شاھہ محمد دودائي: مغل گورنر جي دور ۾ جڏهن معزالدين ميان يار محمد خان ڪلهوڙي کي سرڪاري منصب سان سبيءَ ۽ گنجابه جي نظامت ڏني تہ غازي خان ڍاڍرائي جي پٽ شاھہ محمد دودائيءَ هنگامو برپا ڪري ڏنو. بغاوت کانپوءِ شاھہ محمد دودائي مخالفاڻه ڪارروايون جاري ڪري ڏنيون. اهو ڏسي ميان يار محمد کي محمد معزالدين شھزادي حڪم ڏنو ته، شاھہ محمد سان جنگ ڪر. ميان يار محمد هڪدم مير شھداد خان ٽالپر کي شاھہ محمد جي بغاوت ختم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. مير شھداد خان لشڪر ساڻڻ ڪري شھزادي معزالدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ان کانپوءِ سبي، گنجابه ۽ ڍاڍر ۾ شاھہ محمد جي بغاوت کي ختم ڪيو. شاھہ محمد مقابلي جي طاقت نہ رکندي ايران ڀڄي ويو ۽ ان جو ڪٽنب قلات جي بروهين وٽ هو. انهي بغاوت کي ختم ڪرڻ تي شھزادي معزالدين مير شهاداد خان کي ڀٽ باران جي زمين جاگير طور ڏني.