شاھہ محمد شاھہ2: لاڙ جي مشھور فنڪار شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ ولد سيد علي بخش شاھہ بخاري 1931ع ڌاري ڳوٺ عاقل دل، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ڪافيون ڳائڻ جو شوق هو. شروع شروع ۾ ڳوٺاڻن سان ويهي ڪافيون ڳائيندو هو، ان وقت لاڙ ۾ ٽولين جو رواج هوندو هو، لاڙي ڳائڻا ٽولين جي صورت ۾ ڳائيندا هئا. شاھہ محمد شاھہ، محمد هاشم پنهور جي ٽوليءَ ۾ شامل ٿي فن جو مظاهرو ڪندو هو. ان ٽوليءَ ۾ هو پهرين گهڙو وڄائيندو هو ۽ اڳتي هلي راڳ جي سکيا ورتائين، کيس سُر ملهاري تي دسترس حاصل آهي. شاھہ محمد، لاڙ جي ڳوٺاڻين ڪچهرين، ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ ڳائي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي آهي. کيس لاڙ جي ڪچهرين جو سينگار سمجهيو ويندو آهي. شاھہ محمد، پنھنجي فن جي مڃتا طور ڪيترائي ادبي ۽ ثقافتي انعام حاصل ڪري چڪو آهي. هن وقت ڪڍڻ شھر کان اوڀر طرف گونيءَ ڀرسان پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ۾رهائش پذير آهي.