شاهه يقيق جي درگاهه

شاهه يقيق جي درگاهه

شاھہ يقيق جي درگاھہ

شاھہ يقيق جي درگاھہ (ماڳ): شاھہ عقيق جي مزار چوهڙ جماليءَ کان اٺ ڪلوميٽر فاصلي تي ڪچو مڙهو ضلعي ٺٽي ۾ آهي. هي بزرگ ميين عثمان جو همعصر هو. مزار تي روضو پڪو ٺهيل آهي، هتي هر سال 11 جمادي الاول تي ٽن ڏينهن تائين ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ ڪراچي، ملبار، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ کان بزرگ جا مريد اچي شريڪ ٿيندا آهن. شاھہ يقيق جي مقبري کان ڪجهہ فاصلي تي سندس ڀاءُ مير عبدالله عرف ٽلڻ شاھہ جو مقبرو آهي. هن درگاھہ تي اڪثر عقيدتمند درگاھہ جي چؤگرد ڦرندا ۽ دانهون ڪندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو