شاھہ ولي ﷲ ۽ ان جي سياسي تحريڪ (ڪتاب): هن ڪتاب جو سنڌي مترجم مولوي عبدالقادر لغاري (احمداڻي) آهي ۽ 1975ع ۾ شايع ٿيو آهي. هي ڪتاب اصل ۾ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو عربيءَ ۾ لکيل هو، جيڪو هن وقت ناپيد آهي. ڪتاب جو مکيہ مقصد شاھہ ولي ﷲ جي فلسفي موجب سياسي تحريڪ تي مفصل روشني وجهڻ ۽ ان جو هر زاويي کان احاطو ڪرڻ هو. ڪتاب ۾ تحريڪ جو اول کان وٺي آخر تائين احوال ‘ريشمي رومال جو راز’ ۽ ‘بالاڪوٽ جي شھيدن تائين’ حالتن جو جائزو ورتل آهي.
ڪتاب جي منڍ ۾ مولوي عبدالقادر لغاريءَ جي لکيل سوانح حيات شامل آهي، جنهن مان پتو پوي ٿو تہ هن مولانا عبيدالله سنڌي جي خلافت تحريڪ بابت ڪهڙي رخ کان ڪهڙي ريت مدد ڪئي. ڪتاب جي اصل عربي متن لکجي پوري ٿيڻ جو سال، 09 سيپٽمبر 1940ع درج ٿيل آهي.