شاهه ولي الله دهلوي

شاهه ولي الله دهلوي

شاھہ ولي ﷲ دهلوي

شاھہ ولي دهلوي: ننڍي کنڊ جي نامور جيد عالم دين محدث، فقيھ، مجتهد ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جي مصنف شاھہ ولي اللهرح جو اصل نالو ابو الفياض قطب الدين احمد بن ابو الفيض شاھہ عبدالرحيم بن شاھہ وجيھ الدين بن معظم العمري الدهلوي هو. شاھہ ولي قطب الدين احمد جو نسب ڏاڏاڻي طرف کان اٺاويهين پيڙهيءَ ۾ حضرت عمر فاروق رضہ سان ملي ٿو ۽ ناناڻي طرف کان حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام سان ملي ٿو. هن جي ولادت کان پهرين سندس والد شاھہ عبدالرحيم کي غيبي اشارو ٿيو تہ مولود جو نالو قطب الدين احمد رکجو. جڏهن 4 شوال المڪرم 1114ھہ/10 فيبروري 1703ع تي صبح صادق جي وقت ڦلت ضلعي مظفر نگر، هندستان ۾ شاھہ عبدالرحيم کي پٽ ڄائو. سندس والد سندن نالو قطب الدين احمد ۽ شاھہ ولي رکيو. هوش سنڀالڻ کان پوءِ مڪتب ۾ ويٺو ۽ ستن سالن جي عمر ۾ والد کيس روزي ۽ نماز جو پابند بڻايو. ستن سالن جي عمر ۾ ئي حافظ قرآن هجڻ جو شرف حاصل ڪيائين ۽ ان کان پوءِ عربي ۽ فارسي جي تعليم شروع ڪيائين. ڏهين سالشرح ملاجامي‘ بہ پڙهي ورتائين. کيس ڪتابن جي مطالعي جو وڏو شوق هوندو هو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ شادي ٿيس ۽ هڪ سال کان پوءِ والد جي هٿ تي بيعت ورتائين. صوفيه خصوصاً مشائخ نقشبندي شغل ۾ مشغول ٿي ويو. قرآن مجيد جو آسان ترجمو ۽ مفهوم پڻ والد کان پڙهيو. والد جي همت افزائي سان ٿوري عرصي ۾ ان زماني جا مروجه علوم عربيه، تفسير، حديث، فقھ، اصول فقھ، ادب، ڪلام، معاني، منطق، فلسفو، تصوف ۽ طب وغيرہ ۾ مهارت حاصل ڪري باقاعدہ سند ۽ تدريس جي اجازت حاصل ڪئي. صحاح ستھ جي سند حاجي شيخ محمد افضل کان حاصل ڪئي. سترهن سالن جي عمر ۾ 1131ھہ/1719ع ۾ والد جي شفقت کان محروم ٿيو. والد جي وفات کان پوءِ تقريباً ٻارهن سال دهليءَ ۾ درس ڏيندو رهيو. 1143ھہ/1730ع ۾ حج جي ارادي سان حجاز هليو ويو. حج ادا ڪرڻ کان پوءِ چوڏهن مهينا حرم شريف ۾ رهيو ۽ اتي جي مشائخن کان حديث جا ڪتاب پڙهيو. ‘صحيح بخاري’، ‘صحيح مسلم’، ‘جامع ترمذي’، ‘سنن ابي داؤد’، ‘سنن ابن ماجه’، ‘مسند احمد’، ‘مسند دارمي’، ‘جامع ڪبير’ وغيرہ شيخ ابو طاهر مدني کان، ‘اطراف ڪتب ستھ’، ‘موطا امام محمد’، ‘کتاب الآثار’ وغيرہ شيخ تاج الدين قلعي حنفي مفتي مڪي واري کان، ‘موطا امام مالڪ’ ٽي دفعه شيخ ابو طاهر، شيخ تاج الدين ۽ شيخ وفد کان پڙهيو، آخر ۾ الشيخ عبدالله بن سالم البصري کان حديث جي سند جي اجازت حاصل ڪئي. واپسيءَ جي وقت شاھہ ولي الله، شيخ ابو طاهر کي چيو ته، جيڪو بہ مون پڙهيو هو، سو سڀ وساري ڇڏيم، صرف دين جو علم ياد آهي.
هي رجب المرجب 1145ھہ/ڊسمبر 1732ع تي واپس دهلي پهتو. سفر حج ۾ شاھہ ولي الله، ابن اثير جي ناياب تصنيف ‘النهايه في غريب الحديث والاثر’ جو قلمي نسخو ٽي سؤ روپين ۾ خريد ڪيو، اهو نسخو دارالعلوم ديوبند جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. دهلي واپس اچي پنھنجي والد جي درسگاھہ ‘مدرسھ رحيميھ’ ۾ درس و تدريس ڏيڻ لڳو، هر فن جي تعليم لاءِ هڪ هڪ استاد تيار ڪيو هئائين ۽ متعلقه فن/ علم جي تعليم ان استاد جي ذمي هوندي هئي، خود معارف جي بيان ۽ اسرار دين جي تشريح ۾ مصروف رهندو هو. حديث پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کان پوءِ مراقبو ڪندو هو ۽ جيڪو قلب تي منڪشف ٿيندو هو، سو هڪدم قلمبند ڪندو هو. جڏهن شاگردن جو تعداد وڌي ويو ۽ درسگاھہ رحيميھ ناڪافي ثابت ٿي تہ محمد شاھہ مغل بادشاھہ ڪوچه چيلان ۾ هڪ عاليشان ۽ وسيع حويلي شاھہ ولي جي حوالي ڪئي. شاھہ ولي اتي درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيو.
عمر جي آخري ايامن تائين درس و تدريس ۽ تصنيف و تاليف ۾ بسر ڪري 61 سالن جي عمر ۾ 29 محرم الحرام 1176ھہ/20 آگسٽ 1762ع تي ظھر جي وقت وفات ڪيائين.
شاھہ ولي جي پهرين شادي پنھنجي مامي شاھہ عبيدالله جي صاحبزاديءَ سان ۽ ٻي شادي 1157ھہ/1744ع ۾ مولوي سيد حامد سوني پتيءَ جي نياڻيءَ سان ٿي. ٻي گهر واريءَ جي بطن مان کيس چار فرزند پيدا ٿيا. (1) شاھہ عبدالعزيز، (2) شاھہ رفيع الدين، (3) شاھہ عبدالقادر ۽ (4) شاھہ عبدالغني. انهن چئني پنھنجي والد گراميءَ کان سند حاصل ڪئي ۽ علوم جي تڪميل ڪئي هئي.
شاھہ ولي کي عربي ۽ فارسي تي گهڻو عبور حاصل هو ۽ کيس عربي ۽ فارسي ۾ شعر و سخن جو بہ ذوق هو. سندس عربيءَ ۾ هڪ قصيدو آهي جيڪو ‘قصيده اطيب النغم’ جي نالي سان مشھور آهي ۽ فارسي شعرن جو ذڪر ‘ڪلمات طيبات’ جي آخر ۾ آهي.
شاھہ ولي جون تصنيفون ديني علمن ۾ روشني جي مينار وانگر آهن ۽ ننڍي کنڊ جي سر زمين تي ديني علمن جا جيترا بہ سلسلا جاري ٿيا، تن ۾ اڪثر شاھہ ولي جي ئي فيض کان فيضياب هئا. قرآن مجيد جا ترجما ۽ حديث جي تعليم سندس علمي ڪوششن جي ڪري اشاعت پذير ٿيون. علمي، تصنيفي ۽ تدريسي ڪمن سان گڏ طوائف الملوڪي جي ان دور ۾ مسلمانن جون سياسي خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون. مرهٽن جي سرڪوبي لاءِ احمد شاھہ ابدالي کي سڏڻ، ان سلسلي جي سڀ کان اهم ڪڙي آهي.
شاھہ ولي جون تصنيفون: سندن تصنيفون ديني علمن جي تقريباً هر موضوع مثلاً قرآن، حديث، فقھ، اصول، فقھہ، ڪلام، تصوف، تاريخ، سيرت، اسرار شريعت وغيرہ تي موجود آهن. سندس تصنيفن جي موضوعاتي فهرست هيٺ ڏجي ٿي.
علم تفسير:
(1) فتح الرحمان بترجمه القرآن (قرآن جو فارسي ترجمو).
(2) الفوز الڪبير في اصول التفسير (فارسي ۾ اصول تفسير تي پر مغز ڪتاب، جنهنجو عربي ترجمو قاهره مان ڇپجي چڪو آهي.)
(3) فتح الخبير في ما لابد من حفظھ في علم التفسير (عربي ۾ قرآن مجيد جي مشڪل لفظن جي تشريح)
(4) تاويل الاحاديث في رموز قصص الانبياء و المرسلين (عربيءَ ۾ انبياء ڪرام جا قصا ۽ ذڪر.)
(5) المصطفيٰ شرح المؤطا: (امام مالڪ جي حسب جي مشھور ڪتاب ‘المؤطا’ جو فارسي شرح)
(6) المسوي شرح المؤطا: (حديث بابت) امام مالڪ جي حديث جي مشھور ڪتاب المؤطا جو عربي شرح.
علم حديث:
(7) حجة البالغة: (عربيءَ ۾ فقھ، اسرار شريعت ۽ تصوف کان سواءِ حديثن جي هڪ اهم زخيري جي علمي ۽ عقلي تشريح).
(8) شرح تراجم ابواب بخاري؛ (عربيءَ ۾ امام بخاري، ‘صحيح بخاري’ ۾ حديثن تي جيڪي عنوان قائم ڪيا آهن، تن جي حل بابت)
(9) تراجم بخاري: (عربيءَ ۾ صحيح بخاري جي تفصيلي تشريح بابت)
(10) الارشاد الي مهمات علم الاسناد: (عربيءَ ۾ شاھہ ولي پنھنجي استادن، مشائخن ۽ شيخن جو ذڪر ڪيو آهي.)
(11) الاربعين: (عربيءَ ۾ حضرت امام علي ڪرم وجهه کان روايت ڪيل چاليھہ حديثن تي مشتمل)
(12) الفضل المبين في المسلسل من حديث النبي الامين؛ (عربيءَ ۾ فن حديث بابت هي مختصر رسالو آهي ۽ هي ‘مسلسلات’ جي نالي سان بہ مشھور آهي.)
(13) النوادرمن احاديث سيد الاوائل والاواخر: (عربي ۾ حديث بابت تفصيلي تشريح)
(14) الدر الثمين في مبشرات النبي الامين: (عربيءَ ۾ انهن خوابن تي مشتمل جن ۾ شاھہ ولي سرور ڪائنات جي زيارت ڪئي.)
اصول فقھ:
(15) الانصاف في بيان سبب الاختلاف: (عربيءَ ۾ هي اصول فقھ تي بھترين ڪتاب آهي جيڪو بيروت مان ڇپجي چڪو آهي.)
(16) عقدالجيد في احڪام الاجتهاد و التقليد؛ (عربيءَ ۾ فقھ جي اصول تي).
عقائد و ڪلام:
(17) ازالة الخفاعن خلافة الخلفا: (فارسيءَ ۾ خلفاءِ راشدين تي مشتمل)
(18) قرة العينين في تفضيل الشيخين: (فارسيءَ ۾ خلفاءِ راشدين تي مشتمل)
(19) حسن العقيده؛ (عربيءَ ۾ اسلام جي بنيادي عقيدن بابت بمطابق مسلڪِ اهلسنت)
(20) تحفة الموحدين؛ (فارسي ۾ توحيد بابت)
تصوف:
(21) الطاف القدس: (فارسيءَ ۾ تصوف بابت)
(22) همعات: (فارسيءَ ۾ تصوف ۽ اهل تصوف جي احوال ۽ ورد ۽ وظائف تي مشتمل)
(23) سطعات: (فارسيءَ ۾ تصوف بابت لاجواب تصنيف)
(24) شرح رباعيتين: (فارسي ۾ تصوف تي)
(25) القول الجميل في سواء السبيل (عربيءَ ۾ پر مغز تصوف بابت تفصيلي تشريح)
(26) الانتباھہ في سلاسل اولياء : (فارسيءَ ۾ تصوف جي اوليائين جي سلسلن بابت)
(27) فيوض الحرمين (عربيءَ ۾ تصوف تي لکيل ڪتاب، جيڪو حجاز ۾ دوران حج لکيو ويو.)
(28) هوامع شرح حزب البحر: (فارسيءَ ۾ تصوف بابت)
تصوف ۽ ڪلام:
(29) الخير الڪثير (عربيءَ ۾ فلسفي، طبيعيات، تصوف ۽ حڪمت الاشراق بابت)
(30) البدور البارعة (عربيءَ ۾ ديني فلسفي ۽ شريعت جي اسرارن بابت)
سيرت و تاريخ:
(31) اطيب النغم في مدح سيد العرب والعجم: (عربيءَ ۾ شاھہ ولي جي نعتيه قصيدن جو مجموعو)
(32) سرور المحزون في سيرت النبي المامون: (فارسيءَ ۾ سيرت النبي بابت، جيڪو ابن سيد الناس جي ڪتاب ’نور العيون‘ جو خلاصو آهي)
(33) انفاس العارفين: (هي ڪتاب فارسيءَ ۾ ستن رسالن تي مشتمل آهي. جيڪي هي آهن:
(الف) بوارق الولاية (شاھہ ولي جي والد شاھہ عبدالرحيم جي احوال بابت)
(ب) شوارق المعرفة (سندن چاچي شيخ ابو الرضا محمد جو احوال)
