شاھہ وردي خان (خطاب): جڏهن ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي سڄي سنڌ تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي تہ هن مختلف ملڪن ۾ سنڌ جي درٻار طرفان پنهنجا سفير مقرر ڪيا ۽ افغان درٻار ۾ سنڌ جي درٻار طرفان ديوان گدومل سفير هو. ان وقت افغانستان جو بادشاھہ احمد شاھہ ابدالي هو، جنهن ديوان گدومل جي اعلى تدبر کان ماثر ٿيندي کيس 1175ھہ/1761ع ۾ ‘شاھہ ورديخان’ جو خطاب ڏنو ويو.