شاھہ (لقب): فارسي لفظ ‘شاھہ’ جي معنيٰ آهي بادشاھہ، سلطان. هي فقيرن جو بہ لقب آهي. ’شاھہ‘ سيدن جي نالي سان لڳندڙ هڪ خاص لفظ بہ آهي. شاھہ لقب طور استعمال ٿئي ٿو، جيئن کرڙيءَ جي جنگ ۾ وڙهندڙ سورهيه گولي ڪهيريءَ (شاھہ) جو پٽ غلام شاھہ، جنهن کي خليفي نبي بخش لغاريءَ بہ ڳايو آهي:
هي گل گولي شاھہ، پرکا ڪارڻ پوکيو،
ڪندو سنجهہ صباح، مقابلو ميدان ۾.