شاھہ محمد شرنائي

شاھہ محمد شرنائي: ارغونن جي آخري ۽ ترخانن جي شروعاتي دور جي نامور سخي امير شاھہ محمد شرنائيءَ جي سخاوت مشھور هئي ۽ کيس علم موسيقيءَ ۽ سرود جو وڏو ملڪ حاصل هو. نيازي ٺٽوي هن جي سخاوت ٻڌي وڃي وٽس پيش ٿيو هو، جيئن تہ نيازي ٺٽوي پنھنجي بدڪردداري ۽ نازيبا حرڪتن سبب بدنام ٿي چڪو هو. انهيءَ ڪري کيس شاھہ محمد شرنائي وٽ بہ عزت راس نہ آئي ۽ هي سندس برائي ڪرڻ لڳو. هيٺين رباعي شاھہ محمدشرنائي جي هجو ۾ نيازي ٺٽوي چئي:
شرنائي منافق بي حسن بي تميز،
انگو همه نوائي بدآموز ميزند
شرنائي اوچو ڪيرِ خرست و بحير تم،
ڪان بي هنرز ڪير چسان گوز ميزند
هن بيهوده هجو شعر چوڻ کانپوءِ نيازي ٺٽوي، شاھہ محمد شرنائيءَ جي انتقام جي خوف کان ترت بلخ هليو ويو. اتي بہ کيس سندس بيهوده حرڪتن سبب قتل ڪيو وڃي ها، پر هي اتان بہ ڀڄي نڪتو ۽ وڃي ڪولاب ۾ لڪو. جتي هڪ اميرزادي ڇوڪري تي عاشق ٿي پيو. مطلب سندس سڄي زندگي بڇڙائين ۾ گذري ۽ آخر اڪبر جي دور ۾ ٺٽي ۾ گذاري ويو.


لفظ شاھہ محمد شرنائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو