شاھہ يقيق: بزرگ شاھہ عقيق، ڇهين صدي هجري/ ٻارهين صدي عيسويءَ ڌاري بخارا ۾ ڄائو، ٻن سالن جي عمر ۾ پنھنجي مائٽن سان گڏ پهرين هندستان ۽ پوءِ اُچ شريف ۾ وڃي رهيو، پاڻ اُچ جي سيد جلال الدين بخاري سرخ پوش جي اولاد مان هو. اُچ کان پوءِ حضرت خواجہ معين الدين چشتيءَ (1236-1142) جي حڪم سان ٺٽي ۾ دين جي تبليغ لاءِ اچي رهيو. ٽن سالن کانپوءِ سندس والد ۽ والدہ وفات ڪري ويا. ان کانپوءِ هيءُ ٻن ڀائرن ۽ ڀينرن سان رهڻ لڳو، جتي وڌيڪ تعليم پرايائين. شاھہ يقيق مختلف مزارن تي فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ويندو رهيو. هن ميين عثمان کان بہ درس ورتو. 18 سالن جي عمر ۾ سندس شادي سندس استاد ميين عثمان جي ڌيءَ سان ٿي، جنهن وقت سندس نڪاح پئي پڙهيو ويو تہ وچ ۾ ڀر واري ڳوٺان هڪ بيوھہ عورت فرياد کڻي آئي تہ ڌاڙيل منهنجي پٽ کي اغوا ڪري ويا آهن ۽ اڌ رات تائين وڏي رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪيو اٿن. ٻيءَ صورت ۾ منهنجي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيندا. فريادي عورت کي شاھہ عقيق جي ڀائرن ۽ دوستن سمجهائي واپس موڪلڻ پئي چاهيو، پر فريادي عورت واپس ويندي چيو تہ توهان ڀلي شاديءَ جون خوشيون ملهايو، مان ماتم ڪرڻ وڃان ٿي. شاھہ عقيق اهو ٻڌي حق جو نعرو هڻي اٿي کڙو ٿيو ۽ فريادڻ سان گڏجي هليو ويو ۽ ڌاڙيلن سان وڙهندي شھيد ٿي ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب سندس شهادت 854 ھہ (1450ع) جي شروع ۾ ٿي. سندس مقبرو چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾ آهي، جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي ۽ ٻارهوئي اتي عقيدت مندن جا ميڙ لڳا پيا هوندا آهن.