شاھہ محمد

شاھہ محمد: سنڌ جي ڪلهوڙن جي خاندان جو بنياد وجهندڙ ميان آدم شاھہ ڪلهوڙو هو. انهيءَ دور ۾ ملتان جو گورنر شاھہ محمد هو. عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي ڪاھہ ڪرڻ وقت لاڙڪاڻي ۾ ميان آدم شاھہ وٽ دعا گهرڻ لاءِ لنگهي آيو هو، ان موقعي تي کٻڙ ابڙي وجهہ وٺي خان خانان کي چانڊڪا پرڳڻي جي زمين ڏيارڻ لاءِ عرض ڪيو. سندس عرض قبول ڪيو ويو. ميان آدم شاھہ جا مريد ان چانڊڪا پرڳڻي جي ڪري زور وٺندا ويا ۽ آسپاس جي زميندارن جون زمينون هٿ ڪندا ويا. آخرڪار زميندارن ملتان جي گورنر شاھہ محمد وٽ دانهيو، جنهن آدم شاھہ کي گرفتار ڪري پاڻ وٽ گهرائي نظربند ڪري رکيو ۽ بعد ۾ کيس شھيد ڪرايو. سندس مڙھہ کي سندس مريد مستي بن زندہ (جنده) جويي ۽ ٻين آڻي سکر ۾ ٽڪريءَ تي رکايو، جيڪا ٽڪري ‘آدم شاھہ جي ٽڪري’ سڏجي ٿي.


لفظ شاھہ محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو