شاهه مکي لپيءَ جو هڪ نمونو

شاهه مکي لپيءَ جو هڪ نمونو

شاھہ مکي لپي

شاھہ مکي/ Shah Mukhi (لپي): هيءَ اصل ۾ فارسي ۽ عربي زبانن جو نستعليق خط آهي. پاڪستان ۾ پنجابي ٻولي هن خط ۾ لکي وڃي ٿي. عربي خط تان ورتل هيءَ لپي حرفي پدي قسم جي آهي. هن ۾ اَ جو سر سڀاويڪ رهي ٿو ۽ هيءَ لپي ساڄي کان کاٻي طرف لکجي ٿي. هن ۾ وينجنن جو تعداد 37 آهي. هندستان واري پنجاب ۾ ڳالهائجندڙ پنجابي گرمکيءَ ۾ لکجي ٿي، پنجابي ٻوليءَ ۾ لکت لاءِ شاھہ مکيءَ جو گهڻو استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون آيون آهن، تڏهن بہ هيءَ لپي اردوءَ جي غلبي سبب خاص اسري نہ سگهي آهي. هتي لپيءَ جي ڪل حرفن واري پٽيءَ جو عڪس ڏجي ٿو، جنهن ۾ هر هڪ حرف هيٺان ٻي سٽ ۾ گرمکيءَ وارا مقداري حرف رومن انگريزيءَ ۾ ڏنل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو