شاهه پور اعظم

شاهه پور اعظم

شاھہ پور اعظم

شاھہ پور اعظم: ايران جي حڪمران، ساساني گهراڻي (226- 652ع) جي مشھور بادشاھہ پور اعظم'>شاھہ پور اعظم، 309ع کان 379ع تائين، ستر سال ايران تي حڪومت ڪئي. هُو ساساني گهراڻي جو نائون نمبر، مشھور ۽ خوشقسمت بادشاھہ ٿي گذريو، جنهن پنھنجي دور ۾ رومي سلطنت سان وڏيون جنگيون وڙهيون، ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ رومين کي صلح تي مجبور ڪيو. پور اعظم'>شاھہ پور اعظم پنھنجي والد جي وفات بعد بادشاھہ بڻيو تہ سندس عمر ننڍي هئي، جنهنڪري سلطنت جو ڪاروهنوار ايستائين سندس ماءُ هلايو، جيستائين هو وڏو ٿيو. جڏهن پور اعظم'>شاھہ پور اعظم بادشاھہ هو، تڏهن ايران ۽ رومي سلطنتن جا جهيڙا هلندڙ هئا. پور اعظم'>شاھہ پور اعظم انهن ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڳچ جنگين کان پوءِ رومين ۽ ايرانين ۾ هيٺين شرطن تي صلح جو معاهدو ٿيو: (1) رومي حڪومت اهي پنج صوبا واپس ڪري جيڪي، قيصر ڊيوڪليشن، ايراني بادشاھہ نرسيءَ کان ورتا هئا. (2) نصيبين ۽ بخارا بہ ايران کي ڏنا ويندا. (3) اوڀر جي ندين جو علائقو ايرانين جي تسلط ۾ رهندو. (4) آرمينيا مان رومي نڪري ويندا.
شاھہ پور اعظم جي دور ۾ ٿيل جنگين سبب، رومي شهنشاهت کي گهڻو نقصان پهتو ۽ اُها زوال پذير ٿي وئي. مرزا مقبول بيگ موجب، هَن قبيلن کي مطيع ڪرڻ کان پوءِ پور اعظم'>شاھہ پور اعظم هند ۽ سنڌ جو رُخ ڪيو. هُن هتان جي حاڪمن کي آسانيءَ سان زير ڪيو، جنهنڪري ايران کي هند ۽ سنڌ مان خراج ملڻ شروع ٿيو. (تاريخ ايران، اردو، جلد اول، شاھہ پوراعظم جو بيان). ايڇ. ٽي ليمبرڪ پڻ هن دور ۾ سنڌو ماٿر تي ايراني بالادستيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. (‘سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ’، انگريزي، ص 128) تاريخدانن، پور اعظم'>شاھہ پور اعظم جي دور جي گهڻي ساراھہ ڪئي آهي. هڪ تہ هن رومي سلطنت کي ڪمزور ڪيو ۽ ٻيو مختلف فتحن ذريعي پنھنجي سلطنت کي وڌايو. هن ايراني عوام جي ڀلي لاءِ گهڻائي ڪم ڪيا.
هو هڪ دانشمند ۽ دلير بادشاھہ هو. ڪيترائي رستا، واھہ، شھر ۽ باغ بستان، پور اعظم'>شاھہ پور اعظم جي نالي سان منسوب آهن، جيڪي ايران ۽ قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ تعمير ٿيا. شاھہ پوراعظم ڊگهو عرصو حڪمراني ڪرڻ کانپوءِ 379ع ۾ فوت ٿيو.


لفظ شاھہ پور اعظمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو