شاھہ محمد صوفي

شاھہ محمد صوفي: شاھہ محمد صوفي جتوئي ڳوٺ يار محمد جتوئيءَ جو رهاڪو هو. شمس الدين بلبل جو همعصر، صاحبِ ديوان شاعر ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. ڪانگريس جو اڳواڻ بہ رهيو ۽ حڪمت بہ ڪيائين. ‘ضياءُ العروض’ نالي ڪتاب لکيائين، جيڪو ڪافي مقبول ٿيو. هن 1980ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ شاھہ محمد صوفيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو