شاھہ نصيرالدين قريشي

شاھہ نصيرالدين قريشي: نامور بزرگ شاھہ نصير الدين قريشي اسلام جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو ۽ ضلعي سجاول جي ڳوٺ منهاجن ڀرسان هڪ باغ جي زمين تي رهائش اختيار ڪيائين. جيڪا زمين منهاجن قبيلي وارن جي هئي. روايت آهي تہ هيءُ بزرگ غوث بھاءُ الدين ذڪريا ملتان واري جو پوٽو هو. جيڪو 200 سال اڳ هتي آباد ٿيو. شاھہ نصيرالدين ڳوٺ جي ٻارن کي ديني تعليم ڏيندو هو. اٽڪل 40 سال اتي درس ڏنائين جتي سندس وفات ٿي. هن بزرگ جي مزار مٿان مقبرو ڳوٺ جي چڱي مڙس ڇُٽي اڏرايو. هر سال هن بزرگ تي ميلو ٿيندو آهي. هن بزرگ جي درگاھہ دڙي شھر کان 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي درياھہ جي ڪنڌيءَ تي قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو