شاھہ واھہ 2

شاھہ واھہ 2: هيءُ واھہ نصرپور شھر ۾ هوندو هو، ڪنهن دور ۾ ساڱرو درياھہ هن شھر سان لڳ وهندو هو. وڏا واھہ کوٽايل هئا. جن جي ذريعي شھر کي پاڻي پهچائڻ جو انتظام ڪيل هو. انهن ۾ مکيہ واهن مان ‘شاھہ واھہ’ بہ هڪ هو. شاھہ واھہ، شھر جي بلڪل وچ مان وهندو هو، جتي هن وقت گل محمد ڪنڀار وارن جون ٿانوَن پچائڻ جون آويون آهن. ڪنهن زماني ۾ واھہ جي ڪپر سان وڏي مارڪيٽ ٺهيل هئي، جتي درياھہ جي پتڻ کان شاه واھہ ذريعي مال سان ڀريل ٻيڙيون ان مارڪيٽ جي سامهون اچي لنگر انداز ٿينديون هيون. ان کان سواءِ واپار لاءِ اتي هميشہ ٻيڙيون هلنديون هيون، جن جي رستي شھر جي ٻنهي طرفن کان ماڻهن جي اچ وڃ ۾ سولائيءَ سان ٿيندي هئي. شاھہ واھہ جي ٻنهي ڪپرن، يعني اولھہ ۽ اوڀر ۾ لڳولڳ گهر، دڪان ۽ بازارون هيون. حڪيم قاضي محمد بخش جي پراڻي دواخاني جي ڀرسان انهيءَ شاھہ واھہ کي پار ڪرڻ لاءِ هڪ پُل پڻ ٻَڌل هئي، جيڪا هن وقت ناهي ۽ نہ ئي شاھہ واھہ جو ڪو وجود باقي آهي.
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ پنھنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته، “ڪن روايتن مطابق ‘شاھہ واھہ’ ساڳيو ‘ميرزائي واھہ’ جي نالي سان پڻ سڏبو هو.” شاھہ واھہ جي اولهندي ڪناري تي مائي خيري (فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جي ماءُ) هڪ مسجد جوڙائي هئي. هن وقت اها مسجد نصرپور شھر جي اتر ۾، متعلوي سيدن جي حويليءَ جي ڀڪ سان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو