شاھہ وجيھہ الدين: بزرگ شاھہ وجيھہ الدين عرف شاھہ حسين ولد سيد فتح شاھہ، پنجين صدي هجريءَ/ يارهين صدي عيسويءَ جو بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس جنم اچ شريف ۾ ٿيو. شاھہ حسين جي سنڌ ۾ اچڻ بابت ٻہ روايتون آهن، هڪ روايت آهي تہ هڪ ڏينهن شيخ ابڙو هالاڻي متوفي 637ھہ/1239ع ۾ سير سفر جي خيال سان فتح شاھہ جي ديري تي اچ شريف پهتو تہ اتي شاھہ وجيھہ الدين سان سندس ملاقات ٿي، جيڪو پڻ سفر جي تياري ڪري رهيو هو. شيخ ابڙي پڇيس تہ ڪهڙي سبب پنهنجو ملڪ ڇڏي سفر جي تياري ڪري رهيو آهين؟ جنهن تي شاھہ وجيھہ الدين چيو تہ: “اڄ رات خواب ۾ هڪ برقعه پوش اهل ﷲ مون کي چيو آهي تہ سورٺ جي ملڪ وڃ ۽ وڃي سيد عبدالهادي المعروف سيد جميل شاھہ گرناري ڏاتار کان تلقين وٺ، اهو ئي سبب آهي جو تياري ڪري اوڏانهن پيو وڃان، جيڪڏهن توکي بہ هلڻو هجي تہ مون سان گڏ هل.” اهو ٻڌي شيخ ابڙي شاھہ صاحب کي پنھنجي دل جو حال ٻڌايو تہ: “مون بہ انهيءَ مراد سان سفر ڪيو آهي.” پوءِ ٻئي گڏجي جهونا ڳڙھہ ۾سيد جميل شاھہ جي حضور ۾ حاضر ٿيا. هڪ ٻيءَ روايت موجب: هڪ ڏينهن سيد جميل شاھہ اچ شريف ۾ سيد فتح شاھہ وٽ آيو ۽ ڪجهه ڏينهن رهڻ کانپوءِ شاھہ وجيھہ الدين کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيائين. سيد فتح شاھہ پنھنجي پٽ کي ڇڏڻ نہ پئي چاهيو، جنهن تي ٻنهي درويشن ڪرامت جا مقابلا ڪيا. جنهن کانپوءِ فتح شاھہ پنھنجي پٽ شاھہ وجيھہ الدين جو راضپو ڏسي کيس اجازت ڏني. ان کانپوءِ ٻئي صاحب جهونا ڳڙھہ ۾ گرنار جبل تي آيا، جتي جميل شاھہ گرناريءَ جو آستانو هو، جيڪو اڄ بہ موجود آهي. ان کانپوءِ ٻئي بزرگ پير پٺي جي خواهش تي سنڌ آيا ۽ پير پٺي واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪيائون. سيد جميل شاھہ گرناري ۽ شاھہ وجيھہ الدين جي سنڌ ۾ اچڻ کانپوءِ سوين ماڻهن سندس صحبت ۾ اچي فيض حاصل ڪيو، جنهن سبب ڪافي غير مسلم اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا. جنهنڪري ان وقت جا بااثر خاندان، جن ۾ ڪڪرالي جا حاڪم ڪيهر بہ شامل هئا، جيڪي بزرگن کان تنگ ٿي ويا، پر هنن پنھنجي خانقاهن کي هر انسان جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، جنهنڪري هنن جي روحاني تبليغ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي. اهوئي سبب آهي، جو سامي فقير اڄ بہ شاھہ وجيھہ الدين جا مريد آهن ۽ هر ميلي ۾ سماع دوران خانقاهن ۾ مرليون وڄائيندا آهن، اها حاضري هو نسل در نسل ڏيندا پيا اچن.
شاھہ وجيھہ الدين 520ھہ/1126ع ۾ سومرن مان شادي ڪئي، جنهن مان کيس چار فرزند ٿيا: شاھہ حسن، ٻيو شاھہ عبدالحق لقب شاھہ ڪهور، جنهن جي مزار ضلعي بدين ۾ آهي. هن بزرگ منڌره قبيلي مان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ سيد موسى شاھہ نالي ٿيو. سندس ڪافي اولاد ڪڇ ۽ گجرات ۾ آهي. ٽيون شاھہ غازي عرف شاھہ آري، جنهن جي نالي سان آر شھر ۽ ديھہ پير آري اڄ بہ موجود آهن. چوٿون لعل ڇٽو، جنهن لاءِ روايت آهي تہ هن بزرگ ننڍي هوندي کان ئي پنهنجو پاڻ کي درٻار ۾ لڪائي ڇڏيو. هن وقت هندستان ۽ سنڌ ۾ سندس 84 تڪيہ آهن، جن مان گهڻن تي ميلا بہ لڳندا آهن. انهن تڪين تي شاھہ وجيھہ الدين پوٽه سيد ۽ سندس مريد پنهنجن ڄمندڙ پٽن جي جهنڊ لهرائيندا آهن. هن بزرگ جو هڪ تڪيو ديھہ مهر، تعلقي گهوڙاٻاريءَ ۾ بہ آهي، جتي هر سال پهرئين سومر تي ميلو لڳندو آهي.
پير حسام الدين شاھہ راشدي ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، هن بزرگ جي اصل قبر ٺٽي جي ڀرسان تندسر ڍنڍ جي اولھہ ۾ آهي. پاڻ مڪليءَ ۾ دفن آهي.