت گل ٻوٽا پوکيل آهن.