شاھہ وسائُو: شاھہ وسائُو، ڪلهوڙن جي حڪمران ميان نصير محمد جي خاص فقيرن مان ٿي گذريو آهي. شاھہ وسائو ذات جو چانڊيو هو. سندس والد جو نالو فيروز هو. نوجوانيءَ کان وٺي ميان نصير محمد سان عقيدت هيس ۽ کيس پنهنجو مرشد ڪري ورتو هئائين ۽ سندس وڏي خدمت ڪيائين. ميان نصير محمد جي خاص ٽن فقيرن: گاجي شاھہ، پنجو شاھہ ۽ شاھہ وسائو بہ شامل هيو. نامور محقق ڊاڪٽر بلوچ ‘رهاڻ هيرن کاڻ’ (جلد پنجين) ۾ لکي ٿو ته، ميان نصير محمد، شاھہ وسائو کي پنهنجو خاص خليفو مقرر ڪيو. اهو درجو ٻئي ڪنهن کي حاصل نہ هو. کيس ‘شاهي’ خطاب بہ مليل هو ۽ پري پري تائين ميان صاحب جي ڪمن سان وڃڻ لاءِ کيس مهريءَ تي سواريءَ جي اجازت مليل هئي. جنهن سبب ‘شاھہ وسائو مهريءَ جو هسوار’ جي لقب سان مشھور ٿيو. وڏي همت وارو هو ۽ ڪيترن ئي معرڪن ۾ شامل ٿيو. ميان نصير محمد جي خواهش تي گجرات مان کوسن جي تمندار مهندو کوسي جي ڌيءَ راڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٻن پٽن: ميرو ۽ کنڊو جو اولاد ٿيو. شاھہ وسائو لڪي واري جنگ ۾ شھيد ٿيو ۽ ‘لڪيءَ جو شھيد’ سڏيو ويو. روجهاڻ جماليءَ ۾ ‘شاھہ وسائوءَ جو ڪنڊو’ مشھور آهي. جتي سندس ياد ۾ ڏينهن بہ ملهائيندا آهن. حڪيم عبدالمجيد چانڊئي مطابق شاھہ وسائو 1111ھہ/ 1699ع ۾ چانڊيي جرنيل مونڌر خان سان گڏ مغلن جي لشڪر سان وڙهندي شھيد ٿيو.شاھہ وسائو جو اولاد ٿرپارڪر ۾ رهي ٿو.