شاھہ مسعود ولهاري: شاھہ مسعود ولهاري، شاھہ اسماعيل صوفيءَ جو مريد هو، جنهن ظاهري علمن جو درس مخدوم حاجي محمد قائم (وفات 1157ھہ/1744ع) کان ورتو هو. هي وڏي فضيلت وارو صاحب هو. ڪن مؤرخن جو خيال آهي تہ هيءُ بزرگ بہ شاھہ عنايت شھيد جي خليفن ۾ شامل هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ ‘تحفة الڪرام’ ۽ ‘معيار سالڪان طريقت’ ۾ لکي ٿو ته، شاھہ مسعود، صوفي شاھہ شھيد جي خاندان جو مريد آهي. ٺٽي ۾ شاھہ اسماعيل صوفيءَ کان فيضياب ٿيو.ان جي وفات بعد سندس اشاري تي وڃي شاھہ غلام محمد وٽ حاضر ٿيو ۽ جڏهن موٽي ٺٽي آيو تہ پنھنجي مرشد جي مرشد (شاھہ عنايت شھيد) جي سلسلي جو خليفو ٿي رهيو. 1203ھہ/ 1788ع تائين هو.