شاھہ ولي ٺٽوي، سيد: عالم ۽ بزرگ سيد شاھہ ولي ٺٽويءَ جي والد جو نالو ابوالقاسم هو، سندس تعلق ٺٽي سان هو، ان ڪري پنھنجي نالي پٺيان ٺٽوي لکندو هو. هن پنھنجي دور جي نامور عالم مخدوم رحمت ﷲ ٺٽويءَ کان تعليم حاصل ڪئي، ان سان گڏ باطني علم پڻ حاصل ڪيائين. کيس علم ۽ ادب سان گهڻو چاھہ هوندو هو، سٺو شاعر هئڻ سان گڏوگڏ مضمون نگار ۽ خط نويسيءَ ۾ پڻ ماهر هو. هن هڪ ڪتاب ‘تحفة المجالس’ نالي لکيو، جيڪو ڳچ علمن تي مشتمل آهي. شاھہ ولي خوشحال گهراڻي مان هو. وٽس ڪڪرالي ۾ جاگير پڻ هئي. هن 1738ع ۾ وفات ڪئي، کيس ڪڪراليءَ ۾ پنھنجي جاگير جڳت پور ۾ دفن ڪيو ويو، مشھور عالم لطف ﷲ ڪتابي سندس شاگرد هو. (تحفة الڪرام، سنڌي ڇاپو، ص 485- 486) مير علي شير قانع هن بزرگ جو همعصر هو، جنهن سندس نالو مير شاھہ ولي لکيو آهي. سندس شجرو هن ريت ڏنو اٿس: مير شاھہ ولي ولد مير ابو القاسم بن مير علي اڪبر بن سيد عبدالواسع بن سيد حسيني بن سيد شڪرالله بن سيد ظهيرالاسلام بن سيد قاضي شڪرالله شيرازي. (مقالات الشعراءِ، ص 837)