شاھہ واھہ 1: هيءُ واھہ شاهبندر تعلقي جي اتر- اوڀر واري ڪنڊ وٽان لنگهي، جاتي تعلقي جي ڪجهه حصي کي آباد ڪري ٿو ۽ ‘هيتما’ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هيءُ واھہ اڳي ڦاٽ هوندو هو ۽ شاهبندر کان هيٺ وهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. 1819ع ڌاري جڏهن درياھہ پنهنجو رخ ڦيرايو، تڏهن شاھہ واھہ جو منهن لٽجي ويو ۽ سندس ويڪر بہ گهٽجي وئي. 96-1895ع ۾ ان جي منهن کان اڍائي ميل هيٺ هيڊ ريگيوليٽر تعمير ڪرايو ويو، انهيءَ کانپوءِ هن واھہ جو منهن 22 فوٽن کان وڌي 42 فوٽ ٿي پيو. ريگيوليٽر کان اڳ ‘حاجيا واھہ’ تائين هن واھہ ۾ ٻيڙيون هلنديون هيون، جيڪي انهيءَ جاءِ تائين اينديون هيون. هن واھہ تي هيٺيان شھر ۽ ڳوٺ آباد آهن: چوهڙ جمالي، ڪر، لاڏيون، لانڍي، ڪچو مورو، رکي، ڌمڙيا، ڪوٽڙي، خيروبي، عنايت پور، ڪوٽر، ميرانپور، اڇ، کڏي، هيتما. هن واھہ تي 30179 ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.