(ج) الامداد في ماثر الاجداد (شاھہ ولي جي خاندان جو احوال)
(د) النبذة الابريزية في اللطيفة العزيزيھ (شاھہ ولي جي جد اعليٰ شيخ عبدالعزيز دهلوي جو احوال)
(ھہ) العطية الصمدية في انفاس المحمديھ (شاھہ ولي جي ناني شيخ محمد ڦلتي جو احوال)
(و) انسان العين في مشانخ الحرمين: (انهن شيخن جو احوال جن کان حرمين ۾ شاھہ ولي فيض پرايو)
(ز) الجزء اللطيف في ترجمة العبد الضعيف: (هي شاھہ ولي جي خود نوشت سوانح حيات آهي)
متفرقات:
(34) التفهيمات الاهية (عربي فارسي ۾ گڏيل مصنف جي قلبي واردات ۽ وجداني مضمونن تي مشتمل هي ڪتاب بن جلدن تي مشتمل آهي)
(35) المقالة الوضية في النصيحة والو صية (هي مصنف جو وصيت نامو آهي)
(36) رساله دانشمندي: (تدريس ۽ مطالعي بابت مختصر ۽ پُرمغز معلومات)
مڪاتيب:
شاھہ ولي جي مڪاتيب جو تعداد تمام گهڻو آهي، پر اهي سڀ ناهن ڇپيا. الڳ الڳ نالن سان جيڪي ٿورا شايع ٿيا آهن، تن جو تفصيل هي آهي:
(37) مڪتوب مدني: (عربيءَ ۾ مڪتوب آهن ۽ اهي ‘فيصله وحدت الوجود والشهود’ جي نالي سان بہ شايع ٿيا آهن)
(38) مڪتوب معارف (عربيءَ ۾ مڪتوب)
(39) مڪتوبات مع مناقب امام بخاري و ابن تيميه (فارسي)
(40) شاھہ ولي جا سياسي مڪتوبات (فارسي)
(41) ڪلمات طيبات (فارسي)
غير مطبوعه تصنيفون:
(42) اتحاف النبيھ فيما يحتاج اليھ المحدث والفقيھ (عربيءَ ۾ حديث جي علم بابت)
(43) شفاء القلوب (تصوف تي فارسيءَ ۾)
(44) زهراوين (سوره بقرهءِ آل عمران جو تفسير)
(45) المقدمة السنية (مجدد الف ثانيءَ جي هڪ رسالي جو عربي ترجمو پنھنجي استاد شيخ ابو طاهر جي فرمائش تي 1144ھہ/1731ع ۾ ڪيائين)
(46) لمعات؛ (فارسيءَ ۾ تصوف بابت)
(47) فتح الودود المعرفة الجنود (عربيءَ ۾ تصوف ۽ اخلاق بابت)
(48) عوارف (عربيءَ ۾ تصوف بابت)
(49) فيض عام (متفرفات).
(حوالو: اردو دائره معارف اسلاميه، جلد 23، ص 39 تا 46)
شاھہ ولي دهلويءَ جا ڪيترا ڪتاب سنڌي زبان ۾ پڻ ترجمو ٿي چڪا آهن ۽ سندن فڪر ۽ فلسفي بابت پڻ ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. خاص ڪري شاھہ ولي اڪيڊمي حيدرآباد، ان ڏس ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي.


لفظ شاھہ ولي ﷲ دهلويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1703.02.10  عيسوي

شاهه ولي الله دهلوي 4 شوال المڪرم 1114هه/10 فيبروري 1703ع تي صبح صادق جي وقت ڦلت ضلعي مظفر نگر، هندستان ۾ڄائو.


1762.08.20  عيسوي

شاهه ولي الله دهلوي 61 سالن جي عمر ۾ 29 محرم الحرام 1176هه/20 آگسٽ 1762ع تي ظهر جي وقت وفات ڪيائين.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير الاهي بخش انصاري محبوب الاهي
عبدالحڪيم مولانا
زخائو ايڊورڊ
سيد حيدر شاھہ1
عبدالقيوم ميراڻي پروفيسر ڊاڪٽر
طيباڻي والي ڏنو فقير
حافظ علي محمد آخوند
ٿرائي ميون محمد مبين
طارق جميل سوهو
در محمد نوناري مولانا
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون