شاھہ ولي خان

شاھہ ولي خان: هي افغانستان جي بادشاھہ احمد شاھہ ابداليءَ جو وزيراعظم هو. شاھہ ولي خان جو سنڌ سان گهرو تعلق رهيو آهي. هيءُ سنڌ جي نامور بزرگ شاھہ فقيرالله علويءَ جو عقيدتمند هو ۽ ‘مڪتوبات شاھہ فقير علويءَ’ ۾ سندس خط بہ شامل آهن. ميان سرفراز ڪلهوڙي جي تخت نشينيءَ کان ٻہ مهينا پوءِ احمد شاھہ ابدالي 20 رجب المرجب 1186ھہ/17 آڪٽوبر 1772ع تي قنڌار ۾ وفات ڪري ويو. تخت نشينيءَ تي جهيڙو شروع ٿيو. احمد شاھہ جو ولي عھد تيمور شاھہ هرات ۾ هو. شاھہ ولي خان موقعو ڏسي احمد شاھہ ابداليءَ جي ٻئي پٽ شھزادي سليمان شاھہ کي، جيڪو سندس ناٺي پڻ هو، تخت تي ويهاريو. اهو ٻڌي تيمور شاھہ لشڪر وٺي آيو ۽ اچڻ شرط ئي حملو ڪيائين. جنگ ۾ شاھہ ولي خان ۽ سندس ٻہ پٽ مارجي ويا. اهڙيءَ طرح سليمان شاھہ کي معزول ڪري تيمور شاھہ پاڻ تخت نشين ٿيو.


لفظ شاھہ ولي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو