شاھہ وردي خان کرت: ڪلهوڙن جي دور ۾ جڏهن سنڌ تي نادر شاھہ افشار حملو ڪيو، تڏهن نادر سان خان کرت'>شاھہ وردي خان کرت نالي بهادر، دانا امير ۽ سپھہ سالار پڻ گڏ هو. جڏهن معاملا طئي ٿي ويا ۽ نادر شاھہ واپس وڃڻ لڳو، تڏهن هن کي خبر پئي تہ سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سندس ڪيترائي فوجي ۽ امير گم ٿي ويا آهن. اهو ٻڌندي نادر شاھہ وڃڻ وقت خان کرت'>شاھہ وردي خان کرت کي انهي مقصد سان سنڌ جي نگراني تي مقرر ڪيو تہ جيئن هو گم ٿيل ماڻهو ڳوليندو ايران موڪليندو وڃي. شاھہ وردي خان ميان نور محمد خان ڪلهوڙي جي خاص اميرن ۽ وزيرن مان ماڻهو چونڊي پاڻ سان کنيا ۽ ڪافي عرصو ماڻهن جي ڳولا ڪندو رهيو، پر کيس وريو ڪجهہ بہ ڪو نہ ۽ آخرڪار بيزار ٿي ايران واپس هليو ويو.