شاھہ پريان: مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي جڳ مشھور تاليف ‘مڪلي نامہ’ ۾ شاھہ پريان جو ذڪر ڪيو آهي. قانع هي مختصر ڪتاب 1174 ھہ/ 1761ع ۾ لکيو. سيد حسام الدين راشدي جنهن هي ڪتاب ايڊٽ ڪيو ۽ ان تي وضاحتي حاشيا لکيا، ‘شاھہ پريان’ متعلق نهايت ڏک مان لکيو آهي ته، ”شاھہ پريان جو قصو پراڻو آهي، جنهن کي ٻہ سئو ورهيہ گذري چڪا آهن، پر شاھہ پريان جو آستان اڄ بہ موجود آهي، جيڪو هن وقت ويران ڀڙڀانگ ۽ بي آب و گياھہ، بي رونق ۽ اتي جو ماحول دل ۽ دماغ تي ڏاڍي اداسي ۽ مايوسي پيدا ڪندڙ آهي. هتي ڪو ڏکايل اچي ڏک لاهي سو تہ خير، پاڻ غمن جا انبار کڻي ويندو ۽ وساريل سور جاڳي پوندا. پٿر جي بي ڊول ٽوٽن جي ڪچيءَ حد بنديءَ اندر، ڪکائين اڌ ڇنل ڇپر جي اوٽ هيٺ، ٽي لاوارث ۽ اداس قبرون آهن. پر ٻہ سئو ورهيہ اڳ جي ڳالھہ آهي ته، اها ڏکايل ۽ ويران جاءِ ڏاڍي متبرڪ جاءِ شمار ڪئي ويندي هئي، اتي ڳچيءَ ۾ ڳارو پائي حاضري ڏبي هئي، ۽ اهو شاھہ پريان جو آستان هو. انهيءَ حد اندر ڪنهن کي مجال ڪانہ هئي، جو لاغرضائيءَ سان لنگهي اچي.“
شاھہ پريان جو آستان ڪنهن زماني ۾ زناني زيارت لاءِ مخصوص هو، هر هفتي خميس جي ڏينهن هتي عورتن جو ميلو لڳندو هو. مردن جي ميلي ۽ زيارتن لاءِ مڪليءَ جي مقام ۾ ڪيئي خانقاهون ۽ درگاهون هيون. عورتن هي آستان پنھنجي لاءِ مخصوص ڪيو هو. شاھہ پريان جي آستاني تي اهي عورتون اچي باسون باسينديون هيون. سکائون ڪنديون هيون ۽ دل جون مرادون حاصل ڪنديون هيون. اڳتي هلي اهو شاھہ پريان جو آستان اهڙو تہ ويران ٿيو، جو اڄ تائين آباد ناهي ٿيو.“
شاھہ پريان نالي آستاني ۾ ڪنهن جون قبرون آهن، انهيءَ جو ڪنهن کي پتو ڪونه آهي. ‘مڪلي نامہ’ کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ ڪتاب ۾ انهيءَ آستان جو ذڪر نہ ٿو ملي. بهرحال قرين قياس اهو آهي تہ اهي شاھہ پريان جي نالي سان ٽي قبرون ڪن پاڪباز مستورات جون هونديون. واضح ڪندو هلجي تہ انهي ساڳئي نالي ‘شاھہ پريان’ سان ايران ۾ بہ هڪ زيارتگاھہ آهي، جيڪا پڻ ساڳيءَ طرح عورتن لاءِ مخصوص آهي. (مڪلي نامه، ص 234-236)