شاهه ولي الله جي تعليم

شاهه ولي الله جي تعليم

شاھہ ولي ﷲ جي تعليم

شاھہ ولي جي تعليم (ڪتاب): هيءُ ڪتاب غلام حسين جلباڻيءَ جو تصنيف ڪيل آهي، جنهن ۾ شاھہ ولي جي سوانح سان گڏ سندس تعليم ۽ تصنيفن بابت تفصيلي معلومات آهي. ڪتاب تفصيلي مقدمي کان سواءِ يارهن بابن تي مشتمل آهي. مقدمي کان پوءِ پهرين باب ۾ قرآن مجيد جي ڪيل فارسي ترجمي ۽ تفسير تي روشني وڌي وئي آهي. باب ٻئي ۾ حديث بابت جيڪي بہ سندس تصنيفون آهن، تن تي روشني وڌي وئي آهي. باب ٽئين ۾ فقھ بابت تصنيفن تي، باب چوٿين ۾ تصوف بابت تصنيفن تي، باب پنجين ۾ نبوت بابت سندس مڙني تصنيفن تي، باب ڇهين ۾ شريعت بابت سندس تصنيفن تي، باب ستين ۾ سياست بابت سندس مڙني تصنيفن تي، باب اٺين ۾ ارتفاقات بابت مڙني تصنيفن تي، باب نائين ۾ موت کان پوءِ جي حالتن بابت تصنيفن تي، باب ڏهين ۾ فلسفي بابت مڙني تصنيفن تي ۽ باب يارهين ۾ سندس ڪلام تي روشني وڌي وئي آهي.
پيش لفظ ۾ علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي لکي ٿو ته، “زير نظر ڪتاب ‘ جي تعليم'>شاھہ ولي جي تعليم’ کي منڍ کان وٺي پڇاڙي تائين هڪ نقاد جي حيثيت سان نظر مان ڪڍيم، جو نيٺ هن نتيجي تي پهتس تہ اهڙو مجموعو اڄ تائين سنڌيءَ کان سواءِ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نہ ملندو. ان ۾ شاھہ صاحب جي نہ رڳو ڇاپي هيٺ آيل ڪتابن مان استفادہ ڪيو ويو آهي، پر اڻ ڇپيل نادر ڪتابن جو پڻ نچوڙ ڏنو ويو آهي ۽ ان سان گڏ هر ڳالھہ لاءِ سند پيش ڪئي وئي آهي، جنهنڪري شاھہ صاحب تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ وڏي سهولت پيدا ٿي پئي آهي.”
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 320 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد طرفان 1961ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 6 روپيا آهي.


لفظ شاھہ ولي ﷲ جي تعليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